شاعري

اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

”تبسم خواص جو پسنديده ٻالڪ بڻجڻ بدران عوام جو دلپسند دوست بڻجي ويو آهي. توهان ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ ريتي کان کيرٿر جي پهاڙي سلسلن تائين جتي به ويندا، اتي خوبصورت آوازن جو روپ وٺي تبسم جي شاعري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندي نظر ايندي. تبسم لفظن کي معنائن جا انوکا رنگ اوڍائي هڪ پاسي سونهن، ادائن، اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جي اڻ مٽ احساسن کي امرتا بخشي آهي ته ٻئي طرف اجتماعي تذليل، قومي غلامي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بي مقصديت جي منظر ڪشي پڻ اهڙي ته موثر انداز ۾ ڪئي آهي جو هڪ عالم کان وٺي اُميءَ تائين هر شخص آسانيءَ سان سندس اضطراب ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. هن پنهنجي تخيل کي ڳوڙهن محاورن ۽ ڳجهارتن جو محتاج ڪرڻ بدران عوامي ٻوليءَ جي سلوڻائپ ۾ اوتي پنهنجي آواز کي سرحدن جو قيدي نه بڻايو آهي.“
Title Cover of book اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

وقت سُريت ۽ مان

وقت سُريت ۽ مان

ڪو ٽمڪي ڏيئڙو اڃان،
۽ جهمڪي جيئڙو اڃان،
ڪنهن بيد مشڪ ڏار تي،
ٿو چهڪي چيهڙو اڃان،
ڪا گاج گونجي گهاٽ تي،
آ واءُ وڏڦڙو اڃان.
ڪنهن سونهن جي سروپ تي،
مچي ٿو هينئڙو اڃان.
آوارگين ۾ سوچيان ٿو،
ڪنهنجو هڻان ڪڙو اڃان.
اڃان اڃان اڃان ته هيءُ،
جيءُ ڄڻ جوان آ!

او واءُ هُن سميت آءُ
ساءُ، سِڪ سڙيو اڃان،
ڀؤنر ڀؤنر ٿو ڀري،
اکين جو اولڙو اڃان،
۽ ڳاڙهي ڳل ڳٽول جو،
لُڀائي موهيڙو اڃان،
نڪور سنگ نينهن جو،
آ کيت ۾ کڙو اڃان،
تون ڇرڪ ڀر نه ڇوڪري،
وڌاءِ سِڪَ وڙو احسان.
اڃان اڃان اڃان ته هيءُ،
جيءُ ڄڻ جوان آ!

هي مست مند مورڇل،
تون ڀَر گُجرِ گهڙو اڃان،
ڪا سورِ ٻانهن سهنج ۾،
ڪا ڀاڪي لوهيڙو اڃان.
چائنٺ تي چنڊ آ کڙو،
ته چپ ڇو آ چڙو اڃان.
ڪي پير کڻ او پدمڻي،
پٿارِ تون پڙو اڃان.
ڇُلي ٿي رات شبنمي،
۽ تاس ڀي تڙو اڃان.
اڃان اڃان اڃان ته هيءُ،
جيءُ ڄڻ جوان آ!

اُداسين جي اوهه ۾،
ڪنهن آس جي انبوهه ۾،
اڃان حيات ٿي ڊڪي،
هُن راهبر جي روه ۾،
هي ڊوه، موه جو نشو،
گشو سڄي گروه ۾.
سراب ئي سراب آ،
ڇو بي مزي رباب ۾،
آ تاس اڄ به اوتري،
جا پياس اڳ هئي جيتري،
آءُ اوري آءُ پوپري،
آ موج مينهڙو اڃان.
اڃان اڃان اڃان ته هيءُ،
جيءُ ڄڻ جون آ!

مگر جڏهن مان جهُور ٿيان،
پنهنجي وهيءَ جو پُور ٿيان،
تڏهن منهنجي سُريت تون،
خود ئي ملڻ ڇڏي ڏجانءِ،
جو تنهن عمر ۾ شوق جو،
شعور ڀي نٿو رهي،
اَلولين جو ايترو
سُرور ڀي نٿو رهي،
ائين ڀي ناهي جو اسان،
وڇوڙي جي هراس کان،
نه الوداع چئي سگهون،
نه ئي ڪي پنهنجيون هڪٻئي ۾،
اهڙيون هجتون رهيون،
جو اڻ گهُريا ۽ اڻ وڻيا،
ڪي فيصلا مڙهي سگهون.
نه ڪو وري ائين آ جو،
وڇوڙي جي خلش کنيون،
اسان نه هوند جي سگهون.
ڪڏهن ۽ ڪنهن به زاويي کان
ياد ٿئي جو اهڙو پنهنجو
سلسلو جڙيو هجي،
نه تون ئي مَن گهرئي جيان،
ڪي چاهتون وتيون ڪڏهن
نه مان ضرورتن کانپوءِ
توکي پنهنجا اڻ ڳڻيا
ڪي بوسا ڏئي سگهيو هجان،
او گل پري!
اسان ٻئي
ڇتي شباب عهد ۾،
پنهنجي وجود جي مٽي،
بنا ڪنهن من ملاپ جي،
بغير امتزاج جي،
ائين لُٽايون ٿا مگر،
ڪسَڪَ ته دل ۾ ٿي رهي،
هَوسَ جي بي چَينُ
خواهشن کي بند ڏئي ڪري
سرير جي سنٻنڌ کي
اٽوٽ ڳنڍِ ڏئي ڇڏيون،
حريص ديد جا اي ڪاش
اهڙا ديده ور هجون؟
جو نسل جون امانتون،
فخر مان ڏئي وٺي سگهون
۽ خود سپردگيءَ کانپوءِ،
وجود جي حصار ۾
منهنجين رفاقتن جون تون
حفاظتون ڪندي وتين،
ڇٺيءَ جي رات
ماڻَ مان،
وڏي ڪنهن ميڙ جي اڳيان
اسان حلالي ٻار کي
ڪو ٽهڪي نانءُ ڏئي سگهون
اڃان اڃان ڀي هيءُ
جيءُ ڄڻ جوان آ.....



* وڙو: مٺائيءَ جو قسم، * مورڇل: مور جي پرن مان ٺهيل پَکو، وِڃڻو،
* امتزاج: ميلاپ، ٻن شين جو ملڻ، گڏجڻ، * ڪَسڪَ: خواهش، آس