شاعري

اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

”تبسم خواص جو پسنديده ٻالڪ بڻجڻ بدران عوام جو دلپسند دوست بڻجي ويو آهي. توهان ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ ريتي کان کيرٿر جي پهاڙي سلسلن تائين جتي به ويندا، اتي خوبصورت آوازن جو روپ وٺي تبسم جي شاعري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندي نظر ايندي. تبسم لفظن کي معنائن جا انوکا رنگ اوڍائي هڪ پاسي سونهن، ادائن، اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جي اڻ مٽ احساسن کي امرتا بخشي آهي ته ٻئي طرف اجتماعي تذليل، قومي غلامي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بي مقصديت جي منظر ڪشي پڻ اهڙي ته موثر انداز ۾ ڪئي آهي جو هڪ عالم کان وٺي اُميءَ تائين هر شخص آسانيءَ سان سندس اضطراب ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. هن پنهنجي تخيل کي ڳوڙهن محاورن ۽ ڳجهارتن جو محتاج ڪرڻ بدران عوامي ٻوليءَ جي سلوڻائپ ۾ اوتي پنهنجي آواز کي سرحدن جو قيدي نه بڻايو آهي.“
Title Cover of book اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

او سرحدن جا چنڊ! اڳيان انڌ ڪيترا!؟

او سرحدن جا چنڊ! اڳيان انڌ ڪيترا!؟
ويڇن جا سمونڊ، پار اڃان پنڌ ڪيترا!؟

بارود جي ڀراءَ ۾ وڙاءَ شعاع جا،
ويڙهاند پر نه ڄاڻان گهُري ڪنڌ ڪيترا.

دُکُ ٽامڻيو ته گورَ مچي پيا هيانءَ ۾،
سِڪ سنجري ته سُور سَڃيا سَنڌَ ڪيترا.

هُن شاهه جي تنبور تي ميران نچي ٿَڪي،
اي شيام! ڙي خيام! اڃان بند ڪيترا!؟

وِکَ ويسلا وڌائي لتاڙج مسافتون،
ڌوڻيندي ڌولِ منزلن تي ڌُنڌ ڪيترا.

صدين کان هڪ سوال ٿو چهنڊي شعور کي،
هن آتما جا جوڻ سان سُنٻنڌ ڪيترا؟

ڪنهن چَپَ ڪِنار کي ڪو رات چنڊ چَڪي ويو،
ڪا نارِ اَسُرَ ڌارِ، ڳنڌي ڳنڌ ڪيترا!؟

طوطو اُڏيو ته پن چڪيءَ چيو توت لامَ کي،
توکي ڦٽڻ کان اڳ ۾ ها آنند ڪيترا!؟

”تبسم“ هي جند هونئن ته کڻي سنڌ نه ساري پر،
سوٺيا سُتيءَ ۾ ماءُ سان سوڳنڌ ڪيترا.



* ميران ٻائي: هنديءَ جي وڏي ڪلاڪاره، شاعره، * شيام: هندستان ۾ سنڌيءَ جو وڏو شاعر، خيام: ايران جو ويٺل فارسيءَ ۾ رباعين جو وڏو شاعر، * ويسلا: اڻڄاڻ، غافل، * بند: مصرع، * ڌول: مِٽي،
* ڳنڌڻ: ويڙهڻ، ڳتڻ، * ڳنڌ: چوٽيون ڪرڻ، وڪوڙڻ، * آتما: بد روح، * سوٺيا: اقرار ڪيا، وچن ڪيا، * سوڳنڌ: قسم، واعدو.