شاعري

اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

”تبسم خواص جو پسنديده ٻالڪ بڻجڻ بدران عوام جو دلپسند دوست بڻجي ويو آهي. توهان ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ ريتي کان کيرٿر جي پهاڙي سلسلن تائين جتي به ويندا، اتي خوبصورت آوازن جو روپ وٺي تبسم جي شاعري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندي نظر ايندي. تبسم لفظن کي معنائن جا انوکا رنگ اوڍائي هڪ پاسي سونهن، ادائن، اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جي اڻ مٽ احساسن کي امرتا بخشي آهي ته ٻئي طرف اجتماعي تذليل، قومي غلامي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بي مقصديت جي منظر ڪشي پڻ اهڙي ته موثر انداز ۾ ڪئي آهي جو هڪ عالم کان وٺي اُميءَ تائين هر شخص آسانيءَ سان سندس اضطراب ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. هن پنهنجي تخيل کي ڳوڙهن محاورن ۽ ڳجهارتن جو محتاج ڪرڻ بدران عوامي ٻوليءَ جي سلوڻائپ ۾ اوتي پنهنجي آواز کي سرحدن جو قيدي نه بڻايو آهي.“
Title Cover of book اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

پاڻ ئي پنهنجا لڙڪ پيئان ٿو،

پاڻ ئي پنهنجا لڙڪ پيئان ٿو،
جهڙي تهڙي حال جيئان ٿو.

درد جا آڇين اُگرا پيالا،
مي پيالن جان مرڪي وٺان ٿو.

تون ڇو منهنجا ڳوڙها پيئندين؟
پنهنجي وِهه کي پاڻ ڳِھان ٿو.

پنهنجي واري ايندو رهجانءِ،
منهنجو وارو مان ته هلان ٿو.

هُنَ ڏي کنياتا، خوابَ کنيون وڃ،
ڪِرچيون اکِ جون ڪُل ميڙيان ٿو.

علميت جا اونداهه ادارا،
دروازن تان دَز ڇنڊيان ٿو.

آڳل پاڇل پاڻ سنڀالج،
ناوَ کي تنهنجي نانءِ ڪيان ٿو.

سوچون سِگريون لوچون ٽانڊا،
تانگهه تتيءَ ۾ تيئن تپان ٿو.

ڌرتي! تون جي دُودَ دُکين ٿي،
آئون به ”تبسم“ آڳ ٻران ٿو.

* کنياتا: نياپو کڻي ويندڙ، * اُگرا ڪوڙا ، سخت، * ڪرچيون : سنها ذرا ذرا ٿيل
* آڳيل : ٻيڙيءَ جو اڳيون حصو، * پاڇيل: ٻيڙيءَ جو پويون حصو، * ناوَ: ٻيڙي