شاعري

اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

”تبسم خواص جو پسنديده ٻالڪ بڻجڻ بدران عوام جو دلپسند دوست بڻجي ويو آهي. توهان ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ ريتي کان کيرٿر جي پهاڙي سلسلن تائين جتي به ويندا، اتي خوبصورت آوازن جو روپ وٺي تبسم جي شاعري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندي نظر ايندي. تبسم لفظن کي معنائن جا انوکا رنگ اوڍائي هڪ پاسي سونهن، ادائن، اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جي اڻ مٽ احساسن کي امرتا بخشي آهي ته ٻئي طرف اجتماعي تذليل، قومي غلامي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بي مقصديت جي منظر ڪشي پڻ اهڙي ته موثر انداز ۾ ڪئي آهي جو هڪ عالم کان وٺي اُميءَ تائين هر شخص آسانيءَ سان سندس اضطراب ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. هن پنهنجي تخيل کي ڳوڙهن محاورن ۽ ڳجهارتن جو محتاج ڪرڻ بدران عوامي ٻوليءَ جي سلوڻائپ ۾ اوتي پنهنجي آواز کي سرحدن جو قيدي نه بڻايو آهي.“
Title Cover of book اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

هڪ سرءُ رات ۾ سکيءَ جو گهر اُداس هو،

هڪ سرءُ رات ۾ سکيءَ جو گهر اُداس هو،
پن ڇڻ ۾ گهر پرينءَ بنا ويتر اُداس هو.

ٻيئي تاڪ ٻيڪڙيا رهيا کڙڪڻ جي آس ۾.
خاموش رات جو سڄو تاثر اُداس هو.

ڪا جوت ٽمڪي ۽ نه ئي فانوس ٿو ٻري،
هر شهر ڇا، سڄو ئي ڄڻ تر اُداس هو.

ڪا وِير، ڪپر کي چمڻ کان اڳ ٻڏي وئي،
هن ڪُمهلي وداع تي ساگر اُداس هو.

من ۾ ڀرين ٿو کوٽ ۽ وسڪين ٿو موهه تي،
اي منش تنهنجي ورش تي ايشور اُداس هو.

هو پاڻ ڪنهن صليب تي مرڪي چڙهي ويو،
ها پر يسوع جي گهاٽ جو نيئر اُداس هو.

جيون جي ڪوهيڙن ۾ جو وڇڙي ويو ساٿ کان،
ان پيرسن جو پوئتان نينگر اُداس هو.

فٽ پاٿ، گرجا، مندر، مسجد جي ٻاهران،
تذليل جي فراسَ تي بي گهر اُداس هو.

او چنڊ پيلا چنڊ! لهي درد پڇي وڃ،
سورج مُکيءَ جي کيت جان اندر اُداس هو.

* ڪمهلو: بي مهلو، اويلو، * پن ڇڻ : خزان، * وسڪڻ : هرکجڻ، * منش : انسان، * ورش : سڀاءُ، روش
* ايشور : خدا، ڀڳوان، * نيئر : زنجير، * فراس : ڏاس مان ٺهيل وڇائڻ جو ڪپڙو