شاعري

اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

”تبسم خواص جو پسنديده ٻالڪ بڻجڻ بدران عوام جو دلپسند دوست بڻجي ويو آهي. توهان ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ ريتي کان کيرٿر جي پهاڙي سلسلن تائين جتي به ويندا، اتي خوبصورت آوازن جو روپ وٺي تبسم جي شاعري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندي نظر ايندي. تبسم لفظن کي معنائن جا انوکا رنگ اوڍائي هڪ پاسي سونهن، ادائن، اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جي اڻ مٽ احساسن کي امرتا بخشي آهي ته ٻئي طرف اجتماعي تذليل، قومي غلامي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بي مقصديت جي منظر ڪشي پڻ اهڙي ته موثر انداز ۾ ڪئي آهي جو هڪ عالم کان وٺي اُميءَ تائين هر شخص آسانيءَ سان سندس اضطراب ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. هن پنهنجي تخيل کي ڳوڙهن محاورن ۽ ڳجهارتن جو محتاج ڪرڻ بدران عوامي ٻوليءَ جي سلوڻائپ ۾ اوتي پنهنجي آواز کي سرحدن جو قيدي نه بڻايو آهي.“
Title Cover of book اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

انتظارن ۾ دل جا دريچا کليل،

انتظارن ۾ دل جا دريچا کليل،
آءُ وَري آءُ واٽن ۾ ديدون وِڇيل.

رات اُسري وئي، باک نکڙڻ لڳي،
تون نه موٽئين ڪٿان، وئي وِسامي مشعل.

دل چيو جهومي جانيءَ جي آجيان ڪجي،
آسَ اُڏري چيو مان وڇايان ڪنول.

منهنجي سندرتا منهنجيون سموريون خوشيون،
تنهنجي پرڇائين، تنهنجي اچڻ واري ٽَلَ.

غير ڇا پاڻ کي ڀي خبر ئي نه پئي،
ايئن ڪو هڪ ٻئي ۾ رَلجي وينداسون مِٺل.

يادگيريون خاموشين ۾ سڏڪڻ لڳيون،
دل جي تنهائين ۾ انوکي اٿل.

جوت جهرڻن کي چيو، هُو ته اُڀ ڏي ڏسو!
چانڊوڪي جَلَ پري ديوَ تارا بڻيل.

دَردَ ڪنڪر هنئي، سوچ سُڏڪي چيو،
درد! بي درد توکي نه آئي ڪهل.

جهُڙ ڪڪر جنهن پهر اُڀ تي پينگهون ٻڌن،
دل چوي توڏي اُڏري پڄان تنهن مهل.

آس پاڇن کي سورجَ ڳراٽيون وجهي،
آٿتيندي چيو: ”نيٺ ايندا رُٺل.“

ڪن جُڳن کان جڙيل تنهنجو منهنجو مِلن،
دل جا سودا ”تبسم“ ازل کان رِٿيل.


* نکڙڻ – ظاهر ٿيڻ، * پرڇائين : پاڇو ، سايو، * ٽل : ارادو،
* ڪنڪر: ننڍڙي پٿري، * آٿتيندي – دلاسو ڏيندي