آرائين تنهنجا جهولَ نياپا بهار جا،
ٻُرٻُر ٻُرن ٿا ٻول ترانا بهار جا.
موسم جي در درين کان مگرمان ٿا ٻُجهن،
پهتا پري کان رولَ پيادا بهار جا.
روهيڙا سجَ اُهاءَ ۾ ڪونڀٽ ڪڪوريا،
گهونگهٽ ۾ مُرڪَ مول نگينا بهار جا.
آڪاش جي ڪِٺار تي ڪتين جا قافلا،
تون جهُولِ چنڊَ ڍول، هي جهُولا بهار جا.
هُن سونهن جي واکاڻ جا ماڻهن کان علاوه،
درِ درِ وجهي ويا ڦُولَ ضميما بهار جا.
برکا جي چوڪٺن تي بوندن جون آهٽون،
رنگَ بُو ۾ پلَ رَتول قريبا بهار جا.
ڌرتيءَ جي پالڪيءَ تي گَجِرن سان گل پريون،
نيڻن ۾ نينهن وڙول نِشانا بهار جا.
موسم هوا جي ڪڇ تي کنيون تڇ اچي لٿي،
لَڇَ ساوڪن جا ميل جهميلا بهار جا.
سهسين حسين خواب ستارن جي سيجَ تي،
وِينگس ڪا نئين نويل وِڇاڻا بهار جا.
چاهت جا ٽاڪا ”تبسم“ جوڀن جي آرَ سان،
ٽاڪِن وَنِين جا ٽول بهانا بهار جا.
*آرائين: مالهي، * مگرمان: وڏو دهل، نغارو * اُهاءُ : روشني، سوجهرو * ڪڪوريا: رچي ڳاڙهو ٿيڻ * ڪِٺار: ڪنار، ڪنارو * ضميما: ڪنهن خاص موقعي لاءِ ڇاپو * قرينا: طريقا، سليقا
* وڙولڻ: ڳولهڻ، جاچ ڪرڻ، تلاشڻ * ميل: مفاصلن جي ڳڻپ، ڪوهه