اِبنِ آدم جو سفر!
بند نيڻن ۾،
ڏينهن جا اولڙا،
منٽ، سيڪنڊ، سال گذري ويا هليا
پابه زندان هوندي،
ڀي اُڏري ويا.
ڪنهن به سنگهرَ ۾ نه سي ڪڙجي سگهيا!
پنهنجي ڌن ۾،
بي ڊپيءَ رفتار سان،
جهومندڙ پاڇا مڌر جهنڪار سان،
ڪنهن الائي ڪنهن طرف ويندا رهيا،
ڀت ٽنگيل گهڙيال جا ڪانٽا ٻئي،
موسمن جي آگهي ڏيندا رهيا.
وقت جي لڙهه ۾ حياتيءَ جا مڻيا
باز جي چنبن ۾ جيون جا ڪڻا،
برهمچاريءَ جي جپڻ واري جڻيا،
روز ڪا ٽِڪ ٽِڪ سڻائيندي رهي،
مان ته ڇا!
پر ڪنهن ڀي ڪجهه ڄاتو نه هو!!
وقت، ساڌو، سَنتُ يا ڀوپو هيو!
غار يا هُن پار جي اسرار جي ڪهڙي خبر
پوپ، پنڊت، بازيگر،
سَڀُ بي خبر
ڪل ڪتابن جا صفحا،
حاشيا ۽ ڪاڳر بي خبر
ڪو پتو ناهي ته
اونهي جَلَ مٿان
ڊونڊيون ٻيڙيون ڪڏهن کان ٿيون ڊڪن،
هي ڪروڙن، اڻ ڳڻين، صدين کان ساگر جو سفر،
ساگر به تنهن کان بي خبر،
۽ انهيءَ ساگر ڪناري سانجهه جو
شدتن سان روز ٿي خواهش اٿي
نرتڪيءَ جي جهانجهه جا پيرا کڻي،
وادي سَمِ واديءَ جي آوازن منجهان،
درد جي سڀني سُرن جا الميا!
پاتال جي پاڙن وٽان کوٽي ڪڍان
زخميل ڪونجن ۽ ڳيرن جا پهر
نيرڳن، آڙين ۽ هرڻين جي عمر
گولين کان ڪنبندي گذري وئي،
جنگ جو وحشي سفاڪن جا عَملَ،
هن خدا جي وستين،
ندين،
هوائن،
روشنين،
تارن، ڪتين ۽ ڪهڪشائن،
کي ڪڙوليندا رهيا،
اڻ ڳڻين نارين
۽
ڳڀرن جا جسم
محبتن جون ڀيٽائون ڏيندا رهيا،
ڪيترين ڪوڙين اَنائن جا غصا،
ملڪيتن، سڱاوتين جا سِلسِلا،
ٿورڙين ڳالهين جون ننڍڙيون رنجشون،
بي رحم بندوق نالين جا ڇرا
ڪِن مڏين، تکين ڪهاڙين جا ڦرا
تڙپندڙ لاشُن جا ڍِڳَ ڏيندا رهيا،
بي ڪفن جسمن جون هي آلودگيون،
ڍير تي پيل ماس سان ڪينئرا بدن
بند ٻورين ۾
ڳڀا ٿيل زندگيون
هي مشينن سان سوراخيل ڇاتيون،
لوهي شيخن سان ڏنڀيل چمڙيون سڄيون،
آمي، ڦاپيءَ جون چيهاڙيل عصمتون
راجيءَ جون ميلي ۾ گم ٿي ويل گُڏيون
يا شهنشاه جون چُڻايل محبتون
درد جي صحرا مان اٿندڙ سِسِڪيون
هر گهڙيءَ اتهاس کان پڇنديون رهيون:
“ اِبن آدم جي جياپي جو سفر،
ڇو ڀلا هي ذلتون سهندو رهيو
ڇو انيائن جا گهڙا ڀربا رهيا،
اُڀ جي هن پار آهُن جا چڙا،
هر گهڙيءَ دانهون کڻي وڄندا رهيا،
صوماليه جي ٻارڙن وارا جسم،
ماس کان آجا، ڦِڪا ڪارا جسم،
مصورن جي ڪينواسن ۾ گهڙي،
زندگيءَ جي ارٿي گهليندا رهيا،
پيرس ۽ لنڊن جون آرٽ گيلريون،
افلاس جا ڍانچا فريمن ۾ رکي،
عالمي ميلا لڳائينديون رهيون
ڪوسوو جي جنگ جا گهرا زخم،
سرب فوجين جون فحاشي وحشتون،
بوسنيا جي ننگي نارين جا جسم،
ڍاڪا جون يادون ڏياريندا رهيا،
بعضي بي مقصد عراقي سرحدون،
موتمار بارود سان چٽيون ويون،
مونيڪا ٽرائل جون هڙئي حاضريون،
بغداد ۾ بغداد ٻارينديون رهيون
اسٽنگر ميزائلن جون بارشون،
عالمي توجه جا نيشانا وٺي،
موضوعن جا رخ مٽائينديون رهيون،
ڪلنٽن جي جنسياتي جُرم جو
عيوضو بغداد ڀوڳندو رهيو،
خالق ئي ڄاڻي ناگاساڪين جيان،
ايٽمي ذرن جي گهيرن ۾ اچي،
ڪيترا ايندڙ نسل بغداد جا،
معذروين جا گهاو کائيندا رهن،
۽ پنوشيءَ کان اڳي يا پوءِ جا
ڪير ڄاڻي،
ڪل نسل ڪش حڪمران،
ڪيسين جيئڻ جون حسين تر جنتون،
اوجهڙي ڪئمپون بڻائيندا رهن،
ڪيترا، سيزر، وليم، هٽلر، حجاج،
بال ٺاڪر، زار، ترخان، طورِخان،
حاڪميت واري جنونيت ۾ اچي،
آسماني واعظن جا داٻ ڏئي
هُن مٿئين مالڪ جي سهڻي سرزمين،
مذهبن، فرقن ۽ نسلن ۾ ونڊي،
محڪوميت وارو تسلسل ٿا گهرن،
زندگيءَ جون اڄ به
ساريون حُرمتون،
شاهي فرمانن جي
آدابن اڳيان
هر گهڙيءَ پائمال ٿينديون ٿيون رهن،
اڄ به آدرشي ماڻهن جا مجسما،
بوميان جي چونڪ تي، گولا هڻي
توپ سان بي ڌڙڪ ڀوريا ٿا وڃن،
تنهن لمحي ”سروم دُکم“ جو فلسفو،
پاڻ سان گڏ ارتقا جو نظريو،
هو مها يوگي سميٽي ٿو ڇڏي،
فرقيوارانه تعصب جي پٺيان
ڪيترين مائن جي جگرن جا ٽڪر،
لاهور جي ڳلين مان گم ٿيندا ويا،
پوپٽن پويان ڊوڙيندڙ ٻارڙا
ريشمي تتلين جيان نازڪ نفيس
جيئري تيزاب ۾ ڳاريا ويا،
جن جي پهراڻن سان اکين کي ڍڪي،
جن جي تصويرن کي ڇاتين ۾ سِبي،
مامتائن جا هينئان ڦاٽي پيا،
ايترين سفاڪين کانپوءِ ڀي،
ابِن آدم
شرمندو ناهي ٿيو،
ڇو ته اڄ تائين اڃان قابيل تي
ڪابه فردِ جُرم عائد ناهي ٿي.
* آمي ۽ ڦاپي: ڪجهه سال اڳ ٺٽي جي ڀرسان عربن، شڪار واريءَ ڪيمپ ۾ ٻنهي جي عزت لٽي کين ماري ڇڏيو هو.
* پنوشي: چِليءَ جو معزول ڊڪٽيٽر، * زار: روس جي قديم حڪمرانن جو لقب
* وليم : برطانوي حڪمرانن جو لقب، * سيزر: روم جو بادشاهه، مصر جي ملڪ قلوپطره جو عاشق.
* بوميان: افغانستان جو شهر جتي مارچ 2001 ۾ مهاتما گوتم ٻڌ جا قديم ٻه وڏا مجسما ڊاهيا ويا.
* جاويد اقبال مغل: لاهور جو جنوني قاتل جنهن 100 کان وڌيڪ جيئرن ٻارڙن کي تيزاب ۾ ڳاري ڇڏيو.