توکي چاهڻ کانپوءِ،
دل لڳائڻ کانپوءِ،
موسمن جا هڙئي رنگ پيارا لڳا.
هنج ڀڙڪي اُڏيا،
ساز جهومي ڇڙيا،
تنهنجي ٽهڪن جا پر چنگ پيارا لڳا.
ڏات تولاءِ جنهن پنهنجي محدود ڪئي،
مُرڪ تنهنجي چپن ڪاڻ مخصوص ڪئي،
تنهن مصور جي شهڪار تخليق جا،
سونهن کي تيئن سنوارڻ واريءَ سوچ جا،
رنگ برشن سندا ڍنگ پيارا لڳا.
توکي چاهڻ کان پوءِ.
جهومي تنهنجي جسم کي جي ڇهنديون رهيون،
توکان ٿي منهنجي ڳلين ۾ اينديون رهيون،
تن سمورين هوائن جي هٻڪار جا،
ساه سرهاڻ جي مست مهڪار جا،
ونگ واسينگ جا ڏنگ پيارا لڳا.
توکي چاهڻ کان پوءِ.
گهاٽن ٻيلن ۾ شل گم رهن قافلا،
منزلن جا نه سامهون سُجهن پيچرا،
تاسي هرڻي ڀلي پياسي هلندي رهي،
اهڙي ايذاءَ جا انگ پيارا لڳا.
توکي چاهڻ کان پوءِ.
چاهه چانڊوڪيون زندگي سوجهرا،
سونهن جون روشنيون حُسن جا پيچرا،
هي حياتي ”تبسم“ اُڃايل رهي،
اڻ سونهين درد جا دنگ پيارا لڳا.
توکي چاهڻ کان پوءِ.
***