شاعري

اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

”تبسم خواص جو پسنديده ٻالڪ بڻجڻ بدران عوام جو دلپسند دوست بڻجي ويو آهي. توهان ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ ريتي کان کيرٿر جي پهاڙي سلسلن تائين جتي به ويندا، اتي خوبصورت آوازن جو روپ وٺي تبسم جي شاعري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندي نظر ايندي. تبسم لفظن کي معنائن جا انوکا رنگ اوڍائي هڪ پاسي سونهن، ادائن، اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جي اڻ مٽ احساسن کي امرتا بخشي آهي ته ٻئي طرف اجتماعي تذليل، قومي غلامي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بي مقصديت جي منظر ڪشي پڻ اهڙي ته موثر انداز ۾ ڪئي آهي جو هڪ عالم کان وٺي اُميءَ تائين هر شخص آسانيءَ سان سندس اضطراب ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. هن پنهنجي تخيل کي ڳوڙهن محاورن ۽ ڳجهارتن جو محتاج ڪرڻ بدران عوامي ٻوليءَ جي سلوڻائپ ۾ اوتي پنهنجي آواز کي سرحدن جو قيدي نه بڻايو آهي.“
Title Cover of book اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

جهرڪي کڙڪيءَ کي ٺونگي پئي باک چئي ٿي نغما

جهرڪي کڙڪيءَ کي ٺونگي پئي باک چئي ٿي نغما
او سرتي! اُٿ رات رمي وئي ڇڏ ساجن سپنا.

شام جي ڌنڌلن پاڇن هٿ ۾ يادن جون ويڻائون،
رات جي گونگن لمحن اک ۾ جهلڪَي مرگهه ترشنا.

انڌيارن کي اڳ ۾ پنهنجيون ڪيڏيون درد ڪهاڻيون،
سانجهه جا پاڇا ويتر تن جا پڄرائڻ ٿا سينا.

سَرَ تي ويٺل ٽانڊاڻي جي ڪن ۾ تارو ڀڻڪيو،
تو مون جهڙن رولاڪن کي ڪهڙي ڪاڪِ- ڪلپنا.

مون کان پوءِ هُوءَ سرتي ”تبسم“ شاعريءَ سان پرتي،
ڌرتيءَ سان گڏ سرتيءَ سان ڀي سَنمُک ٿياسون نا.



* وينائون: هڪ قسم جو ساز، * مرگهه ترشنا: رُڃ ۾ پاڻي جهڙو ڏيک پر اصل ۾ پاڻي ناهي هوندو.
* ڪاڪ- ڪلپنا: منزل پڄڻ جي خواهش، * سنمک ٿيڻ: ڪنڌ کڻڻ لائق ٿيڻ، برابري ڪرڻ.