ڪتاب جو نالو: اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!
مصنف: عبدالغفار ”تبسم“
ڇپائيندڙ: خليل جبران پبلشرز
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2001
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 15 مارچ 2019 ع
پڙهيو ويو: 1133 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 525 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”تبسم خواص جو پسنديده ٻالڪ بڻجڻ بدران عوام جو دلپسند دوست بڻجي ويو آهي. توهان ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ ريتي کان کيرٿر جي پهاڙي سلسلن تائين جتي به ويندا، اتي خوبصورت آوازن جو روپ وٺي تبسم جي شاعري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندي نظر ايندي. تبسم لفظن کي معنائن جا انوکا رنگ اوڍائي هڪ پاسي سونهن، ادائن، اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جي اڻ مٽ احساسن کي امرتا بخشي آهي ته ٻئي طرف اجتماعي تذليل، قومي غلامي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بي مقصديت جي منظر ڪشي پڻ اهڙي ته موثر انداز ۾ ڪئي آهي جو هڪ عالم کان وٺي اُميءَ تائين هر شخص آسانيءَ سان سندس اضطراب ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. هن پنهنجي تخيل کي ڳوڙهن محاورن ۽ ڳجهارتن جو محتاج ڪرڻ بدران عوامي ٻوليءَ جي سلوڻائپ ۾ اوتي پنهنجي آواز کي سرحدن جو قيدي نه بڻايو آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا شاعر وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • اي رات ڌيري ٻَرُ تون!
  • ”اي عمر! تنهنجو اختصار الڳ“
  • اڍائي اکر
  • غزل

  • غزل
  • حمد
  • محبتون ورڇيندي تون لمحن جا پيمانا نه رک،
  • هڪ سرءُ رات ۾ سکيءَ جو گهر اُداس هو،
  • پرين پُڄاڻان چنڊ جو اڀرڻ عجب لڳو،
  • عشق ڪُرڪيو تبسم ڪفر ٿو ڪرين،
  • لارَ لڙڪن کي پيار چئبو آ،
  • آرائين تنهنجا جهولَ نياپا بهار جا،
  • آئينن جون اداس تصويرون،
  • عشق جون تهمتون هزارُ الڳ،
  • اُڀ تي اداس يادون اڏرن رکي رکي،
  • زندگي تارا ڪتيون ٿي نه سگهي،
  • تنهنجا احساس روشنيون آهن،
  • ها مان تنهنجي بنا ڪجهه به ته ناهيان،
  • ميڪدن ۾ شراب آواره،
  • سمونڊ ۽ مان ٻئي سانجهه جو ويهي سپنن تي ڇا ڇا سوچيون ٿا،
  • زندگيءَ جون جي خواهشون آهن،
  • جيئن ئي سامت ۾ آيو ته سوچڻ لڳو،
  • تنهنجي يادن کي ٽارڻ ڪو چرچو نه هو،
  • او سرحدن جا چنڊ! اڳيان انڌ ڪيترا!؟
  • هڪ هاڪ تنهنجي حُسن جي ٻيو معجزا نهار جا،
  • تنهنجي يادن جا سلسلا آهن،
  • بَندِ اکين ۾ روشني سُڏڪِي،
  • چنڊ آهِليو ته جهومي تو آرس ڀڳو،
  • اُڀ تي اڏامندڙ پکي ڪيڏو دُکي لڳو،
  • دونهاٽيل دونهاٽيل حياتيءَ جون واٽون،
  • مان خزائن جي فصل کي چيٽ افسانا ڏنا،
  • او آس ڀريا ڙي بادلڙا تاسارن تي تِلُ تَرسين هان،
  • درد کي آٿتون ڏيون وڃجو،
  • پاڻ ئي پنهنجا لڙڪ پيئان ٿو،
  • سانولَ سِڪ جا آرَ نه پارَ،
  • منهنجي ديوانگيءَ جا افسانا،
  • هي ڏينهن منهنجي هٿ منجهان پکي بڻيا اڏيا وڃن،
  • دوست آهيو وفا ڪيون وڃجو،
  • هيءَ رات نيٺ هلي ويندي،
  • انتظارن ۾ دل جا دريچا کليل،
  • سانول سَرسُ سنڀار لڳي آ،
  • جاڳ نڪري ته ننڊَ آرَ ڪري،
  • آءُ جانيئڙا جڳ اورانگهي سُکَ واري سنسار هلون،
  • اوڙي سرتي باک ڦٽي آ لاکَ صبوح تان کڻندي هل.
  • هو جو دردن جي وادين ۾ گم ٿي ويو،
  • جهرڪي کڙڪيءَ کي ٺونگي پئي باک چئي ٿي نغما
  • يادن جي گذر گاهه لتاڙيون هليا وڃو،
  • دک جو اثر ته وٺبو، پاڇا ته ناهيون جانان!
  • بدنام زندگيءَ مٿان الزام ڪيترا!؟
  • گيت نظم ۽ آزاد نظم

  • ويڇن جي سرد رات ۾، بيگاهه وقت جو
  • آڪاش جو سُرمنڊل،
  • ايڏي چاهت ڏئي،
  • سِڪ نئين سِر سَورِجَي،
  • حوصلا هالار جن جا، ۽ ارادا اَڻ جهليا،
  • سنگَ پڪا هن آءُ سانوَلَ،
  • مُرِڪي ته بادلن مان ڀي گهنگهرو ڇڙي پيا،
  • گهَورَ اَک جي ڳوڙهن تان دل چوي جند گهورجي،
  • هار ٻانهون جي مون کي ورائي وجهين،
  • ساري دنيا جا گُل جن کي ڪاڳر ڪيان،
  • اسان خواب پنهنجا سجايا ته موسم،
  • دل جون ويرانيون ڌيري ڌيري اچي،
  • اي چنڊ اُداسين ۾،
  • چاندني چاندني
  • توکي چاهڻ کانپوءِ،
  • تون جو خوابن ۾ هر روز ايندو رهين،
  • اڻپورا خواب پيڇو ڪندا آهن!
  • ”کاری“
  • وقت سُريت ۽ مان
  • سرمد هميشه زنده رهندو!
  • ڌرتيءَ جو عشق انوکو آ!
  • اِبنِ آدم جو سفر!
  • منهنجي ڳوٺ جا ڳالهر ماڻهو،

  • سڀ حق ۽ واسطا شاعر وٽ محفوظ

    سڀ حق ۽ واسطا شاعر وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن
    صنف : شاعري
    ليکڪه : عبدالغفار ”تبسم“
    ڇاپو : پھريون، مئي 2001ع
    ڪمپوزنگ : ورڊس ڪمپوزرس ڪراچي، فون 7771618
    ملهه پڪي جلد سان : 100 روپيا
    ڇپائيندڙ : خليل جبران پبلشرز



    ارپنا

    ارپنا

    1- ورهاڱي کانپوءِ واري
    سنڌي شاعريءَ جي لازوال تسلسل
    شيخ اياز، استاد بخاري، نارائڻ شيام، تنوير عباسي، ذوالفقار راشدي ۽ مهراڻ ادبي سنگت نئون ديري ۾ ڪوٺي ادب جون اوائلي رهاڻيون رچائيندڙ، تازو مارچ 2001ع ۾ گذاري ويل، محمد آچر ”مخمور“ جي نانءَ.
    2- ورهاڱي کانپوءِ واري.
    سنڌي موسيقيءَ جي لوڪ ورثي ۽ لوڪ پسند جي تسلسل،
    ڀڳت ڪنوررام، جيوڻي ٻائي، سونا خان بلوچ، ماسٽر محمد ابراهيم، مٺو ڪڇي، مائي ڀاڳي، ماسٽر چندر، سينگار علي سليم، غلام الرسول نوابشاهي، موهن ڀڳت، فقير عبدالغفور، استاد منظور علي خان، استاد ارباب علي، گلزار علي خان، مصري فقير، ڦوٽي زرداريءَ، قمر سومري، بيگم فقيرياڻيءَ، موسيٰ حسين سمي، الله وسائي، ڍول فقير، سوشيلا مھتاڻيءَ، روبينه قريشي، جيجي زرينه بلوچ، محمد جمن، سرمد، نور بانو، مٺا خان، مصري خان جمالي، خميسو خان، اقبال جوڳي، سليمان شاهه، سهراب فقير، غلام قادر لنجواڻي، عصمت بانو، منهنجي سانڀر واري سماعتن کي موسيقيءَ جي سرن سان هم آهنگ ڪندڙ استاد نبن مهيسر، وحيد علي، سنڌ جي نه وسرندڙ آواز محمد يوسف، ڀڳونتي ناواڻي، موسيقار غلام نبي عبداللطيف، فيروز گل، نياز حسين، بلاول بيلجم ۽ سنڌ جي عوامي سماعتن کي نئون رخ ڏيندڙ چپڙيءَ ۽ يڪتاري جي عوامي راڳي جلال چانڊئي ۽ ڪيترن اڻڄاتل ۽ گمنام ڪلاڪارن جي نانءَ.
    3- سنڌوءَ جي امر ڌارائڻ جي نانءَ، جنهن جي وقتي سوڪهڙي کي سامهون رکي شل سنڌين جي ايڪتا جو سينو ساڀيان ٿي پئي ۽ رٺل جل کي واپس ورائڻ لاءِ اڻ ٿڪ جدوجهد ڪندڙ سورمن، سورمين جي نانءَ پڻ.


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب نامياري شاعر عبدالغفار تبسم جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. شمشيرالحيدري لکي ٿو:
    ”تبسم خواص جو پسنديده ٻالڪ بڻجڻ بدران عوام جو دلپسند دوست بڻجي ويو آهي. توهان ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ ريتي کان کيرٿر جي پهاڙي سلسلن تائين جتي به ويندا، اتي خوبصورت آوازن جو روپ وٺي تبسم جي شاعري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندي نظر ايندي. تبسم لفظن کي معنائن جا انوکا رنگ اوڍائي هڪ پاسي سونهن، ادائن، اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جي اڻ مٽ احساسن کي امرتا بخشي آهي ته ٻئي طرف اجتماعي تذليل، قومي غلامي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بي مقصديت جي منظر ڪشي پڻ اهڙي ته موثر انداز ۾ ڪئي آهي جو هڪ عالم کان وٺي اُميءَ تائين هر شخص آسانيءَ سان سندس اضطراب ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. هن پنهنجي تخيل کي ڳوڙهن محاورن ۽ ڳجهارتن جو محتاج ڪرڻ بدران عوامي ٻوليءَ جي سلوڻائپ ۾ اوتي پنهنجي آواز کي سرحدن جو قيدي نه بڻايو آهي.“

    هي ڪتاب خليل جبران پبلشرز پاران 2001ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون سائين عبدالغفار تبسم صاحب جا جنهن هي ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اي رات ڌيري ٻَرُ تون!

    اي رات ڌيري ٻَرُ تون!

    اڄوڪي ڀونءِ واد (Globalisation) واري دور ۾ شاعريءَ جي مستقبل بابت، خاص طور تي اسريل دنيا ۾، پڪ سان ڪابه ڳالهه نٿي چئي سگهجي. ڇاڪاڻ جو اطلاع جي نون ذريعن، گهڻ پاسائين هنر، هر وارتا کي ايترو ته تڪڙو، مختصر ۽ محدود ڪري ڇڏيو آهي، جو شاعريءَ جهڙيون گهريون ۽ لامحدود واٽون پنهنجي پراڻي مرتبي جي حصول لاءِ بقا جي جنگ وڙهي رهيون آهن، جيتوڻيڪ يورپ، اولهه منجهه اڄڪلهه شاعري موسيقيءَ جي محتاج ٿي ڪمرشلزم هٿان ڪٺي پئي وڃي. پر ساڳي صورتحال جيئن جو تيئن اسان جهڙن سماجن ۾ لاڳو نٿي ٿي سگهي. انهيءَ اولهه ۽ اسان جون ترجيحون اڄ به مٽيل ۽ الڳ آهن. اسان کي مخصوص حالتن ۾ رهندي ڪئين محاذن کي منهن ڏيڻ لاءِ شاعريءَ جي اڃا به تمام گهڻي ضرورت آهي، جيڪڏهن عظيم انگريز شاعري ورڊس ورٿ جي ڳالهه، ”شاعري قومي جذبن جي بي اختيار ڇلڪڻ جو نالو آهي،“ درست آهي ته پوءِ اهو قبول ڪرڻو پوندو ته اوڀر ۽ خاص ڪري سنڌ جهڙن نيم غلام معاشرن لاءِ شاعري هينئر به بي انتها اهميت رکي ٿي. ٻانهپ ۾ ڳهندڙ تمام گهڻيون قومون نه رڳو قومي رياست (Nation State) جو رتبو حاصل ڪرڻ ۾ اڄ تائين ناڪام ٿيل آهن، پر ترقيءَ جا جيڪي عالمي معيار آهن، تن تي به پوريون نٿيون لهن. اسان وٽ اوريجنل ترقيءَ جو ته تصور ئي سرجي نه سگهيو آهي. پر ٻين جي ٿيل ترقيءَ منجهان به اڻپورو فيض حاصل پيا ڪريون، ڇو جو انٽرنيٽ سميت ٽئڪنالاجيءَ جون جيڪي جدتون آهن، تن کان سنڌ جي هڪ سيڪڙو آبادي به واقف نه آهي. ابتريءَ جي اهڙي حالت ۾ ڳهڻ ڪري لازمي آهي ته اسين پنهنجي قومي جذبن کي ايتري تائين ڇلڪائيندا رهون، جيستائين اهي وسيع تر قومي حاصلات جي تڪميل جو سبب نٿا بڻجي پون. اسان جهڙن ڏتڙيل سماجن ۾ اهڙي اجتماعي حاصلات لاءِ آڱرين تي ڳڻڻ جوڳن ذريعن مان هڪ سگهارو ذريعو (Medium) شاعريءَ جو شعبو به ٿي سگهي ٿو.
    پر سوال آهي ته اها ڪهڙي شاعري آهي، جيڪا انهيءَ تڪميل کي ممڪن بڻائي؟ اهڙا بيمقصد لفظ، جيڪي سُرن جي لئه ۽ جسمن جي لچڪ جي سهاري ڏوڪڙ ڪمائڻ جو ڪارنامو سرانجام ٿا ڏين! يا ڪوتا جي نالي ۾ ٿيندڙ حرفن جو اهو سٽاءُ جيڪو وقت پاس ڪرڻ لاءِ بنيادي محرڪ بڻجي سگهي ٿو...
    ظاهر آهي ته شاعريءَ جا هي ٻئي پهلو اسان جي اجتماعي آرزوئن جا ترجمان نٿا ٿي سگهن. سنڌ کي انهيءَ شاعريءَ جي ضرورت آحي جيڪا هتان جي حالتن مناسب ترين اولڙو بڻجي سگهي ۽...... ڪڏهن اها اسانجين امنگن جيان تيز ۽ تکي هلي ته ڪڏهن وقت جي رمز کي سمجهندي نهايت ڌيمي ٿي وڃي. اهڙي شاعريءَ جيڪا ٿڪاوٽ جي احساس کي رفع ڪرڻ لاءِ نغمو بڻجي سماعتن جي پاتال ۾ لهي سگهي ۽ جبر جي خلاف جاکوڙ دوران جنگي نعري جو روپ وٺي سگهي، سنڌ اندر هن دور ۾ اهڙين شاعراڻين سٽن جي سرجنا ضروري آهي، جيڪي سٽون نيارپ جا نوان عنوان پيدا ڪري ساڳيائپ ۽ ورجاءَ جو خاتمو ممڪن بڻائي سگهن، يعني ڪتا ءٌ ڪلا جي اهڙي سکڻي طلب به ڪانهي، جو مڙئي قومي امنگون هڪ اڻوڻندڙ رٽي کان وڌيڪ اهميت نه رکن ۽ تصوراتي ڌٻڻ ۾ ترڪندڙ انهيءَ نظم جي گهرج به ڪانهي، جيڪو نظم رڳو زلفن، وڇوڙن ۽ آلاپن جي ور چڙهيل هجي، سنڌ جي ڪوتا کيتر ۾ ٿيندڙ لاتعداد تجربن جي مانڌاڻ ۾ هڪ اهڙي اعتدال جي تلاش آهي، جيڪو سنڌ جي سماجي زندگي ۽ ان سان لاڳو حالتن جي حقيقي منظرڪشي ڪندي فڪر، تخيل، تجربي، مشاهدي ۽ تجربي جي وچ ۾ ڪنهن بيمثال تال ميل جو باعث بڻجي سگهي، شايد اهو سوچيندي ئي سنڌ پوئين صديءَ ۾ اياز، استاد، شمشير، راشدي، نياز ۽ ٻين ڪيترن شاعرن جنم ڏنو، جن پنهنجي شعر کي ٻين سماجن جو بي مقصد نقل بڻائڻ بجاءِ سنڌ جي حالتن جو اصلوڪو آئينو بڻائڻ ۾ سوڀ حاصل ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ئي ڪنهن حد تائين اجتماعي جاڳرتا ممڪن بڻي.
    اهو پسمنظر ذهن ۾ رکندي اسين چئي سگهون ٿا ته عبدالغفار تبسم جي شاعري پڻ پنهنجي دور جي تقاضائن ۾ ضرورتن جي پورائيءَ لاءِ هڪ اهم ترين تخليقي عنصر جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. گذريل ويهن سالن کان تبسم نه رڳو فارسي زده شاعري سرجڻ وارو واڍڪو ڪم نه ڪيو آهي، پر هن تمام وڏن راڪاس جهڙن ڪوتاڪارن جي وچ ۾ پنهنجي وجود کي شدت سان محسوس ڪرايو آهي، تبسم سنڌ جي سماجي زندگيءَ کي اصلوڪي صورت ۾ چٽڻ سان گڏ ان کي ريڊيو، ٽيليويزن، ڪئسٽ، ڪتابن ۽ سي ڊيءَ جي ذريعي ٽئڪنالاجيءَ جي نون رخن سان سلهاڙي هر گهر، هوٽل، اوطاق ۽ آستاني تائين پهچائڻ ۾ بي حساب سرسي ماڻي آهي... ۽ اهڙي طرح خواص جو پسنديده ٻالڪ بڻجڻ بدران عوام جو دلپسند دوست بڻجي ويو آهي. توهان ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ ريتي کان کيرٿر جي پهاڙي سلسلن تائين جتي به ويندا، اتي خوبصورت آوازن جو روپ وٺي تبسم جي شاعري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندي نظر ايندي. ائين به ڪونهي ته سندس تخليق ۾ ڪئسيٽي شاعرن واري اها روايتي ڇسائپ، اگهاڙپ ۽ سطحي پڻو ڇانيل آهي، جيڪي انساني جذبن ۾ عارضي هيجان پيدا ڪري تڪڙي شهرت جو سبب ٿي پون ٿا. بلڪه تبسم لفظن کي معنائن جا انوکا رنگ اوڍائي هڪ پاسي سونهن، ادائن، اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جي اڻ مٽ احساسن کي امرتا بخشي آهي ته ٻئي طرف اجتماعي تذليل، قومي غلامي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بي مقصديت جي منظر ڪشي پڻ اهڙي ته موثر انداز ۾ ڪئي آهي جو هڪ عالم کان وٺي اُميءَ تائين هر شخص آسانيءَ سان سندس اضطراب ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. هن پنهنجي تخيل کي ڳوڙهن محاورن ۽ ڳجهارتن جو محتاج ڪرڻ بدران عوامي ٻوليءَ جي سلوڻائپ ۾ اوتي پنهنجي آواز کي سرحدن جو قيدي نه بڻايو آهي.... ٽئڪنالاجيءَ ۽ تخليق جي انهيءَ خوبصورت سنگم جو ئي نتيجو آهي جو تبسم عام توڙي پڙهيل حلقن ۾ هڪ ئي وقت قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. اهڙي متوازن تخليق ڪندي هن ڄڻ ته ”ڪالريج“ جي شاعريءَ بابت هنن خيالن کي تعبير جي نويد آڇي آهي، ڪالريج چوندو هئو: ”بهترين لفظن جي استعمال کي نثر چئجي ٿو، جڏهن ته بهترين لفظن جو بهترين استعمال شاعريءَ جو نالو آهي.“
    اها حقيقت آهي ته اسان جي باصلاحيت شاعر نه رڳو لفظن جي چونڊ ۾ پاڻ موکيو آهي، پر ان چونڊ جي بهترين استعمال ۾ پڻ ڪمال حاصل ڪيو آهي.
    سندس شعرن جو هي ڳٽڪو انهيءَ دعويٰ جي تجديد جو هڪ روشن مثال آهي، پنهنجي تازي شعري مجموعي ۾ تبسم ڀلي ته موضوع پراڻا ڇو نه کنيا هجن، پر انهن کي احساس جي اهڙي تازگيءَ سان تڙ ڪرايو آهي جو لڳي ٿو ته سندس تخليق جي جوهر انهن موضوعن کي ڄڻ پهريون ڀيرو ڇهيو آهي:
    دهليز تي پڄي، هو دل هول ۾ مري ويو،
    هن کي پنهنجي پرينءَ وٽ پهچڻ عجب لڳو.
    توهان هنن سٽن ۾ محسوس ڪري سگهو ٿا ته هڪ لفظ به اهڙو ناهي، جيڪو روايتي معنيٰ جي حساب سان مشڪل پيدا ڪري پڙهندڙ لاءِ مونجهاري يا سمجهه جي وٿيءَ (Communication Gape) جو سبب بڻجي..... پر تمام تر سادگيءَ جي باوجود هڪ سچي چاهيندڙ کي عمر ڀر جي پورهئي کان پوءِ ملندڙ منزل جو تذڪرو جنهن ڪيفيتي گهرائيءَ سان تبسم ڪري ٿو. تنهن منجهان اندازو ٿي سگهي ٿو ته هو ڇھن ٻارن جو ڪرڙوڍ پيءُ نه پر هڪ نوجوان (Teen Ager) چترڪار آهي، جيڪو احساساتي منظرنگاريءَ چٽڻ ۾ ڪمال جي مهارت رکي ٿو. عمر جي تبديليءَ هن جي گهري مشاهدي کي ذرو به تبديل نه ڪري سگهي آهي. اها ساڳي ڪيفيت ڪنهن عام رواجي عاشق سان ڇو، هڪ وطن دوست انقلابيءَ سان به سلهاڙي سگهون ٿا، جيڪو منزل ملڻ جي خوشيءَ ۾ ختم ٿي سگهي ٿو. ههڙي شاندار احساس ۾ گهرائي ۽ لفظن ۾ ههڙي سادي عڪسيت ڪنهن عام رواجي شاعر جي ميراث هرگز نٿي ٿي سگهي. انهيءَ خوبيءَ جو تنقيد جي صاحبن وٽ ايڏو ته وڏو مان مرتبو آهي جو سي ايم جو به انهيءَ ڏانءَ جي واکاڻ ڪندي چئي ويٺو هو: ”زندگيءَ جي عڪاسي ڪرڻ ڄڻ ته ادب کي زندگيءَ جو ويس پهرائڻ آهي.“
    تبسم وٽ اها عڪاسي فقط ڪنهن هڪ حلقي، رخ، منظر يا موضوع جي محتاج ناهي، بلڪه اها ته فرد کان اجتماعي تائين پنهنجو ڦهلاءُ رکي ٿي. سندس سوجهي زندگيءَ جا مختلف ڇهاءُ جنهن لمحي يا موڙ تي ڪري ٿي سندس ڏات ان لمحي يا موڙ کان اڳ ئي پنهنجا درست اندازا طئي ڪري ٿي وٺي، بلڪل ائين جيئن ڪو سالڪ پرارٿنا جي تيري شروع ڪري پر سچو ساڌو سندس من ۾ موجود امنگن جي شدت کي اول ئي محسوس ڪري وٺي، اهڙي ساڌوءَ اڳيان سالڪ جي سموري عبادت ڪنهن اڳواٽ ڏنل منظر جي عملي صورت کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندي، ڇاڪاڻ جو هڪ سنت جو ادراڪ صدين جي تفڪر ۽ تدبر تي محيط هوندو آهي، جڏهن ته سنڌائتو سرير ڪهن به مهان آتما جي مهانتا ثابت ڪرڻ لاءِ فقط حوالي جو ڪم ڏيندو آهي. تبسم جي شاعريءَ ۾ عڪسيت جي شدت پڙهندي محسوس ٿو ٿئي ته هر منظر، احساس، ڪيفيت کي سندس ادراڪ جي اک ڄڻ ته ظاهر ٿيڻ کان اڳ ئي پروڙي ورتو هئو. وٽس موجود شڪتي اهڙي لياقت جي شاهدي ٻئي هنڌان نه پر سندس شاعريءَ منجهان ئي ملي سگهي ٿي. سندس سٽون:
    هن سنک جي صدا جا مندر جي مورتين کان،
    ڇا ٿو اثر پڇين! تون مون کان پڇ مکي!
    پڙهندڙ کي آسانيءَ سان محسوس ٿي سگهي ٿو ته بيمثال ادراڪ هجڻ ڪري ڪنهن به منظر کي پيش ڪندي وٽس ڪيترو فنڪارانه اعتماد موجود آهي، توهان ٿورو غور ڪندي به ڄاڻي وٺندا ته سنک، مندر، مورتين ۽ مکيءَ جا ته فقط نالا ۽ ڪردار آهن، دراصل اهي مڙئي ڪردار وقت جي پڪار يا هلندڙ دور جون حالتون، قومي ادرا، انهن ۾ ويٺل اسان جي قيادت ۽ کانئن حساب ڪتاب پڇندڙ ڪي بي ڊپا انسان آهن، شاعر اهڙي منظر نامي ۾ صدين جو تجربو ۽ هزارين ورهين جي تاريخ بڻجي سنک بڻجي ظاهر ٿئي ٿو ۽ صدين جي انياءُ کي نروار ڪرڻ جي شڪتي رکي ٿو. هوئين به ڪائناتي ذهن هر پهلوءَ يا ڳالهه کي جز نه پر کول ۾ بيان ڪندو آهي، شاعر فني تجربن جو سهارو وٺي انتشار مان اڀريل وارتائن کي نسبتي انداز ۾ سگهارن اشارن ۾ پيش ڪندي تخليق ۾ بظاهر الوپ ٿيل غير معمولي معقوليت جو ڀرم رکندو آهي، اعليٰ صلاحيتن جا صاحب هر ٽڪي ٽين پئسي جي واقعي کي ڌار ڌار ۽ سطحي انداز ۾ نوٽ ڪرڻ بدران، مختلف واقعن جو تت ڪڍي هڪ وسيع ۽ معنيٰ خيز راءِ جوڙي وٺندا آهن، بلڪل جوڊ جي جي هن ڳالهه وانگر:
    ”زندگي پنهنجي مختلف رخن ۾ ڪيڏي به غير عقلي انتشار جو شڪار ڇو نه هجي، پر اعليٰ تحريرن جو ضابطي ۽ مقبوليت سان ڀرپور هجڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ جو شاعري ۽ ادب جو مقصد ئي زندگيءَ جي ترجماني ڪندي کيس معنيٰ سان ڀرپور ۽ تسلسل ڀريو بڻائڻ آهي. اهو مقصد زندگيءَ ۾ ڀريل ٽڪراءُ ۽ انتشار جي ڌار ڌار عڪاسي ڪرڻ منجهان پلئه نٿو پوي. جيڪڏهن ڪو قلم جو ڌڻي زندگيءَ منجهان ڪنهن عام ماڻهوءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڀرپوريت سان معنيٰ اخذ نٿو ڪري سگهي ته پوءِ عام ماڻهوءَ کي سندس تخليق پڙهڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي؟
    اهو سچ آهي ته ڪا به تحرير يا تخليق جڏهن انفرادي يا اجتماعي حوالي سان پنهنجو ڪارج وڃائي ٿي ويهي ته گڏوگڏ اها فن ۽ فڪر جا اعليٰ معيار به وڃائي ٿي ڇڏي. ظاهر آهي ته اهڙي ڪارج ۽ معيارن کان وانجهيل فن عوام الناس جي زندگيءَ کي تبديل ڪرڻ ۾ به سڦلتا ڇو ماڻيندو، شايد تبسم اها ڳالهه ڄاڻي ٿو، تنهن ڪري سندس شاعريءَ ۾ صرف، قسمين قسمين موضوع ڪردار، تجربا ۽ تاثر ئي ڪٺا ٿيل ناهن، پر انهن سڀني شين جي پيشڪش ۾ پڻ شاعراڻي ڏات جا اکٽ جلوا موجود آهن، مان سمجهان ٿو ته سندس اها ئي خصوصيت آهي، جنهن کيس سنڌ ۾ نه رڳو ڀرپور عوامي سڃاڻ بخشي آهي، پر ادبي حلقن ۾ به سندس فن لاءِ احترام جوڳي فضا پيدا ڪري ورتي آهي. تبسم فرد جو اڀياس فقط فرد جي حوالي سان ئي نٿو ڪري، نه ئي هر واقعي کي جدا جدا ڳڻيندي نظر اچي ٿو، بلڪ هو انفرادي ڪردار ۽ مزاج جا مڙئي تهه پروڙيندي به ان کي اجتماعي مسئلن جي پسمنظر ۾ پرکي ٿو...
    ڪا جوت ٽمڪي ۽ نه ئي فانوس ٿو ٻري،
    هي شهر ڇا؟ سڄو ئي ڄڻ ته تر اداس هو.
    تبسم لاءِ اهڙي حقيقت بياني انهيءَ ڪري ممڪن ٿي سگهي آهي جو هو هر شعر ۾ پنهنجي آمد جو اوچتو ۽ اڻوڻندڙ اعلان ڪرڻ بجاءِ ڪنهن خاموش ڏسندڙ جيان هر منظر کي چٽو ٿيڻ ۽ هر ڪردار کي ظاهر ٿيڻ لاءِ وقت فراهم ڪرڻ جو ڪشٽ ڪري ڄاڻي ٿو. جيتوڻيڪ ڪيترن شعرن جي اندر هو گمنام طريقي سان پنهنجي موجودگي به محسوس ڪرائي ٿو. پر اها موجودگي عبدالغفار تبسم نالي هڪ شاعر ڏانهن نه پر هڪ اهڙي فرد ڏانهن اشارو ڪري ٿي. جيڪو فرد تون، مان ، هوءَ يا هن سميت ڪوبه ٿي سگهي ٿو. اهڙي روايتي موجودگي کيس واقعي معاملي جي توڙ ۽ احساس جي شدت تائين پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. ظاهر آهي ته ايڏي ظالماڻي Objectivity جا کيس به ڏنڊ ڀرڻا پوندا. اسان جهڙي وٽڙيل سماج ۾ جتي هر ماڻهو ٻئي خلاف الزامن، تهمتن ۽ خوارين جا کارا کنيون پيو هلي، اتي تبسم جهڙو بي ريا شاعر ڪٿي ٿو غلط فهمين جي گند کان بچي سگهي؟ نه رڳو سندس ذات بلڪه تخليق مٿان به لاتعداد هٿ کڄندا ۽ آڱريون اڀيون ٿينديون هونديون، هو انهن سڀني مامرن کي محسوس ڪندي پاڻ ئي اقرار ٿو ڪري:
    ڪنهن چيو روڪ، ڪنهن ”تبسم“ ته ڪنهن رسوا چيو،
    حسن جي حسناڪين، اعزاز ها ڇا ڇا ڏنا!
    يا
    سوچ ئي سوچ ۾ هو سراپيل رهيو،
    هڪڙو ڏاهو اياڻن ۾ گم ٿي ويو.

    تبسم جي هڪ فرد کان اجتماع ڏانهن اها مسافري، انهيءَ مسافريءَ دوران پاڻ ارپڻ جي جذبي سندس شخصيت، فن ۽ ان جي ڪارج جي حوالي سان هڪ دل ڇهندڙ توازن کي جنم ڏنو آهي. اهو توازن گيتن، غزلن، نغمن، ۽ نظمن ذريعي اسان تائين پهچندي آدرشن، جستجو، معيار ۽ ڪسوٽيءَ جو درجو حاصل ڪري چڪو آهي. اهڙي پد تي پهچندي ڪنهن به تخليقڪار کي نه رڳو سرهو ٿيڻ جو حق پهچي ٿو. پر کيس حد کان وڌيڪ محتاط به رهڻو پوي ٿو. ڇاڪاڻ جو عوام، سيکڙاپ شاعر ۽ ٻيون لاڳاپيل ڌريون زير، زبر، پيش، ماترا، هر اکر، لفظ ۽ پد تي نظر رکڻ شروع ڪن ٿا.
    هڪ شاعر جڏهن وسيع تر مڃتا ماڻي وٺي ٿو، تڏهن هو اظهار سان گڏ معيار جون بلنديون ڇهڻ لڳي ٿو. ماڻهو سندس ٻوليءَ، ڏانءَ ۽ انداز جو نقل ڪرڻ شروع ڪن ٿا. يعني، ”سندس جهڙو“ بڻجڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. انهيءَ مقام تي ٻوليءَ ، بحروزن، محاورن جي استعمال ۽ شاعراڻي تفڪر ۾ موجود انتهائي معمولي ڪاڻ به اجتماعي سطح تي فن ۽ فڪر جي دنيا ۾ بگاڙ جو سبب بڻجي پوي ٿي. اهو بگاڙ جڏهن محسوس ڪرڻ جي حد تائين پهچي ٿو ته ڪوتاڪار جي عمر ڀر جو پورهيو هڪ طرف ۽ عام رواجي لغزش ٻئي طرف، ڏسندي ئي ڏسندي وڏا فنڪار شديد تنقيد هيٺ اچي وڃن ٿا. انهيءَ حوالي سان شيخ اياز جو مثال اسان جي سامهون آهي. سنڌيءَ ۾ جديد دور جي سڀ کان وڏي شاعر ”گهڻو لکڻ“ جي رجحان جو هروڀرو شڪار ٿيندي پنهنجي مقام جي باري ۾ غير ضروري طور ڪيترن سوالن کي جنم ڏيئي ڇڏيو. مان تبسم کي هڪ مداح ۽ گهڻگهري جي حيثيت ۾ اها صلاح ضرور ڏيندس ته هو هاڻي جنهن مقام تي پهتو آهي، اتي مقدار نه پر معيار جي اوليت ئي سندس شاعراڻي ڏات کي امرتا بخشي سگهي ٿي. پڙهڻ يا ڳولڻ سان اهڙي ڄاڻ هن مجموعي ۾ آيل سندس شاعريءَ منجهان به هينئن ملي سگهي ٿي:

    دل جي اونداهين جون هوءَ روشنيون ٿي ڳولهي،
    اي رات، ڌيري ٻَرُ، تون ڇو ٿي ٻَرين تکي؟
    اها عرضداشت ڪندي مان نهايت ايمانداريءَ سان چوان ٿو ته تبسم جي هن شاعراڻي گلدستي ۾ ٻوليءَ، تخليل، فڪر ۽ احساس جي حوالي سان ڪيترائي بين الاقوامي معيار جا شعر موجود آهن، جيڪي پڙهي حسد جي حد تائين افسوس ٿئي ٿو ته ڪاش اهي ڪوتائون سندس بجاءِ منهنجي قلم جي نوڪ تي اچڻ ممڪن ٿين ها! توهان پاڻ به هي ڪوتائون پڙهو ۽ پوءِ منهنجي راءِ جي غلط يا درست هجڻ بابت راءِ قائم ڪريو.

    صدين کان هڪ سوال ٿو چهنڊي شعور کي،
    هن آتما جا جوڻ سان سنٻنڌ ڪيترا؟!
    *
    طوطو اڏيو ته پن چڪيءَ چيو توت لام کي،
    توکي ڦٽڻ کان اڳ ۾ ها آنند ڪيترا؟!
    *
    آءُ ته پهريون تعلق توريون، پيار جا آڳا پيڇا جوڙيون،
    تون مان ونڊ ۽ ڪاٽو کان اڳ، پاڇين تي ڇاڇا سوچيون.
    *
    ڊوڙان سهڪان، ڇان نه پورو پوان،
    اي عمر، تنهنجو اختصار الڳ.
    *
    دشت اڪري پڳس ته عشق چيو:
    هڪ اڃان ٻيو به ڪوهسار الڳ.
    *
    من ۾ پرين ٿو کوٽ ۽ وسڪين ٿو موهه تي،
    اي منش، تنهنجي ورش تي ايشور اداس هو.
    فٽ پاٿ، گرجا، مندر مسجد جي ٻاهران،
    تذليل جي فراس تي بي گهر اداس هو.
    *
    هو پاڻ ڪنهن صليب تي مرڪي چڙهي ويو،
    ها پر يسوع جي گهاٽ جو نيئر اداس هو.
    *
    جهرڪي کڙڪيءَ کي ٺونگي پئي، باک چڻي ٿي نغما،
    او سرتي! اٿ رات رمي وئي، ڇڏ ساجن جا سپنا!
    *
    انتظار جي ولين تي ڦلڙيون سنڀار جون،
    سپنن جي ساوڪن ۾ سانوڻ عجب لڳو!
    خالي مڪان ۾ ڪا ڪنڪر اچي ڪري،
    سنسان گهر جي در جو ٺڙڪڻ عجب لڳو.
    *
    مرڪي ته مهڪي واءُ ۽ هيرون هڳا سجن،
    گهوري ته گام گام تي ڪهرام ڪيترا؟!
    *
    هن ٻن کجين مٿان، هو جهلي چنڊ پينگهه جان،
    هن ٻن اکين ۾ آس جا الهام ڪيترا؟!

    انعام شيخ
    اي-10 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.
    14 اپريل 2001




    ”اي عمر! تنهنجو اختصار الڳ“

    ”اي عمر! تنهنجو اختصار الڳ“

    سنڌي شاعريءَ وارو صدين جو سفر هينئر ايڪويهين صدي ۾ داخل ٿيو آهي، جتي e-mail, website يا انٽرنيٽ ڪيفيز جو چهچٽو لڳو پيو آهي، سنڌي شاعريءَ جا قدر، موضوع به سنڌ جي سماجي، سياسي، اقتصادي حالتن پٽاندڙ مٽبا آيا آهن. پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جو اهو حصو جيڪو اسان جي حصي ۾ يا اسان جنهن ڀاڳن ڀريءَ جي حصي ۾ آيل آهيون، تنهن جو بدقسمتيءَ سان خاص ڪري ورهاڱي جي بعد کان صورتحال مزاحمتي رهي آهي، رڳو پنهنجي وجود، پنهنجي سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي ورثن جي بچاءُ ۾ رڌل رهيا آهيون. هتي مان وري به چوندس ته ڌارين کان وڌيڪ اسان جي وجود ک هاڃو اسان کي پنهنجن کان ئي رسيو آهي. شيخ اياز، سائين جي ايم سيد، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جا، پير صبغت الله راشدي روضي ڌڻي يا فاضل راهوءَ جا روح رنجائيندڙ به اسان مان ئي هيا. انهن خلاف سرڪاري مخبر گواه وڪيل بڻجي سندن مرتين تي مٺايون ورهائڻ وارا به اسان مان ئي ڪيترا هئا. سندن جيل ياترا يا موت جي اذيتن تي ملهارون ملهائيندڙ به اسان ئي هئاسين. نواز شريف سنڌ جي سڄي (Financial package) کي ختم ڪري پنجاب جا روڊ رستا ۽ هوائي اڏا ٺهرائڻ شروع ڪيا ته کيس سنڌ واري حصي جون ترقياتي رقمون آڇڻ وارا سنڌ جا وڏا يا ننڍا وزير به سنڌي ئي هيا، انهيءَ کيپ ۾ عظيم آدرشي، نظرياتي سرڪردن جي اولاد سندن مٽن مائٽن يا باقيات جي شڪل ۾ پڻ نوازشريف سان سنڌ واري ڌاڙاگيريءَ ۾ گڏ هئي، سپرهاءِ وي، ٽول ٽيڪس سميت وفاق کي سنڌ جا وسيلا آڇڻ وارا هٿ به پنهنجن جا ئي هئا نه ڪي پراون جا، اڄ پاڻيءَ واري هاڃي تي به اقتدار جي بکين جي رڙ پئي ٿي پئي ته فلاڻي جو ڏوهه ڪونهي پاڻي ڪوئي ڪونه ٿو چورائي وغيره.
    اچو ته عهد ڪريون ته اسين سنڌ جي سڀني سياسي، ادبي، اقتصادي، سماجي، ثقافتي، محاذن کي پنهنجي ڏات، ذات، سگهه ۽ انائن جون هڙئي هوڏون ڦٽي ڪري سڀ هڪ ٿي وري ڀٽائيءَ جي سنڌڙيءَ جون رونقون واپس آڻڻ لاءِ هڪ آواز ٿي ”سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار“ وارو نعرو هڻون.
    محبتن سان ڀريل ڌرتي اڄ به اوڏي ئي محبت سان ٽمٽار آهي. ڏوهه اسان جو آهي جو اسان ان محبتن جي آڇن کي به ميرين ۽ شڪ وارين نظرن سان ڏسي رهيا آهيون، مان هن هيرن جواهرن واري مٽيءَ جو ننڍڙو پورهيائت ئي پنهنجي بي لوث رفيقن دوستن جون محبتون ميڙي ميڙي وري ٿو ميڙيان ته به ٿڪجي ٿو پوان پر هن محبتن کي آڇڻ وارا ڪونه ٿا ٿڪجن، ايڏيون محبتون، عقيدتون شل انهن غير مشروط محبتن جو آخري پساهه تائين ڀرم رکي سگهان ۽ دعا ڪريو ته پنهنجي حصي جو ڪم جيترو جيئڻ آهي ان حصي ۾ پورو ڪري وٺان ۽ اچو ته سڀئي سنڌ جو سنهن کائي وچن ڪريون ته اسين سڀ پنهنجي حصي جو ڪم. هن ڌرتيءَ کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ جو ذمو کڻي پنهنجي مثبت ۽ اڻ ٿڪ محنتن سان پورهيو ڪري سنڌ جي هن سهڻي خطي کي دنيا جي نقشي تي نمايان رکون * هن مختصر عمر جي سفر کي سڦل بڻايون، تڏهن ته ڀٽائي، سچل، اياز، استاد، نارائڻ شيام، تنوير عباسي، امداد حسيني، حسام الدين راشدي، مخدوم، سرويچ، ڊاڪٽر آڪاش، محترم آريسر، رسول بخش پليجو، قادر مگسي، منور لغاري، ڪريم بخش نظاماڻي، خالق جوڻيجي، دودي مهيري ، جيجي زرينه، روبينه قريشي، عابده پروين، حنيف لاشاري، قمر ڀٽي، مائي ڀاڳي، ڀڳت ڪنور رام، ماسٽر چندر، محمد يوسف، علڻ فقير، آسي زميني، نثار کهڙي، حليم باغي، صادق فقير، احمد سولنگي، منظور، برڪت ڀٽ، وفا ناٿنشاهيءَ، بيدل، بيڪس، سميع بلوچ، ڊاڪٽر قاسم ٻگهئي، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، عبدالڪريم سنديلي، سرفراز راڄڙ، آغا سليم، حسن علي آفندي، علامه دائود پوٽي، رمضان نول، رزاق سهتو، علامه آٰءِ آءِ قاضي، ممتاز علي ڀٽي، بشير خان قريشي، ادل، اياز گل، منٺار سولنگي، تاج جوئي، اقبال ترين، اسحاق راهي، نصير مرزا، هدايت بلوچ، امير ابڙي، اياز جانيءَ، ذوالفقار سيال، ذوالفقار قريشي (گائڪ) امام راشدي، ممتاز عباسي، درمحمد پٺاڻ، غلام النبي سڌائي ۽ ٻين سڀني سخنورن، دليرن جي اکين جي نور، هن سنڌڙيءَ جي سينڌ تڏهن ته سنورجي سگهندي، جڏهن سڀن جو هڪ اقرار هوندو ته پنهنجي سون ورني ڌرتيءَ کي وري وري سنوارڻو، سينگارڻو آهي. ها پر ان لاءِ هن مختصر زندگيءَ جي هڪ هڪ پل کي وقف ڪرڻو آهي ۽ اچو ته وقف ڪرڻ جو يڪراءِ عهد ڪريون.
    14 اپريل تي لاهور ۾ پنجابي ڪانفرنس جو منعقد ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي. واگها سيڪٽر کي هڪ سرحد جي ليڪ سمجهي مٽائڻ جون ڳالهيون ۽ اعلان ٿيا، دنيا ٻڌا، سٺا اهڃاڻ ۽ خوش ڪن اشارا آهن. هندستان ۽ پاڪستان جا سک، مسلمان، هندو ڪل پنجابي هڪ ٿي رهيا آهن ته ڀلا سنڌ جا ۽ الهاس نگر، احمد آباد راجسٿان جا هم زبان ڪڏهن گوڏين گڏ ويهي ڀٽائيءَ، سچل ۽ لعل سائين يا اياز ۽ تنوير جون ساروڻيون بنا ڊپ ڊاءِ، بغير ڪنهن سرحدي ويڇن، مذهبي ذات پاڪ کان مٿانهون ٿي پنهنجي ماضيءَ جي ورثن، ادبي اوسر، ٻوليءَ جي بچاءُ جون ويهي اهڙيون ڪانفرنسون ڪري سگهندا؟ ڪڏهن هم زبان ڀڳت ڪنور رام ۽ ڀٽائيءَ جي ورسين کي ملهائي سگهنداسين. رياستي ادارن کي ان لاءِ ناحق پابنديون هٽائي ڪي محبتون ڏيڻ وٺڻ واريون آزاديون ڏيڻ کپن ته جيئن سنڌين کي ٻٽي معيار واري سلوڪ جي شڪايت نه رهي.
    هتي ته ان ڪانفرنس وارن ڏينهن ۾ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي شعور جي ڀيچن، جهڙوڪ تاج جوئي ۽ ستار ڀٽيءَ کي جيل ياترا ڪرائي وئي. جيڪو رياستي داٻي جو هڪ ٽريلر هيو.
    شاعر وٽ شاعريءَ جي لاءِ ڪو عجيب اڻ ڏٺي مهل اڻ ڏٺل جاءِ جڳهه اڻ سونهين موقعي مهل تي اڀري کيس ڇيڙي ڇڏي ٿو. ان لاءِ راتين جي جاڳ، ڪو خوابناڪ منظر هئڻ ضروري ناهي. هي هڪ انيڪ جذبن جي وهڪرن جون ڇوليون، ڇلندڙ موج موج دريا جيڪو ڪڏهن ڪيترين چانڊوڪين ۾ بنهه ماٺو ۽ ڪڏهن اونداهين ۾ ڌڌڪندو رهي ٿو. شاعر جي لاءِ ڪنهن انگريزي ڪتاب ۾ هيٺين سٽ پڙهندي بنهه سچ لڳو ته:
    It has been shrewdly observed that poets are more likely to produce perfect poems than perfect live.
    شاعري لاءِ ٽي ايس ايليٽ چيو آهي ته:
    It is struggle to transmite his personal and private agonies into something rich and stranger, something universal and impersonal.

    شاعريءَ کي ڪنهن ويڪري ڪينواس ۾ جاچبو ته اهو بقول شاهه سائين جي سور پرائي ساٿ جو وکر وهائيندڙ ٽولو آهي. جيڪو آسپاس جي ٻوساٽ واري ماحول، ڏاڍاين، جبر تشدد ڪنهن مظلوم جي ڪن کي پوندڙ آهه، جملي سماجي ناهموارين جي پيڙا، بي پناهه معاشي دٻاءِ ۽ وري پنهنجي محبوب جي وڇوڙن ۽ وصالن جا ڏک، سک، پور، سور سڀ پنهنجي من ۾ سانڍيون پيو هلندو وتندو آهي ۽ ڪي حساس دل جڏهن محسوسات جي انتها کي پهچندا آهن ته علڻ فقير يا واجد منگي ٿي تڙپي لڇي فراريت لاءِ ڪن بي خود ڪندڙ، وقتي غم ڀلائيندڙ شين جو سهارو وٺندا آهن ۽ اهو الميو صرف اسان جي شاعر جو ناهي اهو اسان کان وڌيڪ يورپين ۽ آمريڪي شاعرن ۽ اتان جي سماجي ڇڪتاڻ جو پڻ آهي.
    Mental break down, Depression, Institutionalization ۽ Alcoholism يورپين ۽ آمريڪن جي جينيس ماڻهوءَ جي مرڻ جو مکيه ڪارڻ آهي، صرف ماڻڪ ملاح يا عرفان مهديءَ جي خودڪشي هن سماج جي بي انصافين جو اولڙو ناهي، اهڙا حساس تخليڪار دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ روز جيئندا مرندا آهن، پر مان چوندس ته اهي مرندا ناهن، اهي جيئندا ئي جيئندا آهن، جي پراڻو ڏک سور پائي لڇي تڙپي مرن ٿا اهي اصل ۾ امر روح آهن. اهڙا ڪردار دنيا جي سڄي گولي ۾ صرف اوهان کي هي معاشري جا حساس ماڻهو ئي ملندا جن ۾ مصور، فنڪار، اديب، شاعر سڀ اچي وڃن ٿا. جن ڪڏهن وقت جي حاڪمن سان بغاوتون ڪيون، شيخ اياز، طارق اشرف ٿي جيلن ۾ عمريون گذاريندا ته ڪڏهن ڄام ساقي پليجو ٿي چرين وانگر ڪڏهن پاڻيءَ لاءِ ته ڪڏهن ڌرتيءَ جي ڪنهن مسئلي تي، (هتي پليجي ۽ ڄام ساقيءَ جو ذڪر ان لاءِ ڪيو اٿم جو اهي سياسي ليڊر سان گڏ تخليقڪار ۽ ليکڪ به رهيا آهن) لانگ مارچون ۽ بک هڙتالون ڪندا رهندا آهن.
    دنيا جي تاريخ ۾ خود دنيا جي وڏي ۾ وڏي موجوده ڊڪٽيٽر آمريڪا جا ڪيترا وڏا شاعر، جن اهڙي ملڪ ۾ رهي ڪري به ملڪ جي حڪمرانن ۽ پاليسين سان اختلاف ڪيا ۽ جيل ۾ وقت گذاريائون جيئن ايلين جنسبرگ (Allen Ginsberg) آمريڪا جو نمايان شاعر ويٽنام جنگ دوران آمريڪي حڪومت جي خلاف جلوس ڪڍندي جيل ۾ پيو، زندگيءَ ۾ ٻه دفعا آمريڪي ايٽمي ڦهلاءَ جي پاليسيءَ خلاف احتجاج ڪندي جيل ياترا ڪئي.
    اهڙي طرح Robert Lowell پڻ آمريڪي وڏو شاعر جيڪو 1928ع ڌاران آمريڪا جي ويٽنام ۾ جارحيت خلاف احتجاج ڪندي وائيٽ هائوس جي آرٽ واري ميلي ۾ نه ويو ۽ صدر جانسن کي لکيل اهو انڪاري خط تڏهن Times رسالي جي مکيه ٻاهرين صفحي تي ڇپيو هو.
    ساڳيوئي قصو فرانس جي بودليئر ۽ سارتر جو به پنهنجي حڪومت جي ظلم تشدد خلاف مشهور آهي، ته منهنجي چوڻ جو مقصد آهي ته شاعر ليکڪ خليل جبران هجي، وڪٽر هارا هيمنگوي، ٽالسٽاءَ يا پئبلو نرودا يا منهنجي هن سنڌ جو ڪو پورو اديبن جو لڏو، سڀني جي حساسيت جو عالم ساڳيو آهي ته اهڙي سرجڻهار جو اسان جي معاشري ۾ مان مرتبو به ساڳيو هئڻ گهرجي. اهڙا سڄاڻ فرد جي پرائي ساٿ جو سور پنهنجو محسوس ڪندا هجن تن جي ڳالهين کي پڙهجي ٻڌجي. اسان وٽ مشاعرن ۾ جيڪا اڻ ٺهندڙ Hooting ڪئي ويندي آهي. ان ۾ ڪڏهن سنجيده به ٿجي ۽ ڪنهن جي راتين جي اوجاڳن کي ائين ليڪ نه ڏئي ڇڏجي. هاڻي اسان کي قومي طور سنجيدگي، ٻڌڻ ۾ ۽ لکڻ ۾ به ڪرڻ گهرجي. ٻڌڻ ۾ معيار آڻڻو آهي ته لکڻ ۾ به، لکڻ ۾ معيار ايندو ته ٻڌڻ ۾ ازخود پيدا ٿيندو. ان لاءِ پنهنجون سوچون پنهنجا موضوع اسان کي به مٽائڻ گهرجن. شاعريءَ جا نوان گس، پنڌ پيچرا آفاقي واٽون تلاشڻ گهرجن ته جيئن پنهنجن قومي، سماجي، ثقافتي، اجتماعي ڏکن يا سکن، پنهنجي بک، اڃ ٻڌائڻ لاءِ عالمي توجهه ڇڪائڻ جي سگهه ڌاري سگهون.
    ها پر ان ۾ عمر جي مختصر هئڻ جو احساس ضرور هئڻ کپي. شاعري جذبن، مَن، امنگن جو رنگا رنگ وهڪرو آهي. لطيف احساسن جو ڌارائون، ڌڙڪنن مان پنهنجيون واٽون ڳولهي اٿلي پونديون آهن، من ڀاونائون مختلف موسمن ۾ مختلف ٻوليون ٻولينديون آهن، شاعر انهن کي سهيڙڻ جو ڪم ڪندا آهن، شاعر جي اها سهيڙ سندس ادبي بئلنس ۾ جمع ٿيندي رهندي آهي. ان حساب سان هي منهنجي شاعري جنهن ۾ غزل رنگ جي گهڻائي آهي. سهيڙي ”اڀ هيٺان اڃارا گيت لڇن“ جي عنوان سان اوهان آڏو شاهه سائين جي هنن سٽن سان پيش ڪريان ٿو ته :
    ”پلئه پايو ڪچ، آڇيندي لڄ مران“

    ”ڊوڙان، سهڪان، لڇان نه پورو پوان،
    اي عمر تنهنجو اختصار الڳ.“

    ع-غ تبسم
    ڪراچي.


    اڍائي اکر

    اڍائي اکر
    هر ڳليءَ توکي ڳولهڻ ڪو چرچو نه هو!

    ڪنهن اهڙي شاعر جي شاعريءَ تي لکڻ شايد ايڏو سولو نه لڳندو، جيڪو نئون هجي نه پراڻو. پراڻي جو پراڻي بابت ۽ نئين جو نئين بابت لکڻ ان ڪري مونجهارو نه پيدا ڪندو جو ڪٿي نه ڪٿي ٻنهي جو ذهني ميل ٿي ويندو. پر پراڻي جو نئين تي ۽ نئين جو پراڻي تي لکڻ البت اوکو ٿيندو جو زماني جو مفاصلو ٻنهي جي وچ ۾ سوچن ۽ جذبن جي هڪ نفسياتي وٿي پيدا ڪري چڪو هوندو آهي. سو غفار تبسم جيڪو نئون آهي نه پراڻو، تنهن تي لکڻ لاءِ هڪ قسم جو مونجهارو آءٌ ضرور محسوس ڪريان ٿو.
    ”تبسم“ کي مون بي ترتيب ۽ ٿوري وقت کان پڙهيو آهي، ملاقات به ڪا گهڻن ڏهاڪن جي نه چئبي، پر هي وسرن نه مور، جهڙو ماڻهو آهي. تنهنڪري شاعريءَ کان وڌيڪ سندس شخصيت سان انس رهيو اٿم.
    ڪجهه دير لاءِ ساڻس انهيءَ انس کي هٽائي، آءٌ جڏهن سندس شاعريءَ جي ڳٽڪي کي ورق ورق ڪري پڙهان ٿو، ته جيڪا پهرئين ڳالهه منهنجو ڌيان ڇڪائي ٿي، سا هيءَ ته سندس انداز پنهنجو ۽ مفرد آهي، سندس ٻولي، محاورا، تشبيهون سوچ ۽ جذبا، پنهنجا آهن. پکي ۽ سکي کيس مرغوب آهن. سندس شاعري عشقي به آهي ته قومي به، پر سندس محبوب جي مڪاني صفت سبب، هو زمين سان پيار کي به محبوب جي چاهت جو حصو بڻائي پيش ڪري ٿو، جيڪا ڳالهه روماني شاعريءَ جو دلپذير نمونو بنجي ٿي. نعريبازيءَ بدران، هو ڌرتيءَ جي پيڙا کي دلسوزيءَ سان نرم لهجي ۾ پيش ڪري ٿو:

    ڪيڏي اماس رات آ، سناٽا ڪوڪرن،
    ڪا رڙ ڪٿان، اي ساٿيو، ڪو سڏ ورائجو.

    او سنڌ، جند منهنجي، ڪو نظري ويو توکي،
    نه شاديون ڇنن ۾، نه پيرن ۾ پاٽيون.

    ڪونجن هيٺ نهاريو ڪڻڪيون،
    سنڌ ۾ سورَ بزار لڳي آ.

    تبسم وٽ هڪڙي ڳالهه آهي، اها آهي غزل ۾ عڪس جي شاعري، جيڪا اسان وٽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي بيت ۾ ته آهي پر هن وٽ اهو غزل ۾ هائيڪو جو هڪ غير ارادي تجربو آهي:
    ڪا روجهه ٻيٽ تي ڊڪي، پاڻيءَ تلاش ۾،
    ڏائڻ ! ڪو کيس ڏِير، مان تاڙي پيو يڪو.

    اڀ تي اڏامندڙ پکي ڪيڏو دکي لڳو،
    سانجهيءَ جي ڌنڌلي ڇانو ۾ هيڪل اڏيو پئي ويو.

    تبسم جي هن شاعراڻي ڳٽڪي ۾ گهڻا غزل ۽ ڪجهه نظم آهن. هن شاعريءَ جي گهڻين ئي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي، جيڪي سندس اڳي ڇپيل ڪتابن ۾ اچي چڪيون آهن، جيڪي چند نظم هن مجموعي ۾ آهن، سي مختلف مزاج ۽ موضوعن جا آهن. سنڌ جي صورتحال سان گڏ هن عالمي حالتن جو به کليل اکين سان مشاهدو ڪيو آهي ۽ سندس نظم ابن آدم جو سفر چند ورقن اندر تاريخ ۾ جبر ۽ تشدد جو جامع تفصيل آهي. اهو ڏاڍي واضح ۽ پر اثر انداز ۾ لکيو ويو آهي، جنهن جي پڄاڻي بيحد چڀندڙ، هڪ دائمي سوال جي صورت ۾، ۽ دانشوراڻي انداز ۾ ڪيل آهي:

    ايترين سفاڪين کان پوءِ ڀي
    ابن آدم
    شرمندو ناهي ٿيو:
    ڇو ته اڄ تائين اڃا قابيل تي
    ڪا به فرد جرم عائد ناهي ٿي!
    هن نظم ۾، اختصار سان، انسان جي انسان تي تشدد جي تاريخ سمائي وئي آهي، جيڪا تبسم کي انسان دوست دانشورن جي قطار ۾ بيهاري ٿي. هتي ئي سندس نواڻ ڏانهن سفر به واضح ٿئي ٿو. جنهن سان ايندڙ وقت ۾ سندس فڪري درجو مقرر ٿيندو.
    مون شروع ۾ ئي ٻڌايو آهي ته تبسم پراڻ کان نواڻ ڏانهن سفر ڪيو آهي، اهو به ٻڌايو آهي ته مون سندس شاعريءَ جو ترتيب سان اڀياس نه ڪيو آهي، جو آءٌ سندس ذهني اوسر جو ڪو خاڪو پيش ڪري سگهان. ها مون کي البت ايترو معلوم آهي ته ”تبسم“ شروع کان ئي شاگرديءَ جي زماني کان وٺي، عملي طرح تحريڪي خيالن جي اثر هيٺ رهيو آهي، جنهن سندس ويچارن کي گهڙيو آهي، ان بعد سنڌي ادبي سنگت سندس ذهن کي ٿيڙ ڏني ۽ هو نون پيچرن تي پيرا پائڻ لڳو. هن وقت هو سنڌ جو هڪ مقبول ترين شاعر آهي. کيس ڪتابن ۾، رسالن ۾ پڙهيو وڃي ٿو ۽ تنهن سان گڏ سندس شاعريءَ کي ڪئسٽن ۾ هر هنڌ ٻڌو وڃي ٿو. هو موسيقيءَ جو دلدادو آهي. تنهن ڪري سندس شاعريءَ جون اڪثر ڌنون به پنهنجيون ئي ٺاهيل اٿس.
    هو پي آءِ اي ۾ آفيسر هجڻ جي سخت مصروفيت هوندي به شاعريءَ ۽ موسيقيءَ لاءِ ڪنهن به ريت وقت ڪڍي ٿو پوءِ به اها سندس اخلاقي ريت آهي، جو يارن سان ياري نڀائڻ لاءِ وٽس وقت جي ناڪار ڪانهي.
    آخر ۾ هي جو پورا ٽي اکر به آءٌ لکي نه سگهيو آهيان، سو انهيءَ ڪري جو آءٌ تبسم کي بي ترتيب ئي پڙهي سگهيو آهيان، جنهن جو اعتراف اٿم. ساڻس گهڻي انس هئڻ ڪري کيس هڪ صلاح ضرور ڏيندس ته هو ڪٿي اهڙا لفظ به استعمال ڪري ٿو جيڪي نج اڙدو جا آهن. سنڌيءَ ۾ ان جو استعمال جائز نه آهي، آخر ۾ دل چوي ٿي ته کيس سندس ئي شعر ٻڌايان:
    هر بسنتيءَ ۾ اکڙيون لغڙ ٿي اڏيون،
    هر ڳليءَ توکي ڳولهڻ ڪو چرچو نه هو.

    شمشير الحيدري
    ڪراچي سنڌ
    14 مئي، 2001ع


    غزل

    غزل

    غزل





    دهليز تي پڄي هو، دل هول ۾ مري ويو،
    هن کي پنهنجي پرينءَ وٽ پهچڻ عجب لڳو.

    تبسم




    حمد

    حمد

    نظر ۾ نقش رحمت جا اندر ۾ آرزو تنهنجي،
    جو دم جيئان جهان پَرور سوئي پَلُ جستجو تنهنجي.

    پشيمانيءَ جي لڙڪن سان اي صاحب سڏ ڪيان توکي،
    سدائي جو سجهي مون کي سزا پنهنجي عفو تنهنجي.

    منهنجين ميرين مداين جي سڀن کان سڌ اڳي توکي،
    تڏهن ڀي تو نه چيو مونکي جو خالق خو رفو تنهنجي.

    گلابي غؤنچ ۽ گوشا، غُنابي رنگ امبر جا،
    رواني آبشارن جي گواهي سُوبسُو تنهنجي.

    سرابن جي سفيني ۾ سڦل گذري سفر منهنجو،
    سدائين ساڻ ”تبسم“ سان تون ۽ لا تقطنتو تنهنجي.



    محبتون ورڇيندي تون لمحن جا پيمانا نه رک،

    محبتون ورڇيندي تون لمحن جا پيمانا نه رک،
    چاهتون آڇيندي جانان بندشون بي جا نه رک.

    موسمون ڪونجون ٿي ورنديون پر سمي وارا پکي،
    جي اڏامي ويا سکي، تن لاءِ دکي جذبا نه رک.

    نرم لهجن ۾ تکن لفظن جا ڪوڪا رلِ نه دوست،
    کنڊ يا ڳڙ چاشنيءَ تي زهر جا ٻُرڪا نه رک.

    ڪن مروٽي، جهوٽي هوريان، چيو ٻروٽي کي چريا،
    ڇڏ ته ڀؤنرو بوسي مکڙيون تون مٿس پهرا نه رک.

    ڌر تتيءَ جو باز ڀڙڪيو، جهرڪي وئي وسمي سڄي،
    هوءَ پناهون پئي تلاشي موت جا مارا نه رک.

    مروتون ايڏيون نه ڪر جو زندگي ڀاڙيون وتي،
    دوستيءَ ۾ تون ارادا دشمنن جهڙا نه رک.

    اي ڪوي! هيءَ شاعريءَ جي ڏات تقدس ٿي گهري،
    جيت يا ڪا هار سوچي راند جا مُهرا نه رک.

    تنهنجي پڙلاون ۾ پنهنجي نوع جي پيڙا الڳ،
    تون صدائن ۾ پَپيهر ڪونج جا لهجا نه رک.

    بادواڻن جي وٿين مان نئون صبوح جهلڪي پيو،
    رات جي بي خوابين جا ياد افسانا نه رک.

    آرسي سامهون رکي پاڇن جي دلجوئي ڪندي،
    آٿتون چَپ تي هٿن ۾ سنگ ياتيشا نه رک.

    روح جي گهرائين مان دلبري گهرجي پرين،
    آجيان جي اهتمامن ۾ رُکا جملا نه رک.

    هن پهاڙين جي سفر ۾ پٿرن تان گذرندي،
    روز پيو ڦٽبين او رمتا! درد جا ليکا نه رک.

    موسمن جي بدلجڻ جو چاهتن سان ڇا سنٻنڌ،
    مند وارين مصلحتن ۾ قيد اک آرا نه رک.

    قيدخاني ۾ پکيءَ ليلائيندي چيو اي ڌڻي!
    مرهمن وارين دٻين ۾ آس جا ڦندا نه رک.

    هڪ گلن جي واٽ ڏي ۽ ٻيو شڪاريءَ گهاٽ ڏي،
    هر طرف کوليون ”تبسم“، دل جا دروازا نه رک.



    * سمي : وقت، * ڪوي: شاعر، * ڀاڙيون : مدار رکڻ، منحصر، * نوع : قسم، * سٻنڌ: لاڳاپو، تعلق


    هڪ سرءُ رات ۾ سکيءَ جو گهر اُداس هو،

    هڪ سرءُ رات ۾ سکيءَ جو گهر اُداس هو،
    پن ڇڻ ۾ گهر پرينءَ بنا ويتر اُداس هو.

    ٻيئي تاڪ ٻيڪڙيا رهيا کڙڪڻ جي آس ۾.
    خاموش رات جو سڄو تاثر اُداس هو.

    ڪا جوت ٽمڪي ۽ نه ئي فانوس ٿو ٻري،
    هر شهر ڇا، سڄو ئي ڄڻ تر اُداس هو.

    ڪا وِير، ڪپر کي چمڻ کان اڳ ٻڏي وئي،
    هن ڪُمهلي وداع تي ساگر اُداس هو.

    من ۾ ڀرين ٿو کوٽ ۽ وسڪين ٿو موهه تي،
    اي منش تنهنجي ورش تي ايشور اُداس هو.

    هو پاڻ ڪنهن صليب تي مرڪي چڙهي ويو،
    ها پر يسوع جي گهاٽ جو نيئر اُداس هو.

    جيون جي ڪوهيڙن ۾ جو وڇڙي ويو ساٿ کان،
    ان پيرسن جو پوئتان نينگر اُداس هو.

    فٽ پاٿ، گرجا، مندر، مسجد جي ٻاهران،
    تذليل جي فراسَ تي بي گهر اُداس هو.

    او چنڊ پيلا چنڊ! لهي درد پڇي وڃ،
    سورج مُکيءَ جي کيت جان اندر اُداس هو.

    * ڪمهلو: بي مهلو، اويلو، * پن ڇڻ : خزان، * وسڪڻ : هرکجڻ، * منش : انسان، * ورش : سڀاءُ، روش
    * ايشور : خدا، ڀڳوان، * نيئر : زنجير، * فراس : ڏاس مان ٺهيل وڇائڻ جو ڪپڙو


    پرين پُڄاڻان چنڊ جو اڀرڻ عجب لڳو،

    پرين پُڄاڻان چنڊ جو اڀرڻ عجب لڳو،
    وڻجارو تڙ ڇڏيون ويو آتڻ عجب لڳو.

    شه رڳ ۾ ياد نشتر کپجي بيهي رهيا،
    هر ساهه جهيرجهي ٿو، جيئڻ عجب لڳو.

    انتظار جي ولين تي ڦلڙيون سنڀار جون،
    سپنن جي ساوڪن ۾ سانوڻ عجب لڳو.

    سوچن جي دائري ۾ يادن جا سلسلا،
    ايڏا طويل ترها سميٽڻ عجب لڳو.

    ڪنهن سوچيو ئي نه هو ڪو، ڳوٺن جا ڀي مزاج،
    ڪي ايئن بدلجي ويندا سوچڻ عجب لڳو.

    تو آڏو جيئڻ پڳيون ته وڌيون تيز ڌڙڪنون،
    طوفان سامهون ڏيئي جو ڦڙڪڻ عجب لڳو.

    اڏندڙ پکين جي اک مان پنڃرن جا ڀَوَ ڏئي،
    آزادين جا سپنا، کُرچڻ عجب لڳو.

    خالي مڪان ۾ ڪا ڪنڪر ڪري اچي،
    سنسان گهر جي در جو ٺڙڪڻ عجب لڳو.

    گُمنامين ۾ رهندي احساس ڪمترين جا،
    ايڏا شديد اُڀريا روڪڻ عجب لڳو.

    دهليز تي پڄي هو، دل هول ۾ مري ويو،
    هن کي پنهنجي پرينءَ وٽ پهچڻ عجب لڳو.

    آيل! سُکاڻا سرتي کي هيڪل سفر ڇڏي،
    تنها وريا ته تڙ کي، ٻُھارڻ عجب لڳو.

    ”تبسم“ جي تن ۾ آس جا ٻوٽا هڻي ڪري،
    تاتي نِپائي تن کي، جلائڻ عجب لڳو.



    * آتڻ: آستانو، سُٽ ڪتڻ جي جاءِ، * سميٽڻ : ويڙهڻ، * کرچڻ: رَهڙڻ، *شه رڳ : ساهه کڻڻ واري رڳ، * ڪنڪر : ننڍي پٿري، * دهليز: چائنٺ، * دل هول: گهڻي غم يا خوشيءَ ۾ دل بي قابو ٿيڻ،
    * سُکاڻا: ٻيڙي هلائڻ وارا، * سرتو : دوست، ساٿي.


    عشق ڪُرڪيو تبسم ڪفر ٿو ڪرين،

    عشق ڪُرڪيو تبسم ڪفر ٿو ڪرين،
    سونهن کي سجدو ڇو سربسر ٿو ڪرين؟

    هن چيو: ”هڪ عمر آجپي لئه وتئه“
    مان چيو: ”سا به تون دربدر ٿو ڪرين.“

    چيائين: ”چکيا يا چيئن تي نه چاڙهيو وڃين.“
    چيم: ”ڪڏهن ڪل عمر ڪارگر ٿو ڪرين.“

    چيائين: ”يوسف! مصر ۾ وڪامي نه پئين.“
    چيم: ”ته ٻيو ڇا کپي ديده ور ٿو ڪرين.“

    چيائين: ”سرمد جي سرمستين جي چڪي.“
    چيم ته: ”مستان کي معتبر ٿو ڪرين.“

    چيائين: ”آءٌ توکي ڌرتيءَ جو دولهه ڪيان.“
    چيم: ”وطن دوستين کي امر ٿو ڪرين.“

    چيائين: ”فرهاد وانگي ٽڪر ٽاڪبا،“
    چيم ته، ”جي آهه ۾ تون اثر ٿو ڪرين“

    چيائين: ”مجني جي ديوانگيءَ جا مزا.“
    چيم: ”چکائج ني ڇو منتظر ٿو ڪرين.“

    چيائين: ”تبسم“ تون مئي اڳتي پيئندو نه ڪر.”
    چيم ته: ”ڇو مون لئه زمزم زهر ٿو ڪرين.“



    * ڳنهڻ : خريد ڪرڻ، * چيئن: ڏاگهه ، آڙهه، * ديده ور : ڏسڻ جي قابل،
    * ٽڪر ٽاڪڻ: (محاورو) سخت ڪن ڪرڻ، جبل جهاڳڻ، * چُڪي: ڍُڪ، سُرڪي


    لارَ لڙڪن کي پيار چئبو آ،

    لارَ لڙڪن کي پيار چئبو آ،
    سارَ سڏڪن کي پيار چئبو آ.

    انتظارن ۾ عمر ڪٽجي ٿي،
    اعتبارن کي پيار چئبو آ.

    عشق اک ۾ نه ڪي اندر ۾ لڪي.
    اشتهارن کي پيار چئبو آ.

    عشقَ آرن ۾ ڪو اچي ته ڏسي،
    تيز ڌارن کي پيار چئبو آ.

    پنهنجي پاڇي سان ڇرڪي ڳالهائين،
    اي سکي! ان کي پيار چئبو آ.

    نينهنَ، مينهنَ واءُ ۾ وڌيڪ متو،
    شوق ڇولين کي پيار چئبو آ.

    اجنبين وانگي آشنا آهيون،
    اِنَ پِرولين کي پيار چئبو آ.

    لوڪ بي روڪ آ ڀلي ٽوڪي،
    لوڪ خوارين کي پيار چئبو آ.

    عمر ڀر فاصلا رهيا وچ تي،
    وچَ وڇوٽين کي پيار چئبو آ.

    سنڌ واسين جون ڪهڙيون تشريحون،
    سنڌ واسين کي پيار چئبو آ.

    آءٌ ”تبسم“ ته اعتراف ڪيون،
    مَنَ مِلاپن کي پيار چئبو آ.


    * تشريحون : وضاحتون، * پروليون: ڳجهارتون


    آرائين تنهنجا جهولَ نياپا بهار جا،

    آرائين تنهنجا جهولَ نياپا بهار جا،
    ٻُرٻُر ٻُرن ٿا ٻول ترانا بهار جا.

    موسم جي در درين کان مگرمان ٿا ٻُجهن،
    پهتا پري کان رولَ پيادا بهار جا.

    روهيڙا سجَ اُهاءَ ۾ ڪونڀٽ ڪڪوريا،
    گهونگهٽ ۾ مُرڪَ مول نگينا بهار جا.

    آڪاش جي ڪِٺار تي ڪتين جا قافلا،
    تون جهُولِ چنڊَ ڍول، هي جهُولا بهار جا.

    هُن سونهن جي واکاڻ جا ماڻهن کان علاوه،
    درِ درِ وجهي ويا ڦُولَ ضميما بهار جا.

    برکا جي چوڪٺن تي بوندن جون آهٽون،
    رنگَ بُو ۾ پلَ رَتول قريبا بهار جا.

    ڌرتيءَ جي پالڪيءَ تي گَجِرن سان گل پريون،
    نيڻن ۾ نينهن وڙول نِشانا بهار جا.

    موسم هوا جي ڪڇ تي کنيون تڇ اچي لٿي،
    لَڇَ ساوڪن جا ميل جهميلا بهار جا.

    سهسين حسين خواب ستارن جي سيجَ تي،
    وِينگس ڪا نئين نويل وِڇاڻا بهار جا.

    چاهت جا ٽاڪا ”تبسم“ جوڀن جي آرَ سان،
    ٽاڪِن وَنِين جا ٽول بهانا بهار جا.



    *آرائين: مالهي، * مگرمان: وڏو دهل، نغارو * اُهاءُ : روشني، سوجهرو * ڪڪوريا: رچي ڳاڙهو ٿيڻ * ڪِٺار: ڪنار، ڪنارو * ضميما: ڪنهن خاص موقعي لاءِ ڇاپو * قرينا: طريقا، سليقا
    * وڙولڻ: ڳولهڻ، جاچ ڪرڻ، تلاشڻ * ميل: مفاصلن جي ڳڻپ، ڪوهه


    آئينن جون اداس تصويرون،

    آئينن جون اداس تصويرون،
    ڪِن ڪتابن جون خاص تصويرون.

    ريگذران ۾ قافلن جا نشان،
    ريتِ دفنيل هراس تصويرون.

    اي زمانا نه هونداسين ليڪن!
    پاسِ هوندءِ حساس تصويرون.

    وقت وادين ۾ ڌنڌ ڪوهيڙا،
    منزلن جون اُماس تصويرون.

    ڪو سرابن جو ڪرب ڪيئن ڄاڻي.
    ڪير گهُوري اداس تصويرون؟

    جي پڪاسو جي لاشعور چِٽيون،
    سي صدين جون اَساس تصويرون.

    هن سمونڊ پار شيام، ناواڻي،
    سنڌيت جون سنياسُ تصويرون.

    سنڌ، يونان، مصر، تهذيبون،
    اِرتقا جون اِتهاس تصويرون.

    او پکيئڙا نه لَههُ اُٻهرو ٿي،
    ڪنهن نديءَ جون نِراس تصويرون.

    نه ڪو ”تبسم“ نه توئي ڳالهايو.
    ڄڻ ته گونگيون ٻه پاس تصويرون.


    * ڪرب: درد، * اُماس: اونداهه، * پڪاسو: يورپ جو وڏو مُصور _ چترڪار * اَساس: ورتو،
    * ناواڻي: ڀڳونتي ناواڻي (هندستان جي وڏي سنڌي ڪلاڪاره)


    عشق جون تهمتون هزارُ الڳ،

    عشق جون تهمتون هزارُ الڳ،
    تنهنجو اي زندگي ٻيو بارُ الڳ.

    هڪ ته مجرم هان پنهنجي خوابن جو،
    ۽ اوجاڳن کان شرمسارُ الڳ.

    اڳتي نڪري ويس ته ياد آيو،
    پويان رهجي ويو منهنجو پارُ الڳ.

    دوستينُ کي پڇائيندو پئي وتيس،
    جي ٿيون گڏجن ته خلفشار الڳ.

    سنڌ جي ٻئي خطي سان ڀيٽ نه ڪج،
    سنڌ کي پنهنجو هڪ وقارُ الڳ.

    ڊوڙان، سهڪان، لُڇان نه پورو پوان،
    اي عُمرِ تنهنجو اختصارُ الڳ.

    دَشت اُڪري پڳس ته عشق چيو،
    هڪ اڃان ٻيو به ڪوهسارُ الڳ.

    درد جي موسمن سان ڀيٽ نه ڪر؟
    هر ڌَنڪ رنگ کي نکارُ الڳ.

    مُندَ بدلي ته روئي پيا پوپٽ،
    چيٽ موٽڻ جو انتظار الڳ.

    توکي ”تبسم“ ڙي عِشقَ ڇا نه ڏنو،
    شُهرتن جو نشو، نِکارُ الڳ.



    * خلفشار: فتنو، وڳوڙ، * اختصار: ٿورو (خلاصو)، * دشت: بيابان، ويرانو،
    * ڪوهسار: جبلن جو سلسلو


    اُڀ تي اداس يادون اڏرن رکي رکي،

    اُڀ تي اداس يادون اڏرن رکي رکي،
    خاموش وادين ۾ سُڏڪي پئي سَکي.

    دل جي اونداهين جون هُوءَ روشنيون ٿي ڳولهي،
    اي رات ڌيري ٻَرُ تون ڇو ٿي ٻرين تکي.

    ماکيءَ جي لار يا ڪنهن وهه جو ڳنڍو هئي!؟
    چاهت جيڪا به هئي، کڻي هن چاهه مان چکي.

    پن ڇڻ جي پيلي چنڊ سان راتين جو ويهي اڪثر،
    دل جون سَلي اُداسيون سامهون ڪڏهن لِکي.

    هيڏي اويل ڪنهن کان هو نوبل سين سکندي،
    جوڳين جي وستين تي اونداهي پئي بکي.

    هن سنگ جي صدا جا مندر جي مورتين کان،
    ڇا ٿو اثر پڇين تون مونکان تون پڇ مُکي.

    ڪو رمتو آ جو ”تبسم“ سرتيءَ کي ٿو سنڀاري،
    تون پنهنجو ڪُوڪ ڪويل ڇو آن کِکي وِکي.


    * پن ڇڻ: خزان جي موسم، * نويل: نئين، پهريون دفعو، * سنک: وڏن ڪڏن جو ٺهيل ساز، اڪثر مزارن تي فقير وڄائن ٿا. * مُکي: سردار، هندن جي ٽولي جو وڏو * رمتو: دڳ ويندڙ، * کِکي وِکي ٿيڻ: شڪي ٿيڻ، پشيمان ٿيڻ.


    زندگي تارا ڪتيون ٿي نه سگهي،

    زندگي تارا ڪتيون ٿي نه سگهي،
    عاشقي چوٽ تي چڙهي نه سگهي.

    پنهنجا ڪُل پَل رنڱيائين پر منهنجي،
    بي رنگي زندگي رنڱي نه سگهي.

    خود فريبين عمر خراب ڪئي،
    خلق ڀي مروتن ۾ چئي نه سگهي.

    سوچ ۾ سَرسُ، ساڀيان ۾ مگر،
    محبتن جي عُمر وڌي نه سگهي.

    پاڻ کان پاڻ وکري پيس ورنه،
    دنيا مون کي ته وکيري نه سگهي.

    ساڌ ٻيلي مان ڳولهي موٽي وئي،
    هوءَ اروڙ تائين ڇو اچي نه سگهي.

    روهڙيءَ وٽ ڪَپَر تي ڪنڌ رکي،
    سنڌ بيڪس کي دَردُ چئي نه سگهي.

    ڪيترو تيز عمر ڪٽجي وئي،
    سَر گزشت ڀي مان سميٽي نه سگهي.

    دک جي غارن ۾ ڀٽڪندو ٿو وتي،
    ڪاٿي ”تبسم“ جي دل لڳي نه سگهي.

    ***


    تنهنجا احساس روشنيون آهن،

    تنهنجا احساس روشنيون آهن،
    دل جي درد جون آٿتون آهن.

    سوزَ، سِڪ، آڳَ، جاڳَ، تنهائي!
    تنهنجيون اڻ کُٽ عنايتون آهن!

    سوچَ سُرهاڻ، لوچَ هُٻڪارون،
    غونچ سوداءَ، ڦٽَ ڦُليون آهن.

    عشق اک ۾ مچِي ڀڀڙ ٿي بکي،
    عشق دل ۾ رچي بَٺيون آهن.

    جاڏي ”تبسم“ تَڪي ڏسي توکي،
    يادون آئينا ٿي پيون آهن.


    ***


    ها مان تنهنجي بنا ڪجهه به ته ناهيان،

    ها مان تنهنجي بنا ڪجهه به ته ناهيان،
    تون جي گڏ گڏ هجين، پوءِ مان آهيان.

    ڇيريون پائي ڇُلان، مُشڪ مهٽيون گهُمان،
    ڦيريون پائي ڦِران، تنهنجي آجيان ڪيان.

    پِنبڻين ۾ سڀئي عڪس پوئي رکان،
    روح جي رَحَل تي سونهن سينگاريان.

    آءٌ چانڊوڪيون ڀي ستائين پيون،
    آءٌ مون ڏي وري ته مان خوش ٿي کِلان.

    مند مَرڪي پوي، جيءُ جَرڪِي پوي،
    تون جي هيڪر اچين ته مان جهومان نَچان.

    توسان جڏهن مِلان توکي ڏاڍو وڻان،
    پاڻ کي تنهنجي لئه ٺاهيون پيو ٺاهيان.

    پنهنجي ”تبسم“ جي مان ڪائي مينا هجان،
    مَنَ مِٺوءَ ساڻ مُرِڪي مِٺيون ڏئي مِلان.


    نوٽ: ڪجهه نون مصرعن ڪري هن غزل کي ٻيهر هن مجموعي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.


    ميڪدن ۾ شراب آواره،

    ميڪدن ۾ شراب آواره،
    روشن ۾ شباب آواره.

    جو وڻئي ڳاءِ، گهاءِ اي راڳي.
    اڄ سڄو ڪر حجاب آواره.

    هم نشينو نه ٿيو اداس اِجهو،
    رات کڻندي ربابُ آواره.

    زندگيءَ جي سڄي ڪتاب منجهان،
    عاشقيءَ وارو باب آواره.

    ڪير ٽي ويءَ تي وقت خرچ ڪري،
    حاڪِمن جو خطاب آواره.

    امتحان سَوَ دفعا ڏِجي ليڪن،
    مُمتحن جو نصاب آواره.

    لفظ، فنُ، سوچَ، فِڪر ڪجهه نه بچيو،
    هڪ رهيو انتسابُ آواره.

    روز توبهه جا پَهَه پچايان پر،
    روز روڪي ثواب آواره.

    نيڻ روئي رڻاٺيا ليڪن،
    اَشڪَ اڄ ڀي اڃان به آواره.

    دلدلن مان بچيا ته چيخي پيا،
    سامهون ٻيو سراب آواره.

    هٿ لڪيرن جي ليکي چوکي ۾،
    جنترين جو جوابُ آواره.

    ماڻهن چيو اچي پڳو ”تبسمُ“!
    هوءَ ڀڻڪي جناب آواره.



    * رڻاٺيا: سُڪي ٺوٺ ٿي ويا، * دلدل: آلي زمين جو اهو حصو جنهن مان نڪرڻ جي ڪوشش ۾ ماڻهو تيئن ڦاسندو ويندو آهي.


    سمونڊ ۽ مان ٻئي سانجهه جو ويهي سپنن تي ڇا ڇا سوچيون ٿا،

    سمونڊ ۽ مان ٻئي سانجهه جو ويهي سپنن تي ڇا ڇا سوچيون ٿا،
    چنڊ ۽ مان ٻئي رات سموري پاڇن تي ڇا ڇا سوچيون ٿا.

    سڀ ڪا ڇولي جهولي پٿاريون چنڊ کان چاهه جو دان گهري ٿي،
    چنڊ کي پنهنجيون محبوبائون ڀاڳن تي ڇا ڇا سوچيون ٿا.

    روز پکين جا ولر اُڏن ٿا، اُڏندي ڪاڏي گم ٿي وڃن ٿا،
    صدين کان پيرا جاچيندي سئونسن تي ڇا ڇا سوچيون ٿا.

    آءُ ته پهريون تعلق توريون، پيار جا آڳا پيڇا جوڙيون،
    تون مان ونڊ ۽ ڪاٽوءَ کان اڳ، پاڇين تي ڇا ڇا سوچيون ٿا.

    باک چپن تي ماڪَ ترانا هير صبوح جا سينڍِي گانا،
    ڪِرڻن هٿ ۾ مشعل جهولي جهرڻن تي ڇا ڇا سوچيون ٿا.

    روز سهيلي، چئي ڙي ڳهيلي، وڻجارن کي ٻيلي ٺاهي،
    پرديسين جا پيڇا تاڻي، ويڇن تي ڇا ڇا سوچيون ٿا.

    الفت جا اسلوب اُٿي ويا، سوچن جا بنياد ڦري ويا،
    موجوده يارين باشين جي رَوين تي ڇا ڇا سوچيون ٿا.

    اوچا جبلن چوٽين جيڏا سڀ ڪو تاتي پيارَ ٿو ڪيڏا،
    پر جي پاڙون اکڙن ٿا پو، زخمن تي ڇا ڇا سوچيون ٿا.

    صدين کان هو سمونڊ ڇُلي ٿو، چانڊوڪين تي تيئن اُٿلي ٿو،
    سڪ جو مُور ڪو سور نه باسن، ڇولين تي ڇا ڇا سوچيون ٿا.

    وقت سان ٻٽ هيءَ عمر ڊڪي ٿي، پاڃاريءَ ۾ جوڙي ڍڪي ٿي،
    گوءِ ۾ جڏهن عُمر ٿي ڍلجي، پِيٽن تي ڇا ڇا سوچيون ٿا.

    چانڊوڪين ڏانهن اُڏندي اُڏندي، جن جا ”تبسم“ جُڳَ گذري ويا،
    تن مستن ڪا مات نه کاڌي جذبن تي ڇا ڇا سوچيون ٿا.


    * پاڃاري: ڏاند گاڏيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ جنهن ۾ ڏاند جوٽيا ويندا آهن،
    * پيٽا: ليڪا، اڪثر اتر سنڌ ۾ ڪم ايندڙ لفظ جيڪو اڪثر راندين يا ڏاندن جي گوءِ واري مخصوص رستي کي چارا يا پِيٽا ڪري سڏيو ويندو آهي.


    زندگيءَ جون جي خواهشون آهن،

    زندگيءَ جون جي خواهشون آهن،
    پٿرن تي هلي ٿڪيون آهن.

    ڄامشوري جون سڏڪندڙ راتيون،
    بيد مشڪن سان روئنديون آهن.

    زرد چنڊ جا اُداس پاڇولا،
    خالي رستن تي خاموشيون آهن.

    اوچي لامن کي واءَ ڌونڌاڙيو،
    آشيانن ۾ ڪنبڻيون آهن.

    هن فيڪلٽيءَ جي ڌنڌ پاڇن ۾،
    گونگيون تصويرون ڀڻڪنديون آهن.

    روئندي احساس چيو دلاسن کي،
    دل جون چوٽون سھڻ ڏکيون آهن.

    ڪوئي ڪڻڇي ڪيرايون ويو ڪنڪر،
    آس ڀڙڪي ته آهٽون آهن.

    رات پاڇن سان ڀُڻڪي ڳالهايان،
    دل لڳيءَ جون ديوانگيون آهن.

    حسرتون، آٿتن جي ٿڦڪين سان،
    هاڻي اڪثر خفا ٿينديون آهن.

    اوڙي ”تبسم“ سنڀال تون ورنه،
    ايڏيون يادون چريو ڪنديون آهن.
    ***


    جيئن ئي سامت ۾ آيو ته سوچڻ لڳو،

    جيئن ئي سامت ۾ آيو ته سوچڻ لڳو،
    سونهن هئي روبرو يا ڪو هو زلزلو؟

    دير سان هن سنڀاليو ته هِن واٽ تي،
    قافلي سان هيو هُو اڪيلو نه هو.

    هُن جو وڇڙي وڃڻ تلخ هو ٽوهه کان،
    هُن جو ميلاپ ماکيءَ، مصريءَ تڙو.

    انتظارن ۾ پٿر ٿي ويا نيڻ پر،
    اعتبارن جو قائم رهيو ڀروسو.

    اوڙي بادل! ڪڏهن گرجي برسي به وڃ،
    روز ڀرجي اچين روز ڏِين آسرو.

    عشق اُٻريو ته سگريون ٿي سينو ٻريو،
    شوق ڇلڪيو ته دل جو وڌيو دِڪدِڪو.

    ڪاسبي تي وسين ۽ سِڪائين ننگرُ،
    ڪجليا بادل تنهنجو مَنُ ڀي کوٽو لڳو.

    روز ”تبسم“ هوائن جا رستا جهلي،
    روز ڪنهن کي صدا ۾ سڏيندو رهيو.


    * سامت: هوش، * تڙو: ٽڪرو، * ڪاسبو: ڪارونجهر جي دامن ۾ ننگر کان ٿورو اڳڀرو ٿر جو حصو
    * ننگرُ: ٿر جو حصو، ڪارونجهر جي دامن ۾ خوبصورت وادي.


    تنهنجي يادن کي ٽارڻ ڪو چرچو نه هو،

    تنهنجي يادن کي ٽارڻ ڪو چرچو نه هو،
    تو چيو، پر وسارڻ ڪو چرچو نه هو.

    هر بسنتيءَ ۾ اکڙيون لغڙُ ٿي اڏيون،
    هر ڳَليءَ توکي ڳولهڻ ڪو چرچو نه هو.

    هن دُکن واري ميلي ۾ منهنجا پرين،
    هي وڇوڙا سنڀالڻ ڪو چرچو نه هو.

    پَل قطارن ٿي پنڇين جان اڏرن جڏهن،
    تڏهن ڳوڙهن کي روڪڻ ڪو چرچو نه هو.

    پوپٽن کي ”تبسم“ بھارن چيو:
    ”سالُ وڇڙي گذارڻ ڪو چرچو نه هو.“



    * بسنت : بهارن جي موسم


    او سرحدن جا چنڊ! اڳيان انڌ ڪيترا!؟

    او سرحدن جا چنڊ! اڳيان انڌ ڪيترا!؟
    ويڇن جا سمونڊ، پار اڃان پنڌ ڪيترا!؟

    بارود جي ڀراءَ ۾ وڙاءَ شعاع جا،
    ويڙهاند پر نه ڄاڻان گهُري ڪنڌ ڪيترا.

    دُکُ ٽامڻيو ته گورَ مچي پيا هيانءَ ۾،
    سِڪ سنجري ته سُور سَڃيا سَنڌَ ڪيترا.

    هُن شاهه جي تنبور تي ميران نچي ٿَڪي،
    اي شيام! ڙي خيام! اڃان بند ڪيترا!؟

    وِکَ ويسلا وڌائي لتاڙج مسافتون،
    ڌوڻيندي ڌولِ منزلن تي ڌُنڌ ڪيترا.

    صدين کان هڪ سوال ٿو چهنڊي شعور کي،
    هن آتما جا جوڻ سان سُنٻنڌ ڪيترا؟

    ڪنهن چَپَ ڪِنار کي ڪو رات چنڊ چَڪي ويو،
    ڪا نارِ اَسُرَ ڌارِ، ڳنڌي ڳنڌ ڪيترا!؟

    طوطو اُڏيو ته پن چڪيءَ چيو توت لامَ کي،
    توکي ڦٽڻ کان اڳ ۾ ها آنند ڪيترا!؟

    ”تبسم“ هي جند هونئن ته کڻي سنڌ نه ساري پر،
    سوٺيا سُتيءَ ۾ ماءُ سان سوڳنڌ ڪيترا.



    * ميران ٻائي: هنديءَ جي وڏي ڪلاڪاره، شاعره، * شيام: هندستان ۾ سنڌيءَ جو وڏو شاعر، خيام: ايران جو ويٺل فارسيءَ ۾ رباعين جو وڏو شاعر، * ويسلا: اڻڄاڻ، غافل، * بند: مصرع، * ڌول: مِٽي،
    * ڳنڌڻ: ويڙهڻ، ڳتڻ، * ڳنڌ: چوٽيون ڪرڻ، وڪوڙڻ، * آتما: بد روح، * سوٺيا: اقرار ڪيا، وچن ڪيا، * سوڳنڌ: قسم، واعدو.


    هڪ هاڪ تنهنجي حُسن جي ٻيو معجزا نهار جا،

    هڪ هاڪ تنهنجي حُسن جي ٻيو معجزا نهار جا،
    سِڪُ سونهن جي ورونهن تي جُڙاءَ نينهن نِکار جا.

    سنڌوءَ ڪپر تي سانوري، پَرين جي ديس جي پَري،
    ڪنهن ڊيل جان ٽلي، کِلي ته ڳل ٻه اڌ انار جا.

    هڪ دلبريءَ ۾ دل ٺَري، ٻيو چاندني مٿان ٻري،
    دل ڇوهَه مان ڇلي، ترانا ڇيڙيان نئين بهار جا.

    جيئن شام جهولي پينگهه ۾ ته سانجهه جهانجهريون ٻڌَي،
    ڇُلڪن گهڙيون شباب جون نچن نشا خُمار جا.

    مُرڪين ته مَستيون مچن رُسين ته روحُ گهائجي،
    تون سانوڻيءَ جي بوند بعضي دُودَ انتظار جا.

    اک ريشميءَ جي گهُور ڏئي هزارَ پورَ وئي هلي،
    ”تبسم“ اکيلجن تيئين جيئن ويڙهيان تاڪيا سارَ جا.

    ****


    تنهنجي يادن جا سلسلا آهن،

    تنهنجي يادن جا سلسلا آهن،
    انڌين ۾ ڏيئا جهليا آهن.

    بعضي دردن جي وِڄُ بارش ۾،
    لُڙڪَ سيلاب ٿي پوندا آهن.

    هِنَ گُلن، پوپٽن کي ڪهڙي خبر،
    هٿ مسيحا ۽ هٿ قضا آهن.

    جي زخم زندگي ڀري نه سگهي،
    سي دُعا تي ڇڏي ڏبا آهن.

    تو اسان کي خبر نٿي پئي پر،
    جهرڻا جبلن جا ڳوڙها آهن.

    منهنجا پاڇا مون کي ڇڏي اڪثر،
    تنهنجي ڳلين ۾ ڀٽڪندا آهن.

    مفلسيءَ جي ڏينهن ۾ عيدُن جا،
    چنڊ ڀي روز اُڀرندا آهن.

    بعضي جيون جا حادثا ”تبسم“
    عمر جَنڊَ وانگي پيهندا آهن.

    ***


    بَندِ اکين ۾ روشني سُڏڪِي،

    بَندِ اکين ۾ روشني سُڏڪِي،
    تيز جهوٽن ۾ هَٿَ - بتي سُڏڪِي.

    ڪنهن بتيلي جو جهمڪندڙ ڏيئو،
    جيئن وِسميو ته ڪا، ڪَتي سُڏڪِي.

    ڪنهن شڪاريءَ ڪٿي شڪار ڪيو،
    بند مُٺ ۾ ڪا پوپٽي سُڏڪِي.

    نائڪا جي نحيف پيرن ۾،
    رات گهنگهرن جي بي وسي سُڏڪِي.

    در تان جهوٽي هوا هلي به وئي،
    يادگيرين جي آرتي سُڏڪِي.

    هوءَ جواني جا ڪنهنجي ٿي نه سگهي!
    تنهن جي اَرٿيءَ مٿان سَتِي سُڏڪِي.

    ڪنهن نه ڄاتو ته ڪير هو ”تبسم“!
    هُن پڄاڻان پئي دوستي سُڏڪِي.

    ***


    چنڊ آهِليو ته جهومي تو آرس ڀڳو،

    چنڊ آهِليو ته جهومي تو آرس ڀڳو،
    ايئن لڳو ڀڙڪو کائي ڪو سارس اُڏيو.

    سنگتراشن جي ڳلين مان گذريم ڏٺم،
    هر تراشيل صنم تنهنجو نقشو لڳو.

    چنڊ واريون اکيون، جهُڙَ ڍڪيون ساڙ مان،
    جو پَهرُ ٿو کِڙي، توکي گهُوري يڪو.

    تون ته پازيب پائي هلينءِ سمونڊ تي،
    تو نه ڄاتو ته ڇولين جو ڇا حال ٿيو.

    حُسن جي ڀيٽ آ خودنمائي عمل،
    حُسن سو جنهن کي اعزاز ازخود مليو.

    مرڪي جهومين ته جهنڪار جي پئي فضا،
    سنک واديون وَڄن، وِڄُ وراڪي رڳو.

    حُسنَ پريون ”تبسم“ چريون سونهن تي،
    روشنيون تيئن ٻريون جيئن تو مُرڪي ڏٺو.


    * سارس: پکي، * پازيب: پيرن ۾ پائڻ وارو زيور،
    * آهلجڻ: ٿَڪُ ڀڃڻ لاءِ ٿورو ليٽڻ،
    * سنک: ڦوڪ جو ساز، فقير مزارن تي وڄائيندا آهن، * وڄ: کنوڻ


    اُڀ تي اڏامندڙ پکي ڪيڏو دُکي لڳو،

    اُڀ تي اڏامندڙ پکي ڪيڏو دُکي لڳو،
    سانجهيءَ جي ڌنڌلي ڇانو ۾ هيڪل اُڏيو پئي ويو.

    چنڊ کي نديءَ رات ڳِراٽي وجهي چيو:
    ”ڪوئي وشال جڳ ۾ منهنجو همسفر ته ٿيو.“

    جيونَ جي رِڻ پٽن ۾ جياپي جون ڪوششون،
    پوڙهي پکيءَ ڪٿيون ته اچي ڍُنڍ ڪرين پيو.

    ٻاٻيهي گهاءُ کائي ڏٺو آسمان ڏي!
    واريءَ سان هن ڀِٽن تي ڀي بوندون وسائجو.

    ڪيڏي اُماس رات آ سناٽا ڪوڪِرن،
    ڪا رڙ ڪٿان، او ساٿيو ڪو سَڏُ ورائجو.

    تنهنجي اڳيان جي لُڙڪ ڪِريا رائگان نه ويا،
    تو ڳوڙها خود اُگهيا اچي، سڏڪڻ سڦل بڻيو.

    ڪجهه جوش، وفائون ۽ ڪي گيت پيار جا،
    جو جندُ کي مليو سو حصو سنڌ کي ڏنو.

    ڇت هيٺان ليٽي ڪا گهڙي گهُوريم قنديل کي،
    جهمڪي اُجهامي پَئي ته ڏيئي ٽِمڪي چيو اِجهو.

    ڪا روجهه ٻيٽ تي ڊُڪَي پاڻيءَ تلاش ۾،
    ڏائڻ ڪو کيس ڏِيرِ مان تاڙي پيو يَڪو.

    ڪيڏيون مسافتون هون منهنجون منتظر مگر،
    ”تبسم“ کي مُهلتون نه تنهنجي غم ڏنيون، نه تو.


    * ڍنڍ ڪرين پوڻ : اوڇنگارون ڏئي روئڻ، * ٻاٻيهو: ٿر جو پکي، جيڪو ڳيري جهڙو ٿيندو آهي،
    * سڦل: ڪارائتو، لاڀائتو، * قنديل: ٽنگيل فانوس جنهن اندر ميڻ بتي ٻاربي آهي،
    * ڏير: گاهُه، ڪنهن کڏ ۾ پاڻ مرادو ڦٽل گاهه.


    دونهاٽيل دونهاٽيل حياتيءَ جون واٽون،

    دونهاٽيل دونهاٽيل حياتيءَ جون واٽون،
    هي سنسان رستن تي وسميل ڏياٽيون.

    اوڙي ميت منهنجا اوڙي ميت منهنجا،
    نه وڃ تون نه وڃ منهنجو من اُساٽيون.

    اداسين پڪاريو کنڊيريو خدارا!
    هوليءَ رنگ هوا ۾ شعاعن جون ڇاٽيون.

    نه مان تنهنجو راڻو نه منهنجي تون مومل،
    نه مان ڪاڪِ ڪوري نه ڪِسنيون تو ڪاٽيون.

    سانوڻ رنگ اکين ۾ سکين منجهه سڏڪا،
    نه پلرن جو پاڻي نه مَنهَنِ ۾ ماٽيون.

    او سنڌ! جندُ منهنجي ڪو نظري ويو توکي،
    نه شاديون ڇَننَ ۾ نه پيرن ۾ پاٽيون.

    ڪو ساٿي ڪو سرتو سمي کي بيهاري،
    ڪو رمتي کي روڪي کڻي کُوهه- کاٽيون.

    اڪيلين ڳلين ۾ ازل جون اداسيون،
    تنهائي ”تبسم“ ڀرائي ڀنواٽيون.


    * ڪسنيون: مقدر ۾ لکيل تڪليفون، * کنڊيريو: پکيڙيو، * ميت: پيارو دوست،
    * پاٽ: ٺڪر جو ويڪرو ٿانءَ، جنهن ۾ ڀت وجهبو آهي، يا جنهن ۾ طوهر وقت ٻار کي ويهاريو ويندو آهي.
    * رمتو: دڳ ويندڙ، * ڀنواٽيون : ڦيريون، مٿو چڪرائجڻ.


    مان خزائن جي فصل کي چيٽ افسانا ڏنا،

    مان خزائن جي فصل کي چيٽ افسانا ڏنا،
    گهاءَ پوپٽ جان اڏاريم خوابُ اوجاڳا ڏنا.

    عاشقيءَ جي خفت ۾ ساري عمر جو بانڪپن،
    ڪجهه ڦُريو آوارگين ڪجهه دوستن دوکا ڏنا.

    چاهنائن جي سفر ۾ محبتن جون خواهشون،
    جيئن مان طلبيون، تيئن هن فاصلا ٻيڻا ڏنا.

    هي دکن جون ساوڪون ازخود ته مَنَ ناهن ڦٽيون،
    دل مان، بعضي اک مان، سوڪهڙن کي آواندا ڏنا.

    قافلي سان گڏ رهي چٿرون ڪيم پئي واٽ تي،
    قافلي کان ڌار ٿي ڪيڏا مان هرجاڻا ڏنا.

    سوجهرن جي سرحدن تائين پڳي رَٿ رات جي،
    گهات ۾ بيٺل اُجالن ٻاٽ کي ڪُٽڪا ڏنا.

    روز اک رُسندي رهي، پُڇندي رهي لُڇَ جو سبب!
    مان ڪُڇان ان کان اڳي سُڏڪن وٺي ڀڙڪا ڏنا.

    موڪلائيندڙ صديءَ کي الوداعي گيت ۾،
    وحشتن، بک، ماڻهپي دل کولي پاراتا ڏنا.

    ڏور، هو جو ڏور ڪو ٽانڊاڻو ٿو ٽمڪيو وتي،
    تاري واريءَ اَهَل تنهن کي ڪيترا صدما ڏنا.

    منزلن جي چاهه ۾ رستا ڪڏهن ماپيا نه ها،
    شوق پيو ٿڪجي ته پوءِ ڏيکاوَ تن ڪيڏا ڏنا.

    ڪجهه ڦِڪا گل، يادگيريون سال جي تڇ تي رکي،
    هر جنم ڏڻ تي اچي هن ساڳيا ئي تحفا ڏنا.

    تو تائين پهچڻ جا جانان سهنجا ها سڀ گَس مگر!
    تو الائي ڇو پُڄڻ جا ڏَسَ وٺي اَهنجا ڏنا.

    ڪنهن چيو رولاڪ ڪنهن ”تبسم“ ته ڪنهن رُسوا چيو،
    حُسن جي حُسناڪين اعزاز ها ڇاڇا ڏنا.



    * سوڪهڙا: خشڪ سالي، پاڻي جي اڻهوند سبب ويراني، * رٿ: سواري، * ٻاٽ: اونداهي،
    * ڪُٽڪا ڏيڻ: مار ڏيڻ، *تڇ : ويڪرو ٿانءُ، * ڏِڻ: وارُ ، موقعو


    او آس ڀريا ڙي بادلڙا تاسارن تي تِلُ تَرسين هان،

    او آس ڀريا ڙي بادلڙا تاسارن تي تِلُ تَرسين هان،
    ڪي کيلَ ڪرين ها کنوڻين جا آسارن تي ڪجهه اوتين هان.

    ٻاجهر جي سنگن تي ٻوليندي ڪي ڏينهن ٿيا ٻاٻيهن کي،
    جهُڙ نيڻ جهِميا پئي جهرڪين جا ڪڻڇين جو ڪرب ته سمجهين هان.

    ڪي ڳيچ سَکيون ڪيئن ڳائن جو پيرون نه پٽن تي لِيار ڦُٽو،
    چا پاندِ وجهن ها پاڻيارون ڇا ڇيڄ ڪري ڇُلڪائن هان.

    ڪجلن نيڻن ۾ ڪِيرَ کُتا، اوسيئڙا سَرَ ٿوهر ٿي ڦُٽا،
    پلرن جي تون پالوٽ ڪري، ٻيلاٽيون هيل ته ٻوڙين هان.

    چيلهار کيتن ۾ چِيڙهه ڦٽو ڪُونڀٽُ نه ڪوئي روهيڙو رَتو،
    ڇا گجُرِ پيا کي گل آڇي اَڪ ڦُلڙيون ئي ڦولارين ها.

    تاڙن جي تنوارن ۾ ”تبسم“ اُڀ هيٺان اڃارا گيت لڇن،
    ڪيئن توتي نه ڌرتي دانهيندي، سوڪهڙا اڳي تون سوچين ها.



    * ڪِير: لوهيون شيخون، ميخون، * چيلهار: ٿر جو حصو، * اوسيئڙو: انتظار
    * سوڪهڙو : پاڻيءَ نه ملڻ ڪري غير آباد ٿيل زمين،


    درد کي آٿتون ڏيون وڃجو،

    درد کي آٿتون ڏيون وڃجو،
    آس جا ديپ ٻاريون وڃجو.

    مون وٽان جيئن اُٿو ته ياد ڪيون،
    پنهنجيون يادون به گڏ کنيون وڃجو.

    ٿوهرن اَڪ ڦُلين ڏي چَوِرايو،
    ”ڪنهن دفعي تلخيون چکيون وڃجو!“

    آبشارو ندين کان وقت ڪڍي،
    ريگذارن کان ڀي ٿيون وڃجو.

    موسمو! پوپٽن تي قياس ڪري،
    چيٽُ ڪي ڏينهن وٽن ڇڏيون وڃجو.

    ننڊ لهرن ۾ ناوَ سپنن جي،
    رات ڌيري اُڪاريون وڃجو.

    مينڌرا مَنَ گهُريا وڃو ته اَٿا،
    پاڻ سُرڪائي ٻَکُ ڇڏيون وڃجو.

    تنگ ڳلين مان پنهنجي ”تبسم“ کي،
    ڪنهن سِري کان بيهي سڏيون وڃجو.


    * سِري: شروع وارو حصو، مُنڍ


    پاڻ ئي پنهنجا لڙڪ پيئان ٿو،

    پاڻ ئي پنهنجا لڙڪ پيئان ٿو،
    جهڙي تهڙي حال جيئان ٿو.

    درد جا آڇين اُگرا پيالا،
    مي پيالن جان مرڪي وٺان ٿو.

    تون ڇو منهنجا ڳوڙها پيئندين؟
    پنهنجي وِهه کي پاڻ ڳِھان ٿو.

    پنهنجي واري ايندو رهجانءِ،
    منهنجو وارو مان ته هلان ٿو.

    هُنَ ڏي کنياتا، خوابَ کنيون وڃ،
    ڪِرچيون اکِ جون ڪُل ميڙيان ٿو.

    علميت جا اونداهه ادارا،
    دروازن تان دَز ڇنڊيان ٿو.

    آڳل پاڇل پاڻ سنڀالج،
    ناوَ کي تنهنجي نانءِ ڪيان ٿو.

    سوچون سِگريون لوچون ٽانڊا،
    تانگهه تتيءَ ۾ تيئن تپان ٿو.

    ڌرتي! تون جي دُودَ دُکين ٿي،
    آئون به ”تبسم“ آڳ ٻران ٿو.

    * کنياتا: نياپو کڻي ويندڙ، * اُگرا ڪوڙا ، سخت، * ڪرچيون : سنها ذرا ذرا ٿيل
    * آڳيل : ٻيڙيءَ جو اڳيون حصو، * پاڇيل: ٻيڙيءَ جو پويون حصو، * ناوَ: ٻيڙي


    سانولَ سِڪ جا آرَ نه پارَ،

    سانولَ سِڪ جا آرَ نه پارَ،
    جَل ٿَل سينو ساگر سارَ.

    هيڏانهن سهڻي هوڏانهن ساهڙ،
    وچ تي درياءُ تارون تار.

    ڪا دل وِسڪي ڪا دل وسمي،
    قسمين قسمين پُورَ پچار.

    نِينهنَ جي ناوَڪَ ناٿ نمايا،
    دهليا جُملي دعويدار.

    نيٺ چنيسر چِتِ ڪيائين،
    ڪؤنروءَ جيتيو آخرڪار.

    وڇڙڻ کان اڳ سِڪَ ورڇيون جو،
    ورڻا ناهيون ٻَئي ٻيهار.

    عشق ”تبسم“ آڳ ازل جي،
    ڄرڪي جندڙي سڀ ڄمار.


    * وسڪي: هرکي، * ناوڪ: تير
    * ناٿ : بهادر وڏي نالي وارو، * دهليا: ڊڄي ويا.


    منهنجي ديوانگيءَ جا افسانا،

    منهنجي ديوانگيءَ جا افسانا،
    تنهنجي ڳلين تائين پڳا جانان.

    حسرتن، بي رخين کي سانڀي رکيم،
    دوستن جا ۽ تنهنجا نذرانا.

    تو کِلائي، رُئاريو ڇا ٿي پيو،
    توکان اڳ ڀي ته جيئندا هئاسون نا.

    تو نيپوڙيا نه پنهنجا وار ڳنڌيا،
    ڇا ٿيو ڪڪرن کي، ڇو ٿيا ديوانا.

    سونهن! جي توکي ڪا ورونهن کپي،
    هي منهنجي دل هي تنهنجا نيشانا.

    تون نه ”تبسم“ جي ساوڪون چوڙيون،
    شال ماڻين اندر جا ويرانا.


    * ورونهن : مصروفتين وندر


    هي ڏينهن منهنجي هٿ منجهان پکي بڻيا اڏيا وڃن،

    هي ڏينهن منهنجي هٿ منجهان پکي بڻيا اڏيا وڃن،
    پَل پَل جا تيز وهڪرا پُل هيٺان گذرندا وڃن.

    واهوندي ويل جو ڪڏهن، ته ٻڌ پکين جون راڳڻيون،
    واهيري کي ڇڏيندي ڏور گيت ڳائيندا وڃن.

    ڌرتيءَ کي پنهنجون سرتيون ۽ اُڀ جون دوستيون الڳ،
    سانجهيءَ جو پر ٻئي ڄڻا ڪيلاش ڏي ڪٺا وڃن.

    هوءَ چنڊ واري چؤنري ۾ نه خود سُتي نه آئون سُتس،
    ٻنهن جي دل ڀري نه هئي ته پَهر کسڪندا وڃن.

    ٽيگور چيو ڪبير کي آءُ جهٽ ڪا ويهي سوچيون،
    هي وهٽ هن حيات کي ڪيڏانهن ڪاهيندا وڃن!؟

    تارن، ڪَتينُ جي ٻانهن ۾ جهوليندي ڦيريون ڏنيون،
    ۽ ڪهڪشائون جن تي شعاعَ رقصَ پيا ڪندا وڃن.

    هو دوَر جنجي پاند تي صدين جون تاريخون لکيل،
    ۽ فرد، تن جا جُلد کولي سُودَ پاڙيندا وڃن.

    جا وِهُه ڪري وَتم سا تُرش پاڻ تي ترياق پئي،
    هي ڪَلال ڀي ڪَنبي ويا ته ڇا پيا اوتيندا وڃن.

    “ تبسم” حيات ڀل هوا جي دوبدو هجي مگر!
    اُتساءَ جا ڏيئا تيئين پساهُه پائيندا وڃن.


    * ڪيلاش: هماليه جبل جي چوٽي، * ٽيگور: بنگال جو وڏو شاعر جنهن کي سندس شاعريءَ جي ڪتاب گيتا انجلي تي نوبل انعام به مليو. * ڪبير: هندوستان جو سنت شاعر خاص ڪري هندي دوهن جو وڏو شاعر.
    * سود: منافعو ، * وهه : زهر، * ڪلال: شراب ڏيندڙ.


    دوست آهيو وفا ڪيون وڃجو،

    دوست آهيو وفا ڪيون وڃجو،
    دل پلڻ جي دعا ڏيون وڃجو.

    آسمانن کان ضبط ڪير گهُري؟
    دل اوهان ئي دلاسيون وڃجو.

    بي گناهيءَ جون ثابتيون نه گهُرو،
    دوستيءَ جي سزا ڏيون وڃجو.

    منهنجي دل، مان ٻئي جُڙي نه سگهون،
    چوٽ ڪا اهڙي مَنَ هنيون وڃجو.

    دل ۾ ”تبسم“ جي ديپ ٽمڪن ٿا،
    اي هوائو سنڀاليون وڃجو.

    ***


    هيءَ رات نيٺ هلي ويندي،

    هيءَ رات نيٺ هلي ويندي،
    ڪنهن پاڇي جان گم ٿي ويندي.

    جيونَ ٻيڙي لڏندي لمندي،
    پار ته نيٺ پُڄي ويندي.

    ڪاري ڪَڪِري ساري تنهنجي،
    ڪجلي ڌار وهي ويندي.

    ڪو ته پيا کي ملندو چوندو:
    ”آسَ وندي اُڏري ويندي.“

    اوڙي اُماوس رات ٻري پئُه،
    اونداهي وسمي ويندي.

    ڪويل! ڇالئه ڇَپِ هنئي ٿئي؟
    دل رهندو دهڪي ويندي.


    * ڇپ: ماٺ ڪري ويهڻ، لڪڻ


    انتظارن ۾ دل جا دريچا کليل،

    انتظارن ۾ دل جا دريچا کليل،
    آءُ وَري آءُ واٽن ۾ ديدون وِڇيل.

    رات اُسري وئي، باک نکڙڻ لڳي،
    تون نه موٽئين ڪٿان، وئي وِسامي مشعل.

    دل چيو جهومي جانيءَ جي آجيان ڪجي،
    آسَ اُڏري چيو مان وڇايان ڪنول.

    منهنجي سندرتا منهنجيون سموريون خوشيون،
    تنهنجي پرڇائين، تنهنجي اچڻ واري ٽَلَ.

    غير ڇا پاڻ کي ڀي خبر ئي نه پئي،
    ايئن ڪو هڪ ٻئي ۾ رَلجي وينداسون مِٺل.

    يادگيريون خاموشين ۾ سڏڪڻ لڳيون،
    دل جي تنهائين ۾ انوکي اٿل.

    جوت جهرڻن کي چيو، هُو ته اُڀ ڏي ڏسو!
    چانڊوڪي جَلَ پري ديوَ تارا بڻيل.

    دَردَ ڪنڪر هنئي، سوچ سُڏڪي چيو،
    درد! بي درد توکي نه آئي ڪهل.

    جهُڙ ڪڪر جنهن پهر اُڀ تي پينگهون ٻڌن،
    دل چوي توڏي اُڏري پڄان تنهن مهل.

    آس پاڇن کي سورجَ ڳراٽيون وجهي،
    آٿتيندي چيو: ”نيٺ ايندا رُٺل.“

    ڪن جُڳن کان جڙيل تنهنجو منهنجو مِلن،
    دل جا سودا ”تبسم“ ازل کان رِٿيل.


    * نکڙڻ – ظاهر ٿيڻ، * پرڇائين : پاڇو ، سايو، * ٽل : ارادو،
    * ڪنڪر: ننڍڙي پٿري، * آٿتيندي – دلاسو ڏيندي


    سانول سَرسُ سنڀار لڳي آ،

    سانول سَرسُ سنڀار لڳي آ،
    پل پل تيزُ تنوار لڳي آ.

    راتيان ڏينهان روحُ سِڪي ٿو،
    ڍوليا اهڙي ڍارَ لڳي آ.

    سامهون آئي سَلَ ڪيون وئي،
    پَلَ ۾ ناوَڪَ پار لڳي آ.

    انگ انگ ۾ انگاس ٻري پيا،
    تاس رَڳُن ۾ تار لڳي آ.

    آشا اهڙي آسا ڇيڙي،
    موسيقيءَ ماٺار لڳي آ.

    ڪونجن هيٺ نهاريو ڪڻڪيون،
    سنڌ ۾ سُور بازار لڳي آ.

    ايئن مان هن کان ڪيئن وسران هان،
    وينگس کي ويسارَ لڳي آ.

    جهرڪيون جهُڙ ۾ پنکَ پسارن،
    اوجهڙ لئه اُٻهار لڳي آ.

    ٻيجل، ٻڌجانءِ مان ٻوليان ٿو،
    نس نس کي نِڇڪار لڳي آ.

    آءُ ته مي جا مَٽَ اُڪلايون،
    جا جهٽَ هَٿِ هيڪار لڳي آ.

    اوڙي ڪويل! ٻول اسانجي،
    جيون کي جهونگار لڳي آ.

    هر پيانو موزارٽ گهري ٿو،
    هر ڪا ڌُن هشيار لڳي آ.

    مونکان جيون ڪيئن وڇڙي جو،
    حال کي ماضيءَ ڄار لڳي آ.

    تنهنجي ”تبسم“ کي او رانول!
    رنگتِ ڪا رنگِدار لڳي آ.


    * سل- سوراخ، ٽُنگڙا، * ناوڪ: تير، * آشا: هندستان جي ڳائڻي، * آسا: راڳڻيءَ جو نالو (باک ڦٽڻ جي وقت ڳائبي آهي.)، * اوجهڙ ٿيڻ: لڪڻ، پناهه وٺڻ، * نڇڪار: نڪ مان ڇڪ جو اچڻ. * موزارٽ: موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو. (آسٽريا جو رهواسي) بنيادي طور وائلن وڄائيندو هو.) * پيانو: انگريزي ساز جو نالو.


    جاڳ نڪري ته ننڊَ آرَ ڪري،

    جاڳ نڪري ته ننڊَ آرَ ڪري،
    خواب بيٺا رهيا قطارَ ڪري.

    هُن جي جهرمر اُداس پلڪن تي،
    آس جَنمنِ کان انتظارَ ڪري.

    درد جي، جيتري وڻيس مگر،
    عشق جي شل عُمر دراز ڪري.

    هوءَ سهيلين کي ڪيڏو ليلائي،
    ڪا پَهرُ ننڊَ جو اُڌارَ ڪري.

    آرهڙ جي اُداس شامن ۾،
    نيڻ ٽمندا رهيا نيسارَ ڪري.

    ڪارونجهر جي حَسين دامن ۾،
    ننگر تي چاندني پَسارَ ڪري.

    جوڌپور جي قلعي ۾ سياحَ ٽڪيل،
    خاص واقعن جي خبر چارَ ڪري.

    ايمپائر اسٽيٽ جي اوچائيءَ تان،
    ڪوئي نيويارڪ تي نِهارَ ڪري.

    آشائو! ڪجهه ته ڌيرجون ڌاريو،
    ڪي دِشائون چون پُڪارَ ڪري.

    نيٺ ”تبسم“ تنهنجي تنهائين ۾،
    ڪو ته ايندو ڪٿان اُڏارَ ڪري.


    * جوڌپور قلعو: هندستان جي علائقي راجستان ۾ واقع تاريخي قلعو.
    * ايمپائر اسٽيٽ: آمريڪي رياست نيويارڪ ۽ شهر نيويارڪ ۾ واقع هڪ سو ڇهه ماڙ عمارت.
    * دِشا: طرف، پاسو.


    آءُ جانيئڙا جڳ اورانگهي سُکَ واري سنسار هلون،

    آءُ جانيئڙا جڳ اورانگهي سُکَ واري سنسار هلون،
    دردن جون ڪُل نگريون اُڪري، نڪري ڪنهن نئين دوار هلون.

    تنهنجو پنهنجو ويسهه آ نه ته مڌ ۾ تنهنجو سنُهن سائين،
    توکان وڌ ڪو نشو ته ڪونهي ڇو پيئڻ ٻي پار هلون!؟

    ڇو اڄ گهايل گيت سُڻائين پير مان پايل لاهين پائين،
    گوري گجرا پاءِ ته جهومي ڦيريون ڏئي ڦُولار هلون.

    گهاٽين ڪڪرين جي جهڙ ڦڙ ۾ جوڀن پنهنجو جهورِ نه تون،
    وسمي پنهنجا وار نه ڇوڙج مرڪ ته ڪنهن منجدهار هلون.

    منگتاڙي! مايوس نه ٿي تون ”تبسم“ ڏي هل تند کڻي،
    جهوناڳڙهه ڪو جکرو ٻُجهجي ٻيجلَ آءُ ٻيهار هلون.



    * سنهن: قسم ، * منگتو: فقير


    اوڙي سرتي باک ڦٽي آ لاکَ صبوح تان کڻندي هل.

    اوڙي سرتي باک ڦٽي آ لاکَ صبوح تان کڻندي هل.
    سورج رُخ جي اجري مُک تان اونداهين کي اُگهندي هل.

    ڏک واديءَ ۾ نُکَ تي ويٺل جهور سنياسي ڀُڻڪي ٿو،
    بنواسين جي وستيءَ مان وِکَ نينگرِ تيز ڀريندي هل.

    ڀنڀرڪيءَ جو ڀورا ڪارا بادل ڇانيا برپٽ تي،
    مرگهه نهاري چيو ڙي بارش وسڻي آهين وسندي هل.

    صدين جا هو سونهان جوڳي هيل نه ڇو ليئا ڪيون ويا،
    ڇو لاهوتي لنگهه مٽي ويا، ٻاٻُرَ ڪنهن کان ٻڌندي هل.

    انڌ ڪارن جي رڻ ۾ جيڪي واٽون ڳولهي وڇڙي ويا،
    اوڙي باک ڪتي! تون تن کان پيڙائون ته پُڇندي هل.

    سارا پاڇا ڊوڙي ٿڪجي نيٺ پُڳا ڪنهن ڀاڪر ۾،
    هاڙهي بيٺو تاڙي ”تبسم“ تون تنهن سان ڀيچيندي هل.



    * نُک: کجين جي پوٽن مان ٺهيل تڏو، *ليئاڪڻ: جهاتيون پائڻ، * مرگهه: پکي،
    * هاڙهي: ساٿي، دوست، * ٻاٻر: خبر، افواه، سونچو.


    هو جو دردن جي وادين ۾ گم ٿي ويو،

    هو جو دردن جي وادين ۾ گم ٿي ويو،
    دل جي گَھِرين اُداسين ۾ گم ٿي ويو.

    ڌرتتيءَ کان ڊُڪيو آهليو ڇانءَ ۾،
    مورڳو ڌُنڌ پاڇن ۾ گم ٿي ويو.

    همسفر کان سفر دوران وڇڙيو ته پو.
    فاصلن جي سودائن ۾ گم ٿي ويو.

    هُن کان جوڀن جا جولان وڇڙڻ لڳا،
    هو وهيءَ جي تلاشين ۾ گم ٿي ويو.

    دل جا ناتو ڳنڍي ڪنهن کي دل ڏئي ڪري،
    تا عمر پوئوارين ۾ گم ٿي ويو.

    آبشارن ڌارائن کي چيو سوچجو!
    جيڪو وڇڙيو درياهن ۾ گم ٿي ويو.

    سوچ ئي سوچ ۾ هو سراپيل رهيو،
    ڪيڏو ڏاهو اياڻن ۾ گم ٿي ويو.

    باک جو شاخ تان ڪڻڇي ٻولي پيو،
    هڪ ”تبسم“ تنهائين ۾ گم ٿي ويو.



    * ڌارا: پاڻيءَ جو وهڪرو، * سراپجڻ: خوف ۾ رهڻ.


    جهرڪي کڙڪيءَ کي ٺونگي پئي باک چئي ٿي نغما

    جهرڪي کڙڪيءَ کي ٺونگي پئي باک چئي ٿي نغما
    او سرتي! اُٿ رات رمي وئي ڇڏ ساجن سپنا.

    شام جي ڌنڌلن پاڇن هٿ ۾ يادن جون ويڻائون،
    رات جي گونگن لمحن اک ۾ جهلڪَي مرگهه ترشنا.

    انڌيارن کي اڳ ۾ پنهنجيون ڪيڏيون درد ڪهاڻيون،
    سانجهه جا پاڇا ويتر تن جا پڄرائڻ ٿا سينا.

    سَرَ تي ويٺل ٽانڊاڻي جي ڪن ۾ تارو ڀڻڪيو،
    تو مون جهڙن رولاڪن کي ڪهڙي ڪاڪِ- ڪلپنا.

    مون کان پوءِ هُوءَ سرتي ”تبسم“ شاعريءَ سان پرتي،
    ڌرتيءَ سان گڏ سرتيءَ سان ڀي سَنمُک ٿياسون نا.



    * وينائون: هڪ قسم جو ساز، * مرگهه ترشنا: رُڃ ۾ پاڻي جهڙو ڏيک پر اصل ۾ پاڻي ناهي هوندو.
    * ڪاڪ- ڪلپنا: منزل پڄڻ جي خواهش، * سنمک ٿيڻ: ڪنڌ کڻڻ لائق ٿيڻ، برابري ڪرڻ.


    يادن جي گذر گاهه لتاڙيون هليا وڃو،

    يادن جي گذر گاهه لتاڙيون هليا وڃو،
    سوچن جي بارگاهه کي ساڙيون هليا وڃو.

    اولانڀا ستارن کي تڪي مس سمهي رهيا،
    ڌيري هي خانقاه وِرانگهيون هليا وڃو.

    نيڻن جا نير، تيل ٿي جرڪيا چراغ ۾،
    محفل جي هر قنديل اُجهايون هليا وڃو.

    هر تڙ تي ڌنڌلا عڪس هڻي ٽِڪَ بيهي رهيا،
    ڪنهن ڀِڪَ تان مون کي پارِ اُڪاريون هليا وڃو.

    ڪنهن بي وفا جي ذڪر تي سُڏڪي وفا چيو،
    ڇُلڪَي لهو نگاهه ڇُپايون هليا وڃو.

    شب ڀَر اوهان جي ذڪر پئي سلگايو درد کي،
    ڪنهن پَلِ اچي ته خود ڀي دُکايون هليا وڃو.

    ٻاهر جي چيٽ موسم، دل ۾ گهڙي نٿي،
    هڪوار کيس هٺ تان لاهيون هليا وڃو.

    پٿر ٿي تنهنجي در اڳيان پئجي رهيو ته ڇا!
    ”تبسم“ کي سنگِ ميل ئي سمجهيون هليا وڃو.

    ***


    دک جو اثر ته وٺبو، پاڇا ته ناهيون جانان!

    دک جو اثر ته وٺبو، پاڇا ته ناهيون جانان!
    سورج يا چنڊ وانگي، نرڄا ته ناهيون جانان!

    ڪو دُک سهي رُناسين، ڪنهن سُکَ تي ٽهڪي پياسين،
    احساس جي اثر کان، آجا ته ناهيون جانان!

    دل چئي نه چئي تڏهن ڀي، جيون اُڪارڻو آ،
    آخر ته منش آهيون، منشا ته ناهيون جانان!

    محراب جي اڳيان يا، محبوب جي پڻيءَ تي،
    دِل چيو جَبِين جهُڪائي، ڌڙڪيا ته ناهيون جانان!

    وستين جي بربريت ڏي، جهنگلن کان نياپا آيا،
    وحشي اسان ڀي آهيون، اهڙا ته ناهيون جانان!

    تون اشارين ٿي ڪڏهن کان، ٿو لنوايان حاضرين کان،
    شاعر ته ٺيڪ هُون پرَ، شُرفا ته ناهيون جانان!

    پَنَ ڇڻ جي موسمن ۾، تنها ڳلين جا منظَر،
    هر هر پُڇنِ ٿا اکِ کان، ڌنڌلا ته ناهيون جانان!

    طبقاتي زندگيءَ کان، باغي ته آهيون ليڪن،
    بُکَ جون ڌڄيون اڏايون، نظريا ته ناهيون جانان!

    هر حاضريءَ سان مونکي، مشروط ڇوٿا ٺاهيو،
    گرمايون انجمن کي، وئشيا ته ناهيون جانان!

    اونداهين ٻيٽ جي ڪنهن، سادي ماڻهوءَ وراڻيو:
    ”مهذب ناهيون ته ڇا ٿيو، ننگا ته ناهيون جانان!“

    ڀِيلڻِ جي کارڙيءَ ۾، مٽيءَ جا گهُگهِڙا ڀڻڪيا،
    ”تهذيب جا ڪي پويان، وِرثا ته ناهيون جانان!“

    جنهن زندگيءَ اُڀاريو، طي آ تنهين ۾ اُلهبو،
    پنهنجي رضا کي ماڻيون، ڪي خدا ته ناهيون جانان!

    جنهن سونهن دل سلهاڙي، جنهن لاءِ سِڪي گذاريو!
    تنهن کان به ڪو پُڇِي ڏي، وِسريا ته ناهيون جانان!

    هُن عشق اَک ڏيکاري، آڙاهه ٿئه ”تبسم“!
    هِن شوقَ ڇُوٽ ٻوليو، سَڌڙيا ته ناهيون جانان!



    * منش: ماڻهو، * منشا: مرضي 


    بدنام زندگيءَ مٿان الزام ڪيترا!؟

    بدنام زندگيءَ مٿان الزام ڪيترا!؟
    ناڪام عاشقيءَ هٿان انعام ڪيترا!؟

    کڙڪائي دَر هوا ۽ ستارا هڻن اکيون،
    آزاد فطرتن مُڪا پيغام ڪيترا!؟

    سارنگ هَر اُمنگ رچيا رنگ ڪور تي،
    هُن ٽُورَ تي ٿيا گهورَ نِسنگَ نامَ ڪيتراَ!؟

    هر جاءِ هاڪَ حُسن جي هُجوم ڳاهٽيا،
    هُن بام، صبوح شامَ، اچن عام ڪيترا!؟

    مُرڪَي ته مَهِڪي واءُ ۽ هيرون هُڳاسجن،
    گهُوري ته گام گام تي ڪُهرام ڪيترا!؟

    رابيل چاندنيءَ کي ڳراٽي چيو سَکِي!
    تون ڳَڻ ته گُل قطار تي گلفار ڪيترا!؟

    سنڌ نانءُ جنهن کنيو ته جهُڪيو ڪنڌُ مانَ مان،
    ايمان وانگي سنڌ جا احترام ڪيترا!؟

    هُن ٻن کجين مٿان هُو، جهُلي چنڊ پينگهه جان،
    هِنَ ٻِن اکين ۾ آس جا اِلهام ڪيترا!؟

    هُن جي چُنيءَ جا رنگ اُڏيا ڦوهه چيٽَ ۾،
    هن کي پُڳا سکِين هٿان سلام ڪيترا!؟

    ”تبسم“ سراب زندگي سُرخاب خواهشون،
    آڪاش جي اُڏام وِڌا دامَ ڪيترا !؟



    * نسنگ: بي خوف، بهادر، * ڳاهٽيا: قطارون ڪري، مجموعو لڳائڻ، هڪ ٻئي مٿان ڪِرڻ،
    * گام: وِک، * ڪُهرام : واويلا، روڄ راڙو، * سرخاب: پکي، * آڪاش: آسمان، اُڀ
    * دام: ڦندو، ڄار ڪوڙڪي.











    گيت نظم ۽ آزاد نظم

    ويڇن جي سرد رات ۾، بيگاهه وقت جو

    ويڇن جي سرد رات ۾، بيگاهه وقت جو
    پنهنجي غزل جي نوڪ پلڪ ٺاهيندي پرين،
    لفظن جي روح مان تنهنجي احساس جي لمس،
    منهنجي سڄي وجود کي گرمائيندي رهي.

    تبسم


    آڪاش جو سُرمنڊل،

    آڪاش جو سُرمنڊل،
    ڪڪري کڻي ڳائي ٿي،
    سنگيت سڻائي ٿي.

    آڪاش گجي ٿو پيو،
    آڪاش وسي ٿو پيو،
    مند مهڪي ميلاپن جي،
    مَنُ زور مچي ٿو پيو،
    سانجهي سُلگائي ٿي،
    سنگيت سڻائي ٿي.......

    چِتَ چور ۾ چاه مچي،
    من مور وتي اڏندو،
    ڪجلي اکِ نوريءَ جي،
    تجليو تڙ ڪينجهر جو،
    رُت رنگ وَسائي ٿي
    سنگيت سڻائي ٿي......

    ڪومل مَنُ ڪَڪريءَ جو،
    سڏڪار ڀريون روئي،
    ڪاري اڀ جي چُني پائي،
    ڳلَ ڳوڙهن سان ڌوئي،
    ملهار مچائي ٿي،
    سنگيت سڻائي ٿي.....

    نچڻي منهنجي موهن جي،
    اهرام مصر وارا،
    اسپين جون بازايون،
    يونان جا اوتارا
    تهذيب تنواري ٿي.
    سنگيت سڻائي ٿي.......

    مهڪار مَتي مستي،
    کِيڪاري سڄي وستي،
    ٿَر پاس کليون کنوڻيون،
    دُلهن آ بڻي ڌرتي،
    سَرِتي سِڪَ ساهي ٿي.
    سنگيت سڻائي ٿي.....

    هُٻڪار هوائن کي،
    گجگوڙ گهٽائن کي،
    ڪي نياپا کنيون، ”تبسم“
    پڙلاوَ، سَڏن ڪنهن کي،
    ڪنهنجو واءُ پڇائي ٿي،
    سنگيت سڻائي ٿي.....


    * سُر منڊل: تارن جو ساز، گويا استعمال ڪندا آهن، * سلگائڻ: دُکائڻ 


    ايڏي چاهت ڏئي،

    ايڏي چاهت ڏئي،
    ايڏي نفرت نه ڪر،
    جهول سُکَ سان ڀري،
    محبتون ڏئي ڪري،
    تون عداوت نه ڪر.

    ڪا جا ڪويل ڄمونءَ وڻ تان ڪُوڪي پئي،
    اڳُ ئي گهايل صدا دل وڍي ٿي پئي.
    وقت ويتر دُکن جي عنايت نه ڪر
    او پرين....اوپرين.

    آهٽون جيڪي تو وٽ مان دفنيل ڇڏيم،
    سي وفائون جي چائنٺ تي اُڪريل ڇڏيم،
    تن نشانين سان جانان بغاوت نه ڪر،
    او پرين.....اوپرين.

    پيارَ ٻيڙي بنا ونجهه هلندي رهي،
    زندگي روز رستن تي رُلندي رهي،
    ته به ”تبسم“ تون ڪنهنجي شڪايت نه ڪر.
    او پرين......اوپرين.

    ***


    سِڪ نئين سِر سَورِجَي،

    سِڪ نئين سِر سَورِجَي،
    ساهَه کي سرهاڻيون پهتيون،
    چاهتن کي چورجي....

    منٿ، ميڙين يا منهنجي روئڻ ۾ ڪو تاثير هو،
    جيئن به پرتو، بحث ڇاجو ڳُڻُ پرينءَ جو ڳائجي.

    ڳوٺ جي ڳلين ۾ خوشبو جهومندي جهوٽڻ لڳي،
    هن پڄڻ جا نياپا پهتا، گهرُ گهٽي سينگارجي.

    دل جون ساريون ڌڙڪنون شرنائيون بڻجي پيون،
    چاهتن جو گيت ”تبسم“ جهنگ جهر جهونگارجي.

    ***


    حوصلا هالار جن جا، ۽ ارادا اَڻ جهليا،

    حوصلا هالار جن جا، ۽ ارادا اَڻ جهليا،
    سنڌ جا سوره پتنگا، سِرَ ڦِريا سڀ ويا هليا.

    ڪي ته ها، جي جندُ ڏئي سِنڌُ ساريندا رهيا،
    وَچنَ! پنهنجي پڳ جي وَر کان اڳ ۾ پاڙيندا ويا،
    جُوءِ ويا ڪل ئي مَٽي جکرا جي ها دل جا کَرا.

    اڄ اڪيلي هيءَ ڳهيلي سَڏَ ڪيون سُڏڪي پئي،
    ڀاڳيلي ڪل ٻانهن ٻيلي ڀوُنءَ جا ڳولهي پئي،
    ساٿ کي ساري سنڌوءَ جا نيڻ ٻئي روئندا رهيا.

    مصلحتن جي آڙ ڏيئي مَسندون ماڻن پيا،
    جي مفادن جي منڊيءَ ۾ هر گهڙيءَ وِڪجن پيا،
    تن دلالن کي ”تبسم“ طوق تاريخن وڌا.

    ***



    سنگَ پڪا هن آءُ سانوَلَ،

    سنگَ پڪا هن آءُ سانوَلَ،
    روح ۾ رنگ رچيا رانولَ.

    سُور متا، سوداءَ تتا،
    رڳ رڳ مان ريهاٽ اُٿيا،
    سوز ڪيا سيني ۾ سَلَ.

    شوقَ ڇُلي ڇاتِي ڇڇڪي،
    درد دُکي سينو دهِڪي،
    نينهن تو ايئن بڇيو نِرملَ.

    مامَ ۾ درد جو حال مُڪم،
    دل ليڪي تنهن ۾ تير چٽيم،
    باقي پني تي رت وکريل.

    هڪ ته اکيون ”تبسم“ جون ٽِمن،
    ٻيو نه مٿان ڪڪريون بس ڪن،
    دل جهڙا گهايل بادل.

    ***


    مُرِڪي ته بادلن مان ڀي گهنگهرو ڇڙي پيا،

    مُرِڪي ته بادلن مان ڀي گهنگهرو ڇڙي پيا،
    ڄڻ کيت ۾ ڪي چيٽ جا ٻارا کڙي پيا.

    ڪتِڪائي نئين ڪنوار کي نڪتي خيال ۾،
    جهومي نويلي رات نچي ميندي ٿالهه ۾،
    شرناءِ ڇيڙيون راڳڻيون ٽيڙو ٽڙي پيا.

    گهاٽن وڻن تي چاندني لامون لُڏي پئي،
    ڪنهن ٻيٽ تي هٺيلي هرڻي ڪُڏي پئي،
    پهتي جو پَدِمڻي سڀئي کامي سڙي پيا.

    من ماٿريءَ تي مورَ ۽ ڊيلون ٽِلن پيون،
    اُڀ منظرن تي گاج سان کِنوڻيون گهمن پيون،
    خاموش وادين ۾ خزانا مِڙي پيا.

    ”تبسم“ هزار چاهتون پاتيون مان پاند ۾،
    مُرڪي ڏنائين محبتون ميڙيون پلاند ۾،
    ڌڙڪن ٿي پئي ڌمالَ جمالا جُڙي پيا.

    ***


    گهَورَ اَک جي ڳوڙهن تان دل چوي جند گهورجي،

    گهَورَ اَک جي ڳوڙهن تان دل چوي جند گهورجي،
    جن پِرين پرچايو تن لُڙڪن کي جيڪر پوئجي.

    دانهون دردن جون اُٿيون آهون مچي آزيون بڻيون،
    ڌڙڪنون دل جون وڌيون محبوب وٽ منٿون بڻيون،
    مَسَ تڏهن پَرتو پرين، ٿورو تڏهن ڀي ڳائجي.

    لونگ ڦوٽن جون لَڙهيون ۽ کير ماکين جا وٽا،
    هنبوشيون هڻندو وتان مَنَ شوق مان ٻهڪن لٽا،
    جهَمَٽ تي جهُمريون هڻي نينهن جي نچي آجيان ڪجي.

    ڪنڊ ڪڙڇن مان خوشيون کِلندي اُٿيون کيڪار ٿيا،
    ڳوٺ جي ڪُل ني ڳلين مان هيج جا هوڪار ٿيا،
    حُسن جو هٻڪارون آيون گهَرَ گهِٽي سينگارجي.

    ڪل منهنجي دل جون ڪهاڻيون شاعري بڻجي پيون،
    سڀ وڇوڙن جون اداسيون عاشقي بڻجي پيون،
    تاڻ تڙپڻ کي ”تبسم“ جهومندي جهونگارجي.


    ***


    هار ٻانهون جي مون کي ورائي وجهين،

    هار ٻانهون جي مون کي ورائي وجهين،
    وار خوشبوءِ ڀنا جي کنڊيري ڏسين،
    مون کي تنهنجو قسم، تنهنجي سِرَ جو قسم،
    مان اڏاڻو وتان.......

    هڪ ته ڇاتي، جا توريءَ نه تاتي رهي،
    ۽ ٻي دل جا سدا تو لئه آتي رهي،
    ۽ ٽيون سِڪَ جنهن ۾ ساماڻو گهمان.

    سينو ساگر بڻيو شوق ڇوليون ڇُلي،
    دل جي ڌڙڪن توکي مَنَ سڏيون پئي سڏي،
    او پرين آءُ کڻي مان وساڻو وڃان.

    گهرَ، گهٽيون، ٿرَ ڀِٽون، بَحر بَرَ ڳولهيان،
    ڪاڇو، ڪينجهر، سکر، مورو، منڇر ڦران،
    سنڌ سڄيءَ ۾ مان توکي سڏيون پيو سڏيان.

    مينهن جيڏو مَچي تيڏو ”تبسم“ نَچي،
    تاڻ ڇڪتاڻ ۾ روح رهندي رچي،
    جهُڙ ڪڪر جان مان توڪاڻ جهِمندو وتان،
    مان اڏاڻو وتان.......

    ***


    ساري دنيا جا گُل جن کي ڪاڳر ڪيان،

    ساري دنيا جا گُل جن کي ڪاڳر ڪيان،
    تن تي ساجن مان تنهنجا سنيها لکان،
    خوشبوئن جي هٿان روز نياپا منُجان،
    هر ڪبوتر ڪويليءَ کي ميڙيون وجهان.

    دل کي سمجهايان ڌڙڪن وڄي زور سان،
    لڙڪ روڪيان ته سڏڪا ڇُلن شور سان،
    سينڌ سُرما سڳيون وارَ وکري وڃن،
    اَٿتون رهندو ڦٽ سڀ اُکيلي ڇڏن،
    سُورَ ڪهڙا سِبان درد ڪيڏا دميان.

    ڳوڙها ايڏا ڳڙن پاندُ پسجي پوي،
    هر سکي مون کي سرچائي ٿڪجي پوي،
    تو بنا ڪنهن ٻئي سان وندرجي نٿي،
    ڪيڏي پاڳل آ دل ڪجهه به سمجهي نٿي،
    او پرين شل اچين ڳل اُگهيو پئي اُگهان.

    تون جو ناهين ته ڇو آئيني کي ڏسان،
    ڪيئن ٿي سينگارجان ڪنهن کان مُرڪي پڇان،
    چانڊوڪين ۾ چرين وانگي لڇندي وتان،
    ڪنهن سان پرچان رُسان ڪنهن سان ماڻا ڪيان
    ڪو اچي، مَنُ رچي، خوش ٿي ”تبسم“ کلان.

    ***


    اسان خواب پنهنجا سجايا ته موسم،

    اسان خواب پنهنجا سجايا ته موسم،
    کڻي پاڻ سان گڏ خزائن کي پهتي،
    ۽ نئينءَ مند جي اوسيئڙي ۾ هُئاسين،
    ته آنڌي اچي در ديوارن کي پهتي.

    حياتيءَ جي رستن تي يادن جا ميلا،
    نه پرتا، پرين نه پهتا سويرا،
    اجالن جي حسرت اونداهين کي پهتي.

    قفس واري پنڇيءَ جي ڪهڙِي ڪهاڻي،
    نه لامون، نه جهولا، نه بارش جو پاڻي،
    اڏامڻ جي خواهش انجامن کي پهتي.

    اڃان مس اڱڻ تي لٿا چنڊ پاڇا،
    ۽ يادن ٻه ٽي پل ”تبسم“ کي آڇيا،
    ته اُڏري خبر جهٽ اُداسين کي پهتي.
    اسان خواب.....

    ***


    دل جون ويرانيون ڌيري ڌيري اچي،

    دل جون ويرانيون ڌيري ڌيري اچي،
    منهنجي تنهائين کي ڏنگينديون رهيون.
    چنڊ آءُ تون ڪڏهن سمونڊ جي ٻانهن ۾،
    سَوَ ڳِراٽيون سدا تولئه سِڪنديون رهيون.

    درد ايڏو جيڏو سمونڊ جو پارُ آ،
    دل اداسين کي در ۽ نه ديوار آ،
    سور جا هيڏا سيلاب ڪيئن روڪجن،
    ڪوئي سمجهائي ايذاءَ ڪيئن ڀوڳجن،
    اَٿتون سُڏڪندي مون کان پُڇنديون رهيون.

    پاڇا پاڇا حياتي ورڇجي وئي،
    ڪوهيڙن جي ڌنڌن منجهه گم ٿي وئي،
    ڪو ستارو نه مان ڪا ڪَتي ٿي سگهيس،
    ڪو بلب ۽ نه ڪائي بَتي ٿي سگهيس،
    دل جون ڪُل حسرتون دل ۾ دُکنديون رهيون.

    ***


    اي چنڊ اُداسين ۾،

    اي چنڊ اُداسين ۾،
    هِنَ سَرءَ جي راتين ۾،
    هوءَ سيج سُتل هوندي،
    مان سُڏڪان سِتارن ۾.

    هُن عشق ڳنهي ورتو،
    مان پيار پِني ورتو،
    هن ڳانيون ڳچيءَ پاتيون،
    منهنجو ڪنڌ هو ڪاتين ۾.

    هڪ وقت ملڻ وارو،
    هڪ وقت وڇوڙي جو،
    هڪ ٺارُ هو سيني جو،
    هڪ ڪانُ هو ڇاتين ۾.

    هڪ آس ”تبسم“ جي،
    ڪنهن پلڪ نه پوري ٿي،
    مَنَ ڀاڪي وجهي بوسي،
    ڪِنِ عيد براتين ۾.

    ***


    چاندني چاندني

    چاندني چاندني
    تون سڄي چاندني
    تنهنجو انگ انگ رَتلُ،
    ڄڻ ڪو جهولي ڪنول،
    مست نظرن مان جهَلڪي،
    صبوح جي ڪني،
    چاندني......

    بوند برکا جا اُجري بدن تي ڦُڙا،
    بعضي چوڙيون وَڄن بعضي پَيرن ڪَڙا،
    انگُ انگُ جلترنگُ چنگ گونجي فضا،
    موسمن تي چُڻي رنگ تنهنجي چُني،
    چاندني.....

    گفتگو گل پتيون، مرڪ تارا ڪتيون،
    هر بسنتيءَ ۾ مستيون مچن سونهن جون،
    نرت نظرون اُڻن گل جون گلڪاريون،
    هر ادا تان فِدا رنگ ۽ روشني،
    چاندني.....

    تنهنجي نيڻن مان مند ڪر موڙيندي اٿي،
    ماڪَ مهڪي مچي باک رهندو رچي،
    واءُ جهوٽن سان جهُمڪين جي جهالر نچي،
    ساه هٻڪار سان هير هر هر ڀِني،
    چاندني........
    چاندني........
    ***


    توکي چاهڻ کانپوءِ،

    توکي چاهڻ کانپوءِ،
    دل لڳائڻ کانپوءِ،
    موسمن جا هڙئي رنگ پيارا لڳا.
    هنج ڀڙڪي اُڏيا،
    ساز جهومي ڇڙيا،
    تنهنجي ٽهڪن جا پر چنگ پيارا لڳا.

    ڏات تولاءِ جنهن پنهنجي محدود ڪئي،
    مُرڪ تنهنجي چپن ڪاڻ مخصوص ڪئي،
    تنهن مصور جي شهڪار تخليق جا،
    سونهن کي تيئن سنوارڻ واريءَ سوچ جا،
    رنگ برشن سندا ڍنگ پيارا لڳا.
    توکي چاهڻ کان پوءِ.

    جهومي تنهنجي جسم کي جي ڇهنديون رهيون،
    توکان ٿي منهنجي ڳلين ۾ اينديون رهيون،
    تن سمورين هوائن جي هٻڪار جا،
    ساه سرهاڻ جي مست مهڪار جا،
    ونگ واسينگ جا ڏنگ پيارا لڳا.
    توکي چاهڻ کان پوءِ.

    گهاٽن ٻيلن ۾ شل گم رهن قافلا،
    منزلن جا نه سامهون سُجهن پيچرا،
    تاسي هرڻي ڀلي پياسي هلندي رهي،
    اهڙي ايذاءَ جا انگ پيارا لڳا.
    توکي چاهڻ کان پوءِ.

    چاهه چانڊوڪيون زندگي سوجهرا،
    سونهن جون روشنيون حُسن جا پيچرا،
    هي حياتي ”تبسم“ اُڃايل رهي،
    اڻ سونهين درد جا دنگ پيارا لڳا.
    توکي چاهڻ کان پوءِ.

    ***


    تون جو خوابن ۾ هر روز ايندو رهين،

    تون جو خوابن ۾ هر روز ايندو رهين،
    مان هوائن کي ڀاڪر ڀريندو رهيس.
    واءَ جهوٽن جاڳائي چيو ڙي چريا،
    اوڙي سپنائي ”تبسم“ ازل جا سڙيا
    رات ڀر ڇا ڪندو ٿو رهين ويسلا
    مان ٻري چيم ڙي پورب جي پاڳل هوا،
    يار جي آجيان آجيان آجيان...

    هر بسنتيءَ ۾ مستي ڇُلي شور سان،
    هي ڏکڻ واءُ جهومي گهُلي زور سان،
    تنهنجا سپنا کنيون جهوٽا جهُلندا اچن،
    دل جا احساس غنچا ٿي کڙندا وتن،
    ڌڙڪنن ۾ رڳو آس جي نچ نچان،
    آجيان آجيان يار جي آجيان....

    مان گُلن کي ڏٺو، جهومي جهوٽيا پئي
    ديد جي شوق ۾ ڇا ته ڇلڪيا پئي،
    ٻارو ٻارو ملڻ ڪاڻ مشتاق هو،
    توکي چهٽي چمڻ ڪاڻ محتاج هو،
    تولئه آتو سڄو رنگ برنگ آسمان.

    تولئه ”تبسم“ جو اتساهه اُٿلي پيو،
    سمونڊ ڇولين جيان سينو ڇلڪي پيو،
    پاڳلن وانگي ڀتين تي لکندو وتان،
    شاعري، شهرتون، شان شوڪت سڄو،
    جانِ جان سڀ فدا، سڀ فدا تو مٿان،

    ***


    اڻپورا خواب پيڇو ڪندا آهن!

    اڻپورا خواب پيڇو ڪندا آهن!

    پنهنجي غزل جي نوڪ پلڪ ٺاهيندي پرين
    لفظن جي روح مان تنهنجي احساس جي لمس،
    منهنجي سڄي وجود کي گرمائيندي رهي.

    تنهنجي سجيلي سونهن جون ساريون بلوغتون،
    جوڀن جا آر، ويس، وڳن جون نفاستون،
    نوخيز جوانيءَ جو صفا نئون نڪورپن،
    نازڪ، شفاف، جسم جون جُملي نزاڪتون،
    شوخين جي بانڪپن ۾ خدوخال حسن جا،
    چنچل نگاهه ۾ سڄيون مستيون شباب جون،
    ڀرپور جوانيءَ جون جوان تر جڙاوتون،
    تنهنجا ڊگها حسين ڀنڀا وار جهومندي،
    منهنجين سٽن تي پاڻُ سجائي سمهي رهن،
    گل پوش ساوڪون منهنجي ڇلڪيل شعور جون،
    گهنگهور گهاٽي ڇانوَ جي گهيراءَ ۾ اچن،
    ”تبسم“ جي تناظر ۾ تزِئين تِلڪَ جي،
    محسوس ٿين ته اوچتو ڪي چنڊ نُور جا،
    ڪن خوابناڪ منظرن مان شعاع ٿي ڦٽن،
    منهنجي هي پوري ڏات پنهنجي ڪل ثبات سان،
    ممڪن ئي ناهي جو ڪو اِن کي نانءُ ڏئي سگهي.
    تنهنجي هڪ ادا کي ڀي عنوان ڏئي سگهي.
    تنهنجن حسين تصورن جون جنتون کنيون،
    هريالين جي پيچرن تي جهومندو وتان،
    صندل، سهاندڙي يا صنوبر جي ٽارَ تان،
    خوشبو رتل ڪي گيت غزل دوهيڙا کڻان،
    جهرڻن جي ڌارائن تي ڪرڻن جي سويرن مان،
    ٽارين جي ڇانئيرن تي راتين جي بسيرن مان،
    آڪاش مان عجيب ڪي اُتساهه پائيندي،
    ڀنڀرڪين جا عڪس کڻي پوئيندو هلان،
    هر رات پوئين اَسُر جو درياءَ ڪِٺار تان،
    ڪڏهن ڪنهن اوچي ٽِيلي پويان اونهي غار کان،
    ڪا بانسري وڄي ڪه گهڙولي گُجرِ چوي،
    هر مينڍ، تانَ، مرڪ ستل حِسَ ڇُهي ڇڏي،
    تن سُرن جي سراب جا پيڇا ڪندي ڪندي،
    دردن جا ڪيئي اڻ ڳڻيا اوڙاه ٽپي وڃان،
    اڻپورا خواب آس مان پيرا کنيون اچن،
    پر مان تنهنجي انوکي محبت جي تؤنس ۾،
    اي جانِ غزل گم، صفا غلطان ٿي وڃان،
    تنهنجي شبيهه جي ڪائي تشبيهه ڳولهيندي،
    سوچن جي تسلسل مان جوتون جلي پون،
    لفظن جا بي حساب خزينا کُلي پون،
    اڌ ۾ ڇڏيل غزل جا مصرع ٺهي پون.
    نو وارد ٿيل نظم، منهنجو مهمان ٿي پوي،
    هڪ نئون سِرو غزل جو عنوان ٿي پوي،
    چنڊ جي چبوتري ۾ جيئن ڪي جَل پريون لهن،
    جهرڻن جا اُجرا وهڪرا احساس ٿي پون،
    تڏهن مان پورنماسيءَ جو اوچي پهاڙ تان،
    ڪا آس تاڻي پنهنجو پِيا ڳولهيندو وتان،
    چنڊ گهاٽ تان نراس پڙاڏا وري اچن،
    سوڳوار ڌڙڪنن کي ڌتاريان فريب سان،
    يادن جي شدتن کان هارائي هر دفعي،
    مجبورُ منهنجي شاعري مون وٽ هلي اچي،
    تخليق جي دهليز تي ودوا جيان بيهي،
    پلڪن جا بند ٽوڙي سيلاب روئيندي،
    آٿت جي ڪاڻ، اآس جي دامن ۾ سڏڪندي،
    منهنجي ڏُکيل بدن تي ماٿو رکي ڇڏي.
    تنهن وقت منهنجي ڪرب جي سموري ڪائنات
    ويتر غمِ حيات جا احساس سميٽي،
    دردن جي وادين ۾ هراسجي هلي وڃي،
    راتين جي حصارن ۾ دل جون حِرارتون،
    نکڙيل ڪتين جي آهٽن ۾ ڍرڪنديون وڃن،
    تنهنجي ڳلين مان ايندڙ جهوٽن جا دڳ جهلي،
    پنهنجي نالي جا روز نياپا پُڇي پُڇي،
    اوسيئڙن ۾ اُڀرندڙ باکن جا اَڳَ وٺي،
    آُواز جي پيڇن ۾ پورو جنم ورانگهي،
    اڄ ڀي تنهنجي پرڇائين جا پرتوا کنيون،
    ويڇن جي سرد رات ۾ بيگاه وقت جو،
    پنهنجي غزل جي نوڪ پلڪ ٺاهيندي پِرين،
    لفظن جي روح مان تنهنجي احساس جي لَمسَ،
    منهنجي سڄي وجود کي گرمائيندي رهي.


    ***


    ”کاری“

    ”کاری“

    میں تاریک راہوں کی
    تنہا ابھاگن
    سدا سبز دھرتی کی
    ایسی سہاگن
    جسے کالےلوگوں نے کاری کہا ہے
    مگر آج میری یہ التجا ہے
    کہ اے چاند آؤ
    گواہی دو میری
    میں کاری ہوں
    یا اس جگت ریت کالی
    اوکالے اُفق کے
    حسین چاند میرے
    آؤ اپنے کرنوں سے
    اس جابچپن کی
    میرے اُجلے پن کی
    گواہی تو دیدو
    میں وہ کاری ہوں
    جس کی نس نس سے رس کے
    سچائی نے سینچی ہے رسم وفا
    میرا جرم یہ ہے کہ
    آنکھوں کے آنگن
    گلابوں کے موسم میں کھلنے لگے تھے
    اور اس انجمن میں
    یہ دونوں دوارے
    کسی اجنبی کو بلانے لگے تھے
    تھیا تھیا اپنے سیاں کی گلی میں
    دیوانی پھری اس کو بہلارہی تھی
    اور اس پی کے آنگن
    کھڑی اونچی بیری
    کی چھیان تلے
    جھانجھ چھنکار ہی تھی
    یقین جانو میرا یہ ہی اک جرم تھا
    کہ قاتل نے اپنے
    گناہوں کے خنجر
    میری معصومیت کے گلے میں اتارے
    اسی بے گناہی کی
    نوحہ گری سے
    ناکردہ جرم پر
    سزا مقرری سے
    موہنجودڑو لرزاں لرزاں ہوا تھا
    اور اپنی مٹی کی
    اسی بے حسی پر
    وہ نچنی بھی صدیوں سے روٹھی ہوئی ہے
    اٹھو لوگو ماتم کرو اس رسم کا
    مٹا ود جہاں سے
    چلن دوغلے پن کا
    میں مجرم ہوں
    تو سب شریک جرم تھے
    ہاں پر مرد ناطے
    وہ اس سے بری تھے
    اے نوخیز سورج کی چنچل شعاؤں
    سندھو جل کو چھوتی
    مہکتی ہواؤں
    ابھاگن کے خون کے سرخ آبگینو
    آؤ میرے ماتھے کا جھومر تو چو مو
    او پورب اور پچھم کی اُڑتی ہواؤ
    آؤ مجھ ابھاگن کو سینے لگاؤ
    میری مانگ سے خوں کے چھیننے اُٹھاکر
    درندوں کی نسلوں پہ کالک سجاؤ
    کہو وحشیوں کو میں کاری نہیں ہوں
    کسی اور کا میں کرن بھر رہی ہوں
    میں کاری نہیں ہوں
    میں کاری نہیں ہوں۔۔


    وقت سُريت ۽ مان

    وقت سُريت ۽ مان

    ڪو ٽمڪي ڏيئڙو اڃان،
    ۽ جهمڪي جيئڙو اڃان،
    ڪنهن بيد مشڪ ڏار تي،
    ٿو چهڪي چيهڙو اڃان،
    ڪا گاج گونجي گهاٽ تي،
    آ واءُ وڏڦڙو اڃان.
    ڪنهن سونهن جي سروپ تي،
    مچي ٿو هينئڙو اڃان.
    آوارگين ۾ سوچيان ٿو،
    ڪنهنجو هڻان ڪڙو اڃان.
    اڃان اڃان اڃان ته هيءُ،
    جيءُ ڄڻ جوان آ!

    او واءُ هُن سميت آءُ
    ساءُ، سِڪ سڙيو اڃان،
    ڀؤنر ڀؤنر ٿو ڀري،
    اکين جو اولڙو اڃان،
    ۽ ڳاڙهي ڳل ڳٽول جو،
    لُڀائي موهيڙو اڃان،
    نڪور سنگ نينهن جو،
    آ کيت ۾ کڙو اڃان،
    تون ڇرڪ ڀر نه ڇوڪري،
    وڌاءِ سِڪَ وڙو احسان.
    اڃان اڃان اڃان ته هيءُ،
    جيءُ ڄڻ جوان آ!

    هي مست مند مورڇل،
    تون ڀَر گُجرِ گهڙو اڃان،
    ڪا سورِ ٻانهن سهنج ۾،
    ڪا ڀاڪي لوهيڙو اڃان.
    چائنٺ تي چنڊ آ کڙو،
    ته چپ ڇو آ چڙو اڃان.
    ڪي پير کڻ او پدمڻي،
    پٿارِ تون پڙو اڃان.
    ڇُلي ٿي رات شبنمي،
    ۽ تاس ڀي تڙو اڃان.
    اڃان اڃان اڃان ته هيءُ،
    جيءُ ڄڻ جوان آ!

    اُداسين جي اوهه ۾،
    ڪنهن آس جي انبوهه ۾،
    اڃان حيات ٿي ڊڪي،
    هُن راهبر جي روه ۾،
    هي ڊوه، موه جو نشو،
    گشو سڄي گروه ۾.
    سراب ئي سراب آ،
    ڇو بي مزي رباب ۾،
    آ تاس اڄ به اوتري،
    جا پياس اڳ هئي جيتري،
    آءُ اوري آءُ پوپري،
    آ موج مينهڙو اڃان.
    اڃان اڃان اڃان ته هيءُ،
    جيءُ ڄڻ جون آ!

    مگر جڏهن مان جهُور ٿيان،
    پنهنجي وهيءَ جو پُور ٿيان،
    تڏهن منهنجي سُريت تون،
    خود ئي ملڻ ڇڏي ڏجانءِ،
    جو تنهن عمر ۾ شوق جو،
    شعور ڀي نٿو رهي،
    اَلولين جو ايترو
    سُرور ڀي نٿو رهي،
    ائين ڀي ناهي جو اسان،
    وڇوڙي جي هراس کان،
    نه الوداع چئي سگهون،
    نه ئي ڪي پنهنجيون هڪٻئي ۾،
    اهڙيون هجتون رهيون،
    جو اڻ گهُريا ۽ اڻ وڻيا،
    ڪي فيصلا مڙهي سگهون.
    نه ڪو وري ائين آ جو،
    وڇوڙي جي خلش کنيون،
    اسان نه هوند جي سگهون.
    ڪڏهن ۽ ڪنهن به زاويي کان
    ياد ٿئي جو اهڙو پنهنجو
    سلسلو جڙيو هجي،
    نه تون ئي مَن گهرئي جيان،
    ڪي چاهتون وتيون ڪڏهن
    نه مان ضرورتن کانپوءِ
    توکي پنهنجا اڻ ڳڻيا
    ڪي بوسا ڏئي سگهيو هجان،
    او گل پري!
    اسان ٻئي
    ڇتي شباب عهد ۾،
    پنهنجي وجود جي مٽي،
    بنا ڪنهن من ملاپ جي،
    بغير امتزاج جي،
    ائين لُٽايون ٿا مگر،
    ڪسَڪَ ته دل ۾ ٿي رهي،
    هَوسَ جي بي چَينُ
    خواهشن کي بند ڏئي ڪري
    سرير جي سنٻنڌ کي
    اٽوٽ ڳنڍِ ڏئي ڇڏيون،
    حريص ديد جا اي ڪاش
    اهڙا ديده ور هجون؟
    جو نسل جون امانتون،
    فخر مان ڏئي وٺي سگهون
    ۽ خود سپردگيءَ کانپوءِ،
    وجود جي حصار ۾
    منهنجين رفاقتن جون تون
    حفاظتون ڪندي وتين،
    ڇٺيءَ جي رات
    ماڻَ مان،
    وڏي ڪنهن ميڙ جي اڳيان
    اسان حلالي ٻار کي
    ڪو ٽهڪي نانءُ ڏئي سگهون
    اڃان اڃان ڀي هيءُ
    جيءُ ڄڻ جوان آ.....



    * وڙو: مٺائيءَ جو قسم، * مورڇل: مور جي پرن مان ٺهيل پَکو، وِڃڻو،
    * امتزاج: ميلاپ، ٻن شين جو ملڻ، گڏجڻ، * ڪَسڪَ: خواهش، آس 


    سرمد هميشه زنده رهندو!

    سرمد هميشه زنده رهندو!

    اي منهنجا همسفر،
    هم دم هم نشِين،
    هن انوکي، اڻانگي،
    مسافت ۾ تون،
    سو ته ممڪن نه آهي،
    جو ٻيهر ملين،
    ها مگر پوءِ ڀي
    دل ڪو ويسهه ڪيون،
    توسان ٻيهر ملڻ جون اميدون رکيون،
    نگريءَ نگريءَ ۾ توکي تلاشي پئي،
    مان ته ڇا
    پر اهو
    ڪنهن ڀي ڄاتو نه هو،
    تون اڄاتي نگر جو،
    اڏامڪ پکي،
    ايئن ڪو ويندين اڏي،
    ڪنهن اهڙي يار ڏي
    اڻ سونهين آر ڏي،
    هن گڦائن جي گمنام،
    غارن طرف
    هن نهارن جي سرحد کان ڀي اڳڀرو
    ها مگر پوءِ ڀي،
    اي مسيحا اڃان
    تنهنجن گيتن ۽ بيتن جي گونجار کي،
    سُرَ صدائن سان
    ويرين جي للڪار کي،
    ديس جي در ديوارن وساريو نه آ،
    خوشبو، خوشبو تنهنجا گيت ڳائي پئي،
    مينڌرا مَن گهُريا!
    تنهنجو نالو وٺي،
    سنڌ جي هر هِڪ ڳَلي،
    توکي ساري پئي،
    اي منهنجا همسفر
    هم قدم هن نشين.


    ڌرتيءَ جو عشق انوکو آ!

    ڌرتيءَ جو عشق انوکو آ!

    هڪ سرسوتي هڪ هاڪڙو،
    هڪ ٻاگهل هڪ جوڌو جکرو،
    ڌرتيءَ سڀنن کي دان ڏنو،
    ڌرتي هڙنن جي آ هستي،
    هڪ سرسوتي.....

    ڌرتيءَ جهڙو ڌنوان نه ڪو،
    هن ڀونءِ جيان ڀڳوان نه ڪو،
    الزام کڻي انعامَ ڏئي،
    سرمستين جا سَوَ جامَ ڏئي،
    هن سان ناتي جو اور نشو،
    جن لاتو تن مستن کان پڇو،
    هڪ روپلو هڪڙو دودو هو،
    جن نعرا هڻي نينهن لاتو هو،
    ڌرتيءَ ڀي انهن کي وچن ڏنو،
    انهن کان وچن ڌرتيءَ ڀي وتو،
    هيءَ صديون تنهن کي سنواريندي،
    جو هن سينڌ سنواريندو،
    آخر اهڙو اعلان ٻڌي،
    ڪنڊ ڪنڊ وستيءَ جي جاڳي اٿي،
    سنڌ اهڙي تتي، ٽانڊا ٿي مستي،
    هڪ سرسوتي.....

    ڌرتيءَ جي الستي مستي آ،
    هن مستيءَ ريءَ ٻي پستي آ،
    سائبيريا جي پکين وانگر،
    جي جوءِ ڇڏي وينداسون اگر،
    گولين سان اڏاريا وينداسين،
    راهن ۾ رُلايا وينداسين،
    ماڻهوءَ جو مانُ ۽ مريادا،
    اعزاز، لقب، تمغا، تحفا،
    سڀنن جو ڌرتي اوڍو آ،
    جو سوره آ، جو سوڍو آ،
    جنهن جنهن جيڏيءَ کي جيءُ ڪيو،
    تنهن کي هن امرت پيءُ چيو،
    ڌرتيءَ جو عشق انوکو آ،
    ڪنهن چنڊ چڪور جو ليکو آ،
    جيڪو ڀي رَتو، سو ايئن مَتو،
    جو ٻيءَ بازار ۾ ڪينَ کَتو،
    جنهن مٽيءَ مان هو ڄايو آ،
    تنهن مٽيءَ جو رکوالو آ،
    هو سمجهي ٿو هو مرڻو آ،
    هيءُ جيءُ اڳي پو جهَرِڻو آ،
    سنگهر کان سَگ لنوائيندو،
    هو پير ڪڙيون جي نه پائيندو،
    ته پوءِ ڪير ملهائيندو مستي،
    هڪ سرسوتي.......
    هڪ ٻاگهل...........

    * سرسوتي: هندن جي ديويءَ جو نالو ۽ ان نالي سان وڏي ندي جيڪا ڪڏهن ٿر وٽان به گذرندي هئي.
    * هاڪڙو: شوالڪ جبلن مان نڪرندي سرسوتي ندي جڏهن بهاولنگر وٽ اچي ٿي ته کيس هاڪڙو ندي سڏيو وڃي ٿو. ايڇ ٽي ليمبرڪ جي لکت موجب هي وهڪرو سنڌ جي اتر، اوڀر واري ريگستاني حصي وٽ جتي ضلعي سانگهڙ ۾ هاڻي جمڙائو ۽ مٺڙائو واهه آهن اتي هن وهڪري جا آثار ملن ٿا. 


    اِبنِ آدم جو سفر!

    اِبنِ آدم جو سفر!

    بند نيڻن ۾،
    ڏينهن جا اولڙا،
    منٽ، سيڪنڊ، سال گذري ويا هليا
    پابه زندان هوندي،
    ڀي اُڏري ويا.
    ڪنهن به سنگهرَ ۾ نه سي ڪڙجي سگهيا!
    پنهنجي ڌن ۾،
    بي ڊپيءَ رفتار سان،
    جهومندڙ پاڇا مڌر جهنڪار سان،
    ڪنهن الائي ڪنهن طرف ويندا رهيا،
    ڀت ٽنگيل گهڙيال جا ڪانٽا ٻئي،
    موسمن جي آگهي ڏيندا رهيا.
    وقت جي لڙهه ۾ حياتيءَ جا مڻيا
    باز جي چنبن ۾ جيون جا ڪڻا،
    برهمچاريءَ جي جپڻ واري جڻيا،
    روز ڪا ٽِڪ ٽِڪ سڻائيندي رهي،
    مان ته ڇا!
    پر ڪنهن ڀي ڪجهه ڄاتو نه هو!!
    وقت، ساڌو، سَنتُ يا ڀوپو هيو!
    غار يا هُن پار جي اسرار جي ڪهڙي خبر
    پوپ، پنڊت، بازيگر،
    سَڀُ بي خبر
    ڪل ڪتابن جا صفحا،
    حاشيا ۽ ڪاڳر بي خبر
    ڪو پتو ناهي ته
    اونهي جَلَ مٿان
    ڊونڊيون ٻيڙيون ڪڏهن کان ٿيون ڊڪن،
    هي ڪروڙن، اڻ ڳڻين، صدين کان ساگر جو سفر،
    ساگر به تنهن کان بي خبر،
    ۽ انهيءَ ساگر ڪناري سانجهه جو
    شدتن سان روز ٿي خواهش اٿي
    نرتڪيءَ جي جهانجهه جا پيرا کڻي،
    وادي سَمِ واديءَ جي آوازن منجهان،
    درد جي سڀني سُرن جا الميا!
    پاتال جي پاڙن وٽان کوٽي ڪڍان
    زخميل ڪونجن ۽ ڳيرن جا پهر
    نيرڳن، آڙين ۽ هرڻين جي عمر
    گولين کان ڪنبندي گذري وئي،
    جنگ جو وحشي سفاڪن جا عَملَ،
    هن خدا جي وستين،
    ندين،
    هوائن،
    روشنين،
    تارن، ڪتين ۽ ڪهڪشائن،
    کي ڪڙوليندا رهيا،
    اڻ ڳڻين نارين
    ۽
    ڳڀرن جا جسم
    محبتن جون ڀيٽائون ڏيندا رهيا،
    ڪيترين ڪوڙين اَنائن جا غصا،
    ملڪيتن، سڱاوتين جا سِلسِلا،
    ٿورڙين ڳالهين جون ننڍڙيون رنجشون،
    بي رحم بندوق نالين جا ڇرا
    ڪِن مڏين، تکين ڪهاڙين جا ڦرا
    تڙپندڙ لاشُن جا ڍِڳَ ڏيندا رهيا،
    بي ڪفن جسمن جون هي آلودگيون،
    ڍير تي پيل ماس سان ڪينئرا بدن
    بند ٻورين ۾
    ڳڀا ٿيل زندگيون
    هي مشينن سان سوراخيل ڇاتيون،
    لوهي شيخن سان ڏنڀيل چمڙيون سڄيون،
    آمي، ڦاپيءَ جون چيهاڙيل عصمتون
    راجيءَ جون ميلي ۾ گم ٿي ويل گُڏيون
    يا شهنشاه جون چُڻايل محبتون
    درد جي صحرا مان اٿندڙ سِسِڪيون
    هر گهڙيءَ اتهاس کان پڇنديون رهيون:
    “ اِبن آدم جي جياپي جو سفر،
    ڇو ڀلا هي ذلتون سهندو رهيو
    ڇو انيائن جا گهڙا ڀربا رهيا،
    اُڀ جي هن پار آهُن جا چڙا،
    هر گهڙيءَ دانهون کڻي وڄندا رهيا،
    صوماليه جي ٻارڙن وارا جسم،
    ماس کان آجا، ڦِڪا ڪارا جسم،
    مصورن جي ڪينواسن ۾ گهڙي،
    زندگيءَ جي ارٿي گهليندا رهيا،
    پيرس ۽ لنڊن جون آرٽ گيلريون،
    افلاس جا ڍانچا فريمن ۾ رکي،
    عالمي ميلا لڳائينديون رهيون
    ڪوسوو جي جنگ جا گهرا زخم،
    سرب فوجين جون فحاشي وحشتون،
    بوسنيا جي ننگي نارين جا جسم،
    ڍاڪا جون يادون ڏياريندا رهيا،
    بعضي بي مقصد عراقي سرحدون،
    موتمار بارود سان چٽيون ويون،
    مونيڪا ٽرائل جون هڙئي حاضريون،
    بغداد ۾ بغداد ٻارينديون رهيون
    اسٽنگر ميزائلن جون بارشون،
    عالمي توجه جا نيشانا وٺي،
    موضوعن جا رخ مٽائينديون رهيون،
    ڪلنٽن جي جنسياتي جُرم جو
    عيوضو بغداد ڀوڳندو رهيو،
    خالق ئي ڄاڻي ناگاساڪين جيان،
    ايٽمي ذرن جي گهيرن ۾ اچي،
    ڪيترا ايندڙ نسل بغداد جا،
    معذروين جا گهاو کائيندا رهن،
    ۽ پنوشيءَ کان اڳي يا پوءِ جا
    ڪير ڄاڻي،
    ڪل نسل ڪش حڪمران،
    ڪيسين جيئڻ جون حسين تر جنتون،
    اوجهڙي ڪئمپون بڻائيندا رهن،
    ڪيترا، سيزر، وليم، هٽلر، حجاج،
    بال ٺاڪر، زار، ترخان، طورِخان،
    حاڪميت واري جنونيت ۾ اچي،
    آسماني واعظن جا داٻ ڏئي
    هُن مٿئين مالڪ جي سهڻي سرزمين،
    مذهبن، فرقن ۽ نسلن ۾ ونڊي،
    محڪوميت وارو تسلسل ٿا گهرن،
    زندگيءَ جون اڄ به
    ساريون حُرمتون،
    شاهي فرمانن جي
    آدابن اڳيان
    هر گهڙيءَ پائمال ٿينديون ٿيون رهن،
    اڄ به آدرشي ماڻهن جا مجسما،
    بوميان جي چونڪ تي، گولا هڻي
    توپ سان بي ڌڙڪ ڀوريا ٿا وڃن،
    تنهن لمحي ”سروم دُکم“ جو فلسفو،
    پاڻ سان گڏ ارتقا جو نظريو،
    هو مها يوگي سميٽي ٿو ڇڏي،
    فرقيوارانه تعصب جي پٺيان
    ڪيترين مائن جي جگرن جا ٽڪر،
    لاهور جي ڳلين مان گم ٿيندا ويا،
    پوپٽن پويان ڊوڙيندڙ ٻارڙا
    ريشمي تتلين جيان نازڪ نفيس
    جيئري تيزاب ۾ ڳاريا ويا،
    جن جي پهراڻن سان اکين کي ڍڪي،
    جن جي تصويرن کي ڇاتين ۾ سِبي،
    مامتائن جا هينئان ڦاٽي پيا،
    ايترين سفاڪين کانپوءِ ڀي،
    ابِن آدم
    شرمندو ناهي ٿيو،
    ڇو ته اڄ تائين اڃان قابيل تي
    ڪابه فردِ جُرم عائد ناهي ٿي.


    * آمي ۽ ڦاپي: ڪجهه سال اڳ ٺٽي جي ڀرسان عربن، شڪار واريءَ ڪيمپ ۾ ٻنهي جي عزت لٽي کين ماري ڇڏيو هو.
    * پنوشي: چِليءَ جو معزول ڊڪٽيٽر، * زار: روس جي قديم حڪمرانن جو لقب
    * وليم : برطانوي حڪمرانن جو لقب، * سيزر: روم جو بادشاهه، مصر جي ملڪ قلوپطره جو عاشق.
    * بوميان: افغانستان جو شهر جتي مارچ 2001 ۾ مهاتما گوتم ٻڌ جا قديم ٻه وڏا مجسما ڊاهيا ويا.
    * جاويد اقبال مغل: لاهور جو جنوني قاتل جنهن 100 کان وڌيڪ جيئرن ٻارڙن کي تيزاب ۾ ڳاري ڇڏيو.


    منهنجي ڳوٺ جا ڳالهر ماڻهو،

    منهنجي ڳوٺ جا ڳالهر ماڻهو،
    هو جو ٻاهران کوهه ڦِٽلُ آ،
    تنهن ۾ منهنجو روح سُتل آ.

    صدين جي سنگلاخ مُسافت ۾ ڦٽجي پيو،
    اڻڄاتل واٽون جهاڳي آخر وِرچي پيو،
    سورن جا سهسين سوداءَ ڪندي ٿڪجي پيو!
    دردَ جا ڇالا زخمي سارو روحُ ڪري ويا،
    گهايَل اک مان لُڙڪ لهو بڻجي ڇُلڪي پيا،
    لُڇَ پُڇَ جي ڪُه ڄاڻان ڪهڙي لوڇ لِڪل آ!؟

    اوڙاهن ۾ ٻڏندي ترندي جُڳَ گذري ويا،
    پار پُڄڻ جي ويساهن ۾ سج اُلهي ويا،
    آس کي اڄ به اُڪار پُڪاري آءُ هلي آءُ،
    پڙلاون ۾ پيڇَن جا دولابَ سڏن ٿا،
    آدابن ۾ ڪُل منهنجو ورثو پويَلُ آ.

    وقت جي بي پرواه وِکن جون ٽاپوليون،
    سُنبن ۾ لُتڙيل مفتوحن جون ٽوليون،
    تاريخُن جون ڪُل ”تبسم“ مُبهم ٻوليون،
    ارڏا ماڻهو! پوڙهي پپل کي ٽيڪ نه ڏي،
    آدم زادا! آدَجُڳاد کي چهڪ نه ڏي،
    اڳ ۾ ئي انسانن تان ويساهه کَڄِيلُ آ،
    منهنجي ڳوٺ جا مانجهي ماڻهو.....


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 858
    ڪتابن جو مشاهدو: 2336100
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 598237
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ