حسب ۽ نسب
سندس نسب شريف جو اختصار هن نموني سان نروار آهي- حضرت شاهه عبداللطيف تارڪ ڀٽائي بن سيد حبيب الله عرف سيد حبيب بن سيد عبدالقدوس بن سيد جمال بن سيد عبدالڪريم جو شاه ڪريم بُلڙي واري نالي سان نروار آهي سنه 1398ع ۾ امير تيمور گورگان جڏهن هندستان تي ڪاهه ڪرڻ جي عزم ايرادي سان هڪ وڏي لشڪر سميت فرات ۾ پهتو تڏهن ڀٽائي ڀوتار جي ڏاڏن مان (14) چوڏهين نمبر نالي مير علي تيمور جي مرحبا مزيد ڪرڻ فرمائي ۽ بادشاهي سپاه لاءِ مهمان نوازي واسطي وڏي رقم پيش ڪئي- امير تيمور اهڙي مهمان نوازي کان ايترو ته خوش خورم ٿيو جو سيد صاحب موصوف کي انعام اعلى شاهاڻان عطا ڪرڻ فرمايائين ۽ اڳتي هلي سندس ڇهن پٽن کي جدا جدا ملڪن جو حاڪم مقرر ڪيائين.
(1) مير عبدالباقي جو اجمير جو حاڪم ٿيو (2) مير عبدالواحد جنهن کي حڪومت ملتان جي عطا ڪئي وئي (3) مير عبدالرزاق جو بکر جو حاڪم بنايو ويو (4) مير ابوبڪر جو سيوهڻ جو حاڪم مقرر ٿيو (5) مير شرف الدين جو پنهنجي ڳوٺ رهڻ ۾ راضي بازي رهيو (6) سيد حيدر هروي ڀٽائي جي ڏاڏن مان تيرهون نمبر جنهن کي پڻ حڪومت جي آڇ ڪئي وئي مگر اُن صاحب نوڪري کان نابري واري پنهنجي والد ماجد مير علي جي خدمت ۾ رهڻ پسند ڪيائين.
امير تيمور جڏهن هندستان تي ڪاهه جو قصد ڪيو ته اُن سفر ۾ سيد حيدر ۽ سندس والد مير علي امير تيمور سان همرڪاب هوا- هندستان پهچڻ بعد ستت سيد حيدر پنهنجي والد بزرگ ۽ امير تيمور کان اجازت گهري ته جيئن پنهنجي ڀائرن کي ڏسي اچي ان سان گڏ هندستان جي جدا جدا ڀاڱن جو پڻ سير ڪري- سيد سڳورو سير سفر پر ظفر ڪندي سنڌ جي پراڻن هالن جي ڳوٺ ۾ ڳوٺ جي هڪ معزز ماڻهو وڏيره شاه محمد پٽ دريا خان هالي وٽ اچي مهمان ٿيو جنهن صاحب سندس سهڻي خدمت ڪئي – سيد حيدر صاحب ٿوري عرصي ۽ مدڪت ۾ غريب پروري ۽ همدردي ڪري اهڙو ته مشهور ٿي چڪو هو گهڻا ماڻهو سندس سهڻي صحبت ۽ سنگت ۾ سڪ ساڻ رهڻ لڳا پاڻ اهنجي سهنجي وقت غريبن جي غمخواري ڪرڻ سان سار سنڀال لهي مسڪينن جون مددون ڪندو هو – انهي عرصي اندر اتي جي حاڪم نالي مير محمد ڪنهن سبب ڪري هالن جي ماڻهن تي ڪجهه رقم ڏنڊ وڌو هو- جنهن کي غريبي ۽ مسڪيني ڪري ڀري نه ٿي سگهيا- سيد حيدر صاحب کي جڏهن انهي معاملي جي خبر پئي تڏهن غريبن تي ڏاڍي ڪهل ڪري اها رقم پنهنجي هڙان ڀري ڏني- پر انهي کان سواءِ انهن ماڻهن سان ٻيا به گهڻا ڀال ڀلايا- ۽ اوکي سوکي ۾ قدم قربن جا ڀريا- ان ڪري اهي ماڻهو شاه صاحب جا گهڻو ڪري شڪرمند رهندا هوا – نيٺ اهو لاڳاپو وڃي هن ڪڙي تي پهتو جو ٿوري مدت کان پوءِ سيد حيدر جي شادي خانه آبادي وڏيره شاه محمد پنهنجي نياڻي نماڻي نالي بي بي فاطمه ساڻ ڪرائي- ڳالهه ڪن ٿا ته حيدر شاه کي هالن ۾ رهي اڃان ٽي سال 7 اٺ مهينا مس گذريا ته کيس والد جي وفات حسرت آيات جي خبر ملي- جنهن ڪري هرات ڏي وڃڻ واجب ڄاڻي سفر جو سانباهو ڪيو، انهي وقت سندس بي بي کي پورا مهينا هوا. جنهن ڪري لاچار کيس مائٽن ۾ رهائي پاڻ هرات روانو ٿيو- ۽ بيبي وٽ نشاني طور ٽي شيون ڇڏي ويو- هڪ سهڻي منڊي جنهن تي سندس نالو اڪريل هو ٻيو هڪ جڙدار خنجر ٽيون هڪ ٻانهي جا هرات کان آندي هئائين ۽ وصيعت ڪيائين ته جيڪڏهن پٽ ڄمي ته ان کي منهنجي والد مير علي جي نالي سان سڏجو ۽ جڏهن پاڻ ڀرو ٿئي ته ٽيئي نشانيون سندس حوالي ڪري هرات روانو ڪجوس- پر جيڪڏهن نياڻي ڄمي ته ان کي منهنجي والده بي بي فاطمه جي نالي سان سڏجو- سيد حيدر هرات مان به پنهنجي بيبي سان وقت بوقت لکپڙهه پيو ڪندو هو- جڏهن هرات ۾ اٽڪل چار ورهيه ٿيس تڏهن روح ريلو ڏنس ته ٻيهر وڃي سنڌ جا وڻ وطن وارا ڏسي اچان- اڃان پورو تيار ئي نه ٿيو ته اوچتو بيماري جو شڪار ٿي پيو ۽ هن جهان فاني مان رحلت ڪري جنت جاوداني ماڻڻ واسطي دار البقا ڏي روانو ٿيو- کيس اتي به اهل عيال هو – ٻي گهر مان ٻه پٽ هوا (1) سيد محمد (2) سيد حسن- جن پنهنجي پيءَ جي وفات حسرت آيات کان پوءِ سڀ دولت ۽ مال ٻه ڀاڱا ڪري هر هڪ ورهاڱو کنيو هو – سيد حيدر جي هالن واري بي بي کي سيد صاحب جي هرات ڏانهن وڃڻ کان بعد ستت ئي پٽ ڄائو- جنهن جو نالو مير علي رکيو ويو جڏهن هي نينگر جوان ٿيو تڏهن کيس پيءُ واريون ٽيئي نشانيون جي سندس والد ڇڏي ويو هو حوالي ڪيون ويون ٿورن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ پيءُ جي ٻڍڙي ٻانهي کي ساڻ کڻي مير علي هرات روانو ٿيو- اتي پنهنجن ڀائرن کان پيءُ جي مال ملڪيت مان پنهنجو ڀاڱو گهر ڪيائين پر ڀائرن ڀاڱي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائون ته پنهنجي حسب نسب جي شاهدي ڏيئي پنهنجو حق ثابت ڪر- جواب ۾ مير علي پيءُ جي هٿ واري منڊي ۽ خنجر ڏيکاري ۽ ٻڍڙي ٻانهي پڻ شاهدي ڏني- تڏهن ڀائر ڀاڱي ڏيڻ کان نابري واري ويٺا- آخر اهو فيصلو قاضي وٽ نبيرڻ واسطي ويو نيٺ قاضي مير علي کي ڀائرن کان ٽئين پتي حصو وٺي ڏنو- حصو هٿ ڪرڻ کان پوءِ هو هرات ۾ ڪو گهڻو عرصو ڪونه رهيو پر جلد ئي سنڌ ڏي موٽڻ جو رخ رکيائين ۽ پاڻ پنهنجو چاچو سيد شرف الدين ساڻ ڪري هالن ۾ آيو- مير علي سگهوئي سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ ٻه شاديون هڪ هالا ذات مان ٻي ترڪن مان ڪيون پهرين زال مان کيس هڪ فرزند ڄائو جنهن جو نالو شرف الدين رکيائين ۽ ٻي مان به هڪ پٽ ڄائو جنهن جو نالو احمد شاه رکيائين مير علي جي ٻنهي فرزندن جي اولاد اڃان تائين مٽيارن ۾ موجود آهي جنهن مان سيد شرف الدين جو اولاد شرف پوٽا ۽ ٻي جو اولاد ميرڻ پوٽا سڏبو آهي پر اها خبر نه ٿي پوي ته اهي سادات ڪهڙي سبب ڪري ۽ ڪڏهن مٽيارن ۾ لڏي پلاڻي آيا انهي خاندان مان رڳو شاه عبدالڪريم بلڙي واري جي حالات جي خبر ملي سگهي ٿي. جنهن کي سنڌ جي نالي وارن ولين مان شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ جنهن جو بيان وضاحت ۽ چٽائي سان بيان العارفين ۾ ڏنل آهي جو ڪتاب شاه ڪريم جي وفات حسرت آيات کان پوءِ مير محمد رضا ٺٽوي جو جوڙيل آهي- شاه ڪريم بلڙي وارو شرف پوٽا سيدن مان آهي جنهن جي پشت مبارڪ مان اسان جو بزرگ ولي ڪامل ۽ شاه شعراء سنڌ شاه صاحب عبداللطيف تارڪ پيدا ٿيو جنهن کي جهان وارا هاڻي سرتاج سنڌ جي لقب لائق سان سڏيندا آهن.
ولادت پر سعادت
شاه عبداللطيف تارڪ عليه الرحمته جي ولادت باسعادت سنه سعيد هجري 1102 ۾ مطابق سنه 1690 عيسوي ۾ تعلقه هالا جي ڳوٺ ڀئي پور ۾ ٿي جو ڳوٺ ڀٽ کان 9 ڪوه پري آهي- سندس ڦٽل نشان راه گيرن واٽهڙن کي اڃان به ڏسڻ ۾ پيا اچن- شاه صاحب جنهن گهر سڳوري ۾ ڄائو هو اتي گهڻي عرصي کان پوءِ لونگ فقير لوڙهه واري نصير واه جي ڪپ تي هڪ مسجد شريف جوڙائي ڇڏي جا اڄ تائين قائم آهي- معتبر ذريعي سان مروي آهي ته شاه صاحب عبداللطيف جي والد سڳوري شاه حبيب کي ٽن شادين هوندي به اولاد اصل ڪونه ٿيو هوڏانهن هڪ خداءِ واري فقير کيس هي خوشخبري ڏني هئي ته توکي پٽ ڄمندو جو زماني جو قطب ٿيندو ۽ سندس نالو عبداللطيف رکجاءِ آخر شاه حبيب کي مخدوم عربي خاندان واري پهرين بي بي مان هڪ پٽ ڄائو جنهن جو نالو درويش جي وصيعت موجب عبداللطيف رکيائين- پر هو طفلي حالت ۾ هو جو گذاري ويو. وري ٻي گهر مان هڪ پٽ پيدا ٿيو جنهن جو نالو جمال شاه رکيائين جنهن جو اولاد اڃان ڀٽ شريف جي گادي گلزار جو گادي ڌڻي بڻيو اچي- وري ٻيهر پهرين گهر مان ٻيو پٽ ڄائو جنهن جو نالو پڻ عبداللطيف رکيائين- اهو آهي امل ماڻڪ اسان جو سرتاج سنڌ عبداللطيف جنهن جي حياتي پاڪ جو احوال خير مقال اوهان جي اڳيان عيان آهي- شاه ڀٽائي جو پڙ ڏاڏو نه پر تڙ ڏاڏو جناب شاه عبدالڪريم بلڙي وارو ڳوٺ مٽياري ۾ ڄائو نپنو- اڳتي هلي جناب غوث زمان مخدوم نوح هالائي جي حڪم موجب مٽيارين مان لڏي وڃي بلڙي جي سر زمين کي فيض ۽ عرفان سان سرسبز ۽ آباد ڪيائين- شاه ڪريم جي وفات بعد سندس ڪي فرزند ارجمند بلڙي ۾ رهيا، ڪي ٻيا ٻين ڳوٺن ڏانهن لڏي ويا- شاه ڀٽائي جو پڙ ڏاڏو سيد جمال شاه بلڙي مان لڏي مٽيارين ۾ وڃي رهيو ۽ ان کان پوءِ سيد حبيب شاه عبداللطيف ڀٽائي عليه الرحمته جو پيءُ سڳورو سخي هاشم شاه قلندر جي ارشاد موجب مٽيارن مان ڪوچ ڪري ڳوٺ ڀئي پور ۾ اچي رهيو- اڳتي هلي اتان به لڏ پلاڻ جي صورت اختيار ڪري ڪوٽڙي مغل ۾ اچي ساڪن ۽ مقيم ٿيو- جتي جناب شاه ڀٽائي سرتاج سنڌ پرورش پائي جواني جي عروج اوج تي پهتو- هي ڳوٺ ڀٽ شريف کان چئن ميلن جي پنڌ تي ويران صورت ۾ ڦٽو پيو آهي جنهن ۾ ڪا به آبادي نه آهي-