لطيفيات

خزانة العارفين

ڪتاب ”خزانة العارفين “ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب مولانا در محمد ڪانڌڙو خاڪ جو لکيل آهي جيڪو 1962ع ۾ ڇپيو.
Title Cover of book خزانة العارفين

بيت 9

پڇن جي ميهار جو، پڇي تن ميهار،
ترهو تني جو پار، عشق جني جو آڪرو.

شرح - سهڻو سرتاج سنڌ فرمائي رهيو آهي ته سچا سالڪ ۽ عاشق صادق تون به سهڻي جي سچي سڪ واري سمنڊ مان سڪ جي سرڪ ڀري ستي بيٺي ۽ اٿي ويٺي پنهنجي محبوب حقيقي ميهار جي پڇا ۽ پچر زڪر ۽ فڪر ۾ مدامي محو ۽ مشغول ٿي ته تنهنجو به ترهو پار پهتل رهي تان جو اهو پاريچو پاڻ به تنهنجي پچر هچر ڪرڻ مان نه ڊها پي بلڪه پاڻ به ذاڪر ٿي تنهنجو ذڪر ڪندو رهي جيئن جو هي هيٺين آيت شريف بيت جو پورو پورو شرح آهي (فاذڪروني اذڪرڪم) يعني منهنجو ذڪر ڪيو ته مان توهان جو ذڪر ڪيان) مٿي آيت شريف جي شرح ڏي هن هيٺين ڪلام مان پڻ اشارو عيان ٿي رهيو آهي-
(ڪلام)
ذوق سان ذاڪر مان تنهنجو تون به ذاڪر منهنجو ٿي + شوق سان شاڪر مان تنهنجو تون به شاڪر منهنجو ٿي
حال حاضر توسان آهي ڀائي تون به ٿي + حب سان حاضر ٿي آيس تون به حاضر منهنجو ٿي
مان فقط تنهنجي نظر جو دمبدم ناظر رهان + نيهن جي نافع نظر سان تون به ناظر منهنجو ٿي
نيهن تنهنجي کي نهان لوڪا لڪائي مون ڇڏيو + عيب اوڻايون لڪائي تون ساتر منهنجو ٿي
فڪر تنهنجي ۾ فنا ۽ محو الفت ۾ مٺا + فڪري فوري فيض ده سان تون به فاڪر منهنجو ٿي
خاڪ پنهنجي قدر آهر قدر قيمت ڪجهه ڪيو + بي بها قدرت سان پنهنجي تون به قادر منهنجو ٿي

بلڪ اهڙي ذاڪر صادق ۽ شاڪر شائق کي هر لفظ ذڪر جي پٺيان پنهل پاڪ خالق عرش افلاڪ لبيڪ لبيڪ جي پوڪار پياري جي نروار نعري سان نوازيندو رهي ٿو. لبيڪ جي معنى آهي ته جي چوان توکي اي پيارا ٻانهان جي چوڻ جا حقدار اٿي اي غافل تون بيدار ۽ هشيار ٿي ڪو پنهنجي پاڪ پنهل جي جَي چوڻ مان عبرت وٺڻ جو سبق سونو حاصل ڪر- مطلب ته ڪڏهن مادر مشفقہ جي ٻچي جي ٻاڪن ڪوڪن کان ڪڏهن نه ڪڏهن ڪڪ ٿي ٻوڏ ۽ ڦوٽ چوندي آهي پر رب پاڪ ڪريم رئوف رحيم اهڙو ته رحمت ڀريو بحر بي ڪنار آهي. جو ڪڏهن به ٻانهي جي ڪوڪ ۽ ڪوڪار ۽ سڏ پر سڏڪار کان ڪڪ ته نه ٿئي پر رهندو هر سڏ جي عوض ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه دفعا وڌ ۾ وڌ چوڏهن سؤ ڀيرا جي چوڻ فرمائي. هن کان وڌيڪ ٻاجهه ۽ رحمت ڪهين ۾ به نه آهي پر ڪڏهن ڪڏهن عاشقن صادقن ۽ صوفين سالڪن تي جدائي ۽ قبض جي حالت طاري ٿيندي آهي ۽ نگار نازڪ پنهنجي ناز بي انداز ۾ رهي ڪو وقت پنهنجي توجہ نظر ظاهري کان کٽائي نظر انداز ڪرڻ فرمائيندو آهي، انهي حالت کي مشتاق محبوب مطلق جا پنهنجي واسطي موت ۽ جدائي جهنم ڄاڻندا آهن تنهن ڪري درد ڀريون دانهون آهون ڪندا رهندا آهن مگر محبوب معنوي کين جي ته چوندو رهندو آهي پر اهڙي رمز رندي سان جيئن حبدارن جي حيرت جي حد نه رهي آخرڪار حبدار حسن حقيقي جا هئن چوڻ تي تيار ٿي ويندا آهن جيئن جو خاڪ جي زيرين جذبات مان ظاهر ٻاهر آهي
(جذبات)
سوڀ تنهنجي آه ڪهڙي ڪيل جي مارڻ منجهان + سوڀ آهي تنهنجي سائين دل مئل جيارڻ منجهان
حُي تون آهين حقيقي ڏي حياتي ڪيل کي + تنهنجي هٿ ڏوڙي حيا تي آب جي پيارڻ منجهان
تون آهين قيوم قائم استقامت ڪر عطا + پاڻ کان ٽاري نه ڇڏ ڇا هٿ اچي ٽارڻ منجهان
رمز روپوشي ڇڏي آ روبرو ڪنهن رات ۾ + مل اچي ڇا هٿ اچئي گوشي اندر گهارڻ منجهان
تنهنجو جيڏو ناء آهي ايڏو مون کي آسرو + سود ڇا لاتقنطوا جي وعد ويسارڻ منجهان
يار يشفيني پڙهي تنهنجي تڏي تي مان ٿڪس + غور ڪر ڪهڙو مزو ٿي منهنجي پوڪارڻ منجهان
ناء تنهنجو ارحم آهي رحم ڪر راحم رحيم + ڳڻتين ۾ ڪين ڳارج ڇا اچئي ڳارڻ منجهان
خاڪ جهڙي جهور سگ کي سڏ ڪري ڏي ڏاڻ ڪو + فصل سان ڏي فائدو ڪو ڪوڪ ڪوڪارڻ منجهان