شاه جي وفات حسرت آيات شاه صاحب سرتاج سنڌ جي وفات جو واقعو به هڪ عجيب غريب آهي. ڪي مؤرخ لکن ٿا ته جناب ڀٽ ڌڻي عمر جي اخير ايامن ۾ مراقبي ۾ ذڪر فڪر واسطي هڪ جاءِ تي پورا 21 ڏينهن ويهي رهيا ان سموري مدت ۽ عرصي ۾ کاڌو فقط ٻن ويلن جو واپرايون هڪ ڏينهن مراقبي واري ڪوٺيءَ مان نڪري شايد جوش جذبي حرارت کي هٽائڻ خاطر هڪ سئو دلن پاڻي سان وهنجي ٻيهر اندر ساڳي ڪوٺي ۾ هليا ويا. ٻاهران سنڌي ٻولي ۾ فقيرن جو رندي راڳ ٿيندو رهيو. برابر ٽين ڏينهن ساندهه راڳ جي محفل گرم رهي فقير فقراءَ به ايڏو ته محو هوا جو کين خبر ئي نه ٿي پئي ته هي ڇا ٿي رهيو آهي جڏهن جوش جذبو ڍرو ٿين ۽ ٿورو سڌير ۾ آيا تڏهن وڃي ڏسن ته رهبر روحاني جو روح پر فتوح پرواز ڪري وڃي رهو پرور کي حظيره القدس ۾ رسيو آهي. کين اهو پتو پروڙ نه پئي ته ڪڏهن ۽ ڪهڙي وقت فوت ٿي ويا آهن. سندن حالت اها ئي مراقبي واري هئي. اهو واقعو وفات وارو سنه 1165 هه مطابق سنه 1752ع جي 14 صفر جي ٿي گذريو. انا لله و انا اليه راجعون.