پبلشر جو نوٽ
اڄ جيڪي اَمُلھه ليک لکڻيون اسان جي پلئه پيون آھن. سي ته ڄڻ، ان رات جو اولڙو آھن، جا ٺٺي جي چئوواٽن تي سنڌ ڌڻين جي بتن منجھان سِير ڪري وھي نڪتي هئي يا ڦاھيءَ جي ڦندن تان آخري ھڏڪيءَ جو پڙلاءُ....!! جيڪو اڄ به ڪن لائي سڻڻ سان چڱيءَ پر سُڻي ۽ ھَنڊائي سگھجي ٿو . . .
ڀٽائيءَ جي پکڙيل روشنيءَ جي آکٽ ۽ اَپار اوجر ۾ . . . اياز جي سنيھن، سرٻاٽن ۽ چنگھاڙن ۾. . . استاد جي آھن ۽ دانھن ۾ . . . شميشر جي صدائن ۾ . . .
چئوڦير جي انڌڪار ۾، سنڌي ادب، اديب ۽ ادب چاھڪ گھڻن کان اڳتي آھن ۽ جڳ ۾ ڪتابن جي ڀيٽا ڀيٽ ۾ ڪنھن ڏاھي دوست چواڻي: ”اڄ سنڌ ۾ روز جي حساب سان ڏيڊ ڪتاب پڌرو ٿئي ٿو. . !!“
اھا ڪا ھِھڙي ٺوڳي روڳي جڳ ۾ گھٽ ملھائتا آھي!؟.
پر پوءِ ھِت اھو سوال ٿو اُٿي ته، آخر اھي ڪير آھن؟ جي اھڙي جُڳ ۾ روشنيءَ ۾ پيا سنڌ امڙ کي جرڪائن ۽ واٽھڙن کي دڳ لائن . . . ؟
ھي جو چئوڦير انڌڪار ۾ اڻڳڻيا ڏيئا ٻري رھيا آھن تن ۾ تيل وَٽِ ڪير آھن!!!؟
اڄ جو شمشير کي پَسون ٿا ته رڙ نڪري وڃي ٿي ”ابول“! ھي ئي ته اُھي ھئا جن کي ٺٺي جي گھٽين، گھاٽن ۽ چئوواٽن تي چيڙي ڦاڙي لوڻ پئي ٻرڪياويا، سندن ڄڀون نڙين منجھان پٽيون / ڪٽيون پئي ويون . . . ۽ جن پوءِ به دل ئي ۾ به ورنايو پئي: ”مرنداسين ته مٽيءَ مان! پنھنجي ڦٽندا سرخ گلاب.“
۽ ھي گلاب ته ڏسو! جو اڄ ڪوماڻيو پيو وڃي، سڄو جيون ادب کي دان ڪندڙ، وڏن وڏن ليکڪن، ڪھاڻيڪارن، شاعرن جون تخليقون سنواري سينگاري انھن کي جڳ آڏو بي مثال بڻائي ڇڏيندڙ ”ماڻھو“ اڄ جيون جي ٻه واٽي تي ھيڪل وياڪل ويٺو آھي، شايد جنھن وٽ چڱو ڀلو ڪو گھر به ڪونھي، پوياڙيءَ جي پاڇولن ۾ سنگت ساٿ ۽ سرڪار جو ساٿ به ڪونھي . . .
ھي ڪتاب: ”لاٽ“ ڇپرائي پڌرو ڪرڻ سندس ڏات ۽ مان جو ڪاٿو ته ناھي پر پوءِ به اسان ھن ڪارج کي پنھنجي پر ۾ ھڪ موچارو مقصد سمجھون ٿا. . . .
اوھان ڇا ٿا سمجھو ان جي خبر چار ڏيندا ته ڪل پوندي . . .
شميشرالحيدريءَ لاءِ دعائن سان گڏ ھيءَ سوکڙي شل کيس قبول پوي.
انعام عباسي