مداح
منھنجو ھڪڙو ھادي آھي، مرشد راھنما،
سڀ کان سھڻو، سڀ کان سياڻو، خلقيو خاص خدا.
جيڪو سڀ کان بھتر، برتر، جيڪي منجھه جھان،
جنھن جو ڪوئي ثاني ناھي، اعلى اعظم شان.
جيڪو جڳ جي اک جو تارو، جلوو جوت جمال،
دنيا ۾ جو دائم آھي، قائم ساڻ ڪمال.
سورج جي ڪرڻن جيان جنھن جو آھي فيض مدام،
چانڊوڪيءَ جي روپ اندر ڄڻ آھي ڪو الھام.
حسن حقيقي آھي جيڪو، جيڪو عشق امام،
جيڪو عامن کي ٿو بخشي الفت جو انعام.
جنھن جي ڪائي صورت ناھي، روپ نھڪو ٻھروپ،
سپني وانگر رھندو آھي اکين منجھه الوپ.
جيڪو ھرجا حاضر ناظر، جڳ جڳاندر جھور،
دانا بينا، ڄاڻي ٿو گھڙيءَ گھڙيءَ جو پُور.
حاوي حاڪم آھي، ھوا تي چڙھي ڪري ٿو سير،
جنھن جي ھمت سان ڪو ٽڪڙي، ڪوئي ناھي ڪير.
اڀ ۽ ڌرتي جنھن جي دھشت ساڻ دھلجن روز،
جنھن جي جرئت آڏو ڪوئي آيو ناھي ھنوز.
وقت جنھن کي نه جڪڙي سگھيو، ڪڏھين ڪو زنجير،
موت جنھين کي روز جيئاري، اھڙو آھ امير،
روز اول کان جيئرو آھي، مرڻو ناھي مور،
”ڪُن فيڪون“ جو سِر الاھي، مٽيءَ ۾ مستور.
مٽي ناھي، مٽيءَ جي ھر ذري ۾ موجود،
جنھن ۾ سڀ سنسار سمايل آھي لامحدود.
ڪڏھين ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تي رقص ڪري سنگيت،
ڪڏھين آڪاسن ۾ اڏري پاڻ پڄائي پريت.
ڪڏھين مکڙيءَ ساڻ کلي ۽ ڪڏھين گل سان روءِ،
ڪڏھين ڳوڙو خيال ته ڪڏھين ڳوڙھا بڻجي پوءِ.
ڪڏھين راتيون جاڳي ويٺو فھم ڪري فڪرات،
ساري جڳ جا سُور سنڀاري، ڏاري پنھنجي ڏات.
ڪڏھين خود ئي خود ۾ گم ٿي، ڳائي ويٺو ڳيت،
ھن سان ڪنھن جي پريت نه آھي، ھن جي سڀ سان پريت.
ڪافر مومن آھي، ناھي، جيڪي آھي پاڻ،
جنم جنم جو جوڳي آھي، ڄاڻي ڪو اڻڄاڻ.
سوئي منھنجو ھادي آھي، مرشد راھنما،
سڀ کان سھڻو، سڀ کان سياڻو، خلقيو خاص خدا.
ڪھڙو تنھن جو نسب ٻڌايان، ڪھڙو ملڪ ملير،
اوچو ان جو نانءُ مبارڪ، وھ واھ ”شاھ ضمير!“