پيدائش
اڄ وري انسان جا جوھر کُليا.
اڄ وري جاڳيو زماني جو ضمير،
اڄ وري انصاف تي ڏمريو اسير.
اڄ وري زنجير سان سرچاءُ ٿيو،
اڄ وري زندان جو ٺھراءُ ٿيو.
اڄ وري اظھار تي پھرو لڳو،
اڄ وري منصور ڦاھيءَ تي چڙھيو.
اڄ وري لٽجي ويو فطرت جو باغ،
اڄ وري ڦاٽي پيو ھستيءَ جو داغ.
اڄ وري تھذيب کي ٺوڪر لڳي،
اڄ وري زخمي ٿيا دل جا ڌڻي.
اڄ وري مھراڻ آيو موج ۾،
اڄ وري ڌرتي ٻُڏي وئي کوج ۾.
اڄ وري احساس جي پالوٽ ٿي،
اڄ وري جذبا اٿيا اڻموٽ ٿي.
اڄ وري ڪجھه دلبريون حاصل ٿيون،
اڄ وري ڪجھه آيتون نازل ٿيون.
اڄ وري تخليق کي شاعر مليو،
اڄ وري دنيا کي پيغمبر مليو!