توسان ڳالھيون
گھر ويٺي،
بازارن ۾ گھمندي ڦڙندي،
پيار جون پياريون ڳالھيون.
ڪڏھين منھنجي ھٿ ۾ پنھنجو ھٿڙو ڏيئي،
سمنڊ ڪناري،
ننگين پيرين، آليءَ واري تي، يڪساھيءَ ڊوڙي ڊوڙي ڪري پوين ٿي،
۽ مان تو کي کڻي وٺان ٿو، ڀاڪر پائي.
ڪڏھين شھر جي ڪنھن باغيچي جي ٿڌڙي ڇٻراٽي تي ويھي،
تنھنجا سونا روپا ٽھڪ ٻڌان ٿو،
ڪڏھين شام ٽَريءَ جي ويلي، ايڪانت ۾ منھنجن ٻانھن ۾ جھولين ٿي.
. . . . پر توساڻ ئي سڀ ڳالھيون تڏھين ٿينديون آھن،
جڏھين تون موجود نه ھوندي آھين.