ايتري قدر .........
ھن پنھنجي ڄمار جو ھڪ قاعدو ٺاھيو آھي ته جيڪي صحيح سمجھجي، ان تي بيھي رھجي. حالتون ۽ ميدان ڪھڙا به ھجن، ڳالھه اھائي ڪجي جيڪا پاڻ کي درست محسوس ٿئي. پير صاحب پاڳاري جي اخبار جنھن کي رجعت پسندي جا سڀ القاب مليل ھئا تنھن ۾ شمشير اھو ئي ڪيو جيڪو سندس زندگيءَ جو نَيَم يا اصول رھيو ھو. ٽن مھينن ۾ اخبار کي آسمان تي پھچائي پاڻ لامارا ڏيندو اچي ڦھڪو ڪيائين. ڪرڻ مھل ھن ضرور چيو ھوندو. . . .ايتري قدر. . . !
ھن ڪتاب جي ڇپائي جي ڪھاڻي الاھي وڏي آھي. اھا ڏُکائيندڙ ۽ دل وندرائيندڙ آھي. ڏُکائيندڙ ھن معنى ۾ ته، ڪتاب کي اٺ مھينا اڳ اچڻو ھيو، ان جا پرنٽر، پبلشر، ڪمپوزر، پروف ريڊر سڀ ٻيا ھيا. ڪتاب جو مسودو ڪراچي مان ٿيندو، ٺٽي ضلعي جي ميرپوربٺوري کان حيدرآباد پھتو. ان شھر مان ڪتاب کي شايع به ٿيڻو ھو، انجي مھورت جو لافاني ڪاڄ به ٿيڻو ھيو. وندرائيندڙ ھن معنى ۾ ته، جن ڪتاب ڇپائڻ جو وعدو ڪيو ھيو، ان جا ھر دفعي اھي زبردست سچائي تي ٻڌل جملا ملندا ھيا ته ” ڪتاب جُلد لاءِ موڪليو آھي“ ۽ ”بس رڳو بائينڊر کان کڻائي اوھان ڏي ڪراچي موڪلڻو آھي“ پر، اھا خبر پوءِ پيئي ته ڪتاب جو مسودو ۽ سندس سچائي ھڪ ھنڌ پنڊ پھڻ ٿي ويا ھئا. مون پاڪستان ڪواٽر ۾ سندس جھوپڙي نما گھر ۾ اھو قصو ٻُڌي سندس ئي تڪيوڪلام ورجايو. . . ايتري قدر!
تاريخ ۾ لکيل آھي ته، مغلن جو ھڪ اھڙو دور به آيو ھو جڏھن، سزا کاڌل جوانن جون مائرون پُٽن کي ملندڙ سزائن ختم ڪرڻ جي گھُر نه ڪنديون ھيون، پر وقت جي بادشاھ کي ٻاڏائي چونديون ھيون ته سندن اولاد کي جيڪا سزا ملي سا خير، ھاڻي رڳو ان جو لاش وڻ تان لاھي ڏيو ته مٽيءَ ماءُ حوالي ڪجي. سو شمشير جي چوڻ تي سندس نظمن جي مسودي کي انتظار جي ڦاسيءَ واري اوچي وڻ تان لاھڻ لاءِ واڪا ڪرڻ شروع ڪياسين. انھن ڪچھرين ھلندي، مون شمشير الحيدري صاحب کي چيو ته آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ سندن جيئري ڏينھن ملھائڻ جو ڪم ضروري آھي. ھدايت بلوچ، غفار تبسم ۽ ستار ڀٽي جي موجودگي ۾ ان پروگرام جي تاريخ ۽ ڳالھائڻ وارا طئي ڪيا ويا. شميشر وري پنھنجي مھربان دوستن جا نالا ڏنا ته اھي ضرور گھرائجو. آرٽس ڪائونسل ۾ ساڻس 19 مئي 2012ع تي شمشيرالحيدري سان تاريخي رھاڻ ڪئي ويئي. ناميارا ڳالھائڻ وارا، سوين منظم حاضرين ۽ سندس ڪتابن جي مھورت جو پروگرام ڪيو ويو. ان تاريخي موقعي تي ھي ڪتاب حيدرآباد مان شايع ٿي ان رھاڻ ۾ پيش ٿيڻو ھيو. پر ”مسودو“ ڪتاب نه ٿي سگھيو.
ھي ڪتاب اوھان جي ھٿن ۾ آھي. مونکي پندرنھن ڏينھن اڳ پي ڊي ايف طرز جو فائيل مليو، ان ڪري ان کي ٻيھر ڪمپوز ڪرائڻو پيو پوءِ وري ان جا پروف ڏسڻا پيا.
شمشيرالحيدري ڪيتري قدر وڏو شاعر، اديب، صحافي ۽ ايڊيٽر آھي، ان جي باري ۾ وڌيڪ اوھان ڄاڻو ٿا. اسان ھي ڪتاب ڇپائي ھاڻوڪن نسلن تان ذلتن جو بار گھٽايو آھي. اسان چاھيون ٿا آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌي پڙھندڙن جي ھڪ ريڊرز ڪلب ھجي، ھڪ ايسوسيئيشن ھجي، ھڪ گڏپ ھجي. ان جا ٻه چار ھزار ميمبر ھجن. ھر ميمبر ماھوار معمولي في ڀري. انھن ميمبرن کي ھر سنڌي اديب جو شايع ٿيندڙ ڪتاب نج پج مُور واري قيمت تي ملندو رھي. آرٽس ڪائونسل اھڙي نموني ھڪ ناٽڪ منڊلي تي سوچي رھي آھي ته جيئن سنڌي ناٽڪ ٻيھر مرده خاني مان موٽي اچي سماج ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري. اھي ڪلب ميمبر ھر مھيني پنھنجي ڪُنٽبن سان اھڙا ناٽڪ مفت ۾ ڏسي سگھندا.
اسان ان ئي خيال کان ھن ڪتاب جي قيمت بلڪل ٿوري رکي آھي. اسان ھر بھترين ڪتاب جي مھورت ڪرائي، ھزارين پڙھندڙن کي ان ۾ گھُرائي ھڪ ئي ڏينھن ۾ ڪنھن به سنڌي اديب جو ڪتاب خاص ڪري سندن پھريون ايڊيشن پھرين سَٽَ ۾ اوھانجي سڳورن ھٿن تائين پھچائڻ جو خيال ۽ رٿا رکون ٿا. سنڌي اديب جو زندگي ۾ ھڪ ڪتاب، ان جو ھڪ ايڊيشن ۽ ان جو ھڪ ھزار ڇپجي، سا ڳالھه اسان کي قبول ڪانھي، اسان اھا غلط روايت ۽ سنڌي ليکڪن جي ورھين کان حوصلي شڪني زبردست ٻڌيءَ ۽ زبردست محنت سان تبديل ڪنداسين. ان واسطي ھن ڪتاب ۾ الڳ فارم ڏنو ويو آھي جيڪو اوھان ڀري موڪليندا. اوھانجي آٽوميٽڪ ميمبر شپ ٿي ويندي.
ھن ڪتاب جي سلسلي ۾، ان جي پروفن ۽ ڇپائي ويندي قيمت جي باري ۾ اوھانجا جيڪي به ويچار ھجن، تن جي باري ۾ اسان کي ڄاڻ ضرور ڏيندا. اوھانجا مشورا ۽ تنقيدون اسان جي رھبريءَ جا ڪي رستا ٺاھي سگھنديون. ايتري قدر . . . .
شمشير جي لفظن ۾
يقين آھي ته ايندا پٺيان اچڻ وارا،
اچي ھتي ئي ڪندا پنھنجي وقت جي منزل؛
انھن جي لاءِ ڀلا ڪا ته روشني گھرجي،
مچائيندا جي وڌي اڳتي عزم جي محفل!
ڊاڪٽر ايوب شيخ
چيئرمين: فوڪ ۽ ھيريٽيج ڪاميٽي
آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان
3 جولاءِ 2012ع