شاعري

لاٽ

هي ڪتاب”لاٽ“نامياري ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ سنڌ پرست شمشير الحيدري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ”لاٽ“ پهريون دفعو 1962ع ۾ طارق اشرف ڇپايو جيڪو اڻ لڀ ٿي ويو. 2012ع ۾ لاٽ جو ٻيو ڇاپو نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ان وقت شايع ٿيو جڏهن شمشير الحيدري آغا خان اسپتال ڪراچيءَ جي بيڊ تي زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪاٽي رهيو هو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
Title Cover of book لاٽ

الوداع

ڪير دروازي تي آھي،
رات جي پوئين پھر،
ھن مھل، ھن حال، سيءَ واءُ ۾!
ڪو مسافر؟ يا وري ھن شھر جي ڪا پيار سوديندڙ معزز حسن بانو؟

مرحبا، اي معزز حسن بانو!
اچ، اندر اچ.
منھنجي ھِن مَشعل جي ھَلڪي روشنيءَ ۾.
ڪيڏي سردي آھي ٻاھر!
ھن ھھڙيءَ لڱ ساريندڙ ھوا ۾،
ڪيئن نڪتي آھين تون؟
بت سڄو تنھنجو رڦي پيو،
ھٿ ڏڪن پيا ۽ ٽنگون ٿڙڪن پيون:
ويھه ھن صندليءَ کي سيري، ھن بخاريءَ جي اڳيان،
باھ تي پنھنجا ٺريل ھٿ پير سيڪ.

ترڪماني انَ جو ھي ڪشمشي ڪمبل ڪلھن تان
لاھي ھن صندوق تي ليٽائي ڇڏ،
۽ ھي وٺ چندن جون ڪاٺيون،
باھ ۾ وجھه،
جيئن تنھنجي ساھ کي سرھاڻ جو ساھَسُ ملي:
تيستائين آءُ تنھنجي لاءِ ڪريان قنديل ڪافوريءَ کي روشن،
جيئن ڏسان، سونھن جا ڪھڙا وکر آندا اٿئي.
سونھن جو درياھ وھي پيو. . .
جنھن جي ڇولين ۾ رڳو پيا مرڪ جا موتي ڇُلن،
جنھن جي موجن تي رڳو پيا تير نظرن جا تَرن،
جنھن جي لھرن ۾ جوانيءَ جون ھٺيليون پوپريون،
ٿڙڪنديون، ڀڄنديون وتن،
جنھن جي ڪنڌين تي رڳو چاھت جون چنبيليون ٽڙن،

سونھن جو درياھ وھي پيو. . . .
ناھي جنھن جو آرپار ،
جنھن جي ھر قطري ۾ نيرانين نگاھن جو خمار،
ھر نظارو جنھن جو، قدرت جو نرالو شاھڪار،
حيرتن ئي حيرتن جا ڪاڪ، جنھن پاسي نھار.

آه، ڏاڍي دير ٿي وئي، اي معزز حسن بانو،
مان ته ويٺو ھوس ھاڻي واپسيءَ جي لئه تيار،
بس سواريءَ جو ڪيم پئي انتظار:
ڪنھن به ٽاڻي اچڻو آھي آسماني مَڪڙو گھوڙو،
جيڪو ڪنھن مھلت بنا ٿيندو فرار.

تيسين ھڪڙي التجا مون کي ڪرڻ ڏي،
اي معزز حسن بانو!
جنھن گھڙي وارد ٿئي ھو مَڪڙو گھوڙو،
ھائو، پنھنجي انھي ساڳي ڪائناتي خوش نظر سان،
بدخشاني لعل جھڙن لال چپڙن جي مدامي مرڪ سان،
مون کي ڪج تون الوداع،
مون تي تنھنجو ھي وڏو احسان ٿيندو،
۽ اھو ئي سونھن جو سرمايو شايد،
منھنجي لاءِ آخري تسڪين جو تحفو ٿئي.

. . . مان جڏھن ڳچ سال اڳ،
پيار جي وکري وکر جون خوب خرزينون ڀري،
ڏور کان آيس ”عدم نگري“ ولايت مان ھتي،
تنھنجي ھن شاھي شھر ۾،
ھڪڙو معمولي، ننڍو گمنام سوداگر ھئس،
پوءِ آئون پيار جي ناياب جنسن جي بدل،
سونھن جون ڪمياب ۽ نادر وَٿون ڏوريندو سوديندو رھيس. . .

رنگ ۽ آواز جون سونيون ۽ روپيون اشرفيون،
مشڪ بو وارن جو ريشم، رت ورنن چپڙن جون لعلون،
شبنمي ڏندن جا موتي، ڏورين ٻانھن جي مرمر،
ڪونئرن پيرن ھٿن جا بخمل، ۽ الماس خوابي اکڙين جا،
ڪي ته بيحد بي بھا چيزون مليون:

درد دل جو، پور، پيڙا، خواب، اوجاڳا، جفائون،
واعدا، يادون ۽ ٻيا پڻ ڪيترائي قيمتي پٿر مليا:

ناز ۽ انداز، شوخي ۽ شرارت جا گھڻائي خوشنما گوھر مليا:
گيت مالائون سريلن ٽھڪڙن جون،
۽ ڏکڻ جي ھير جھڙين ٿڌڙين مرڪن جون چانڊوڪيون،
گرم لڙڪن جي ٻاڦ:
سادگي، سچائي، قرباني، وفا، پاڪيزگي، صبر ۽ حيا جا،
جيڪي چندن ھار مون ڏوري ڏٺا،
تن جو ڪوئي ملھه نه ھو.

مون به خرزينن جا منھن کولي ڇڏيا:
پيار جا جيڪي به وڙ آندا ھئم،
سونھن جي سودي ۾ بيپرواھ آڇيندو رھيس،
ڏاڍيون ڪي اڻلڀ شيون مون وٽ ھيون،
ڪاش، تون ھيڪر ڏسين ھا، اي معزز حسن بانو!
ھجر جا فانوس، وصل جا چراغ،
آس جا قنديل، اوسيئڙي جي آڳ،
سڪ جون سرخيون، شڪ جون لاليون،
اک اڙي جا ڪجل سرما، دل لڳيءَ جون شان واريون مينديون،
چاھتن جون ڦلڙيون ۽ جيءَ جڙيءَ جون چوٽيون،
نينھن نسبت جون مُنڊيون ۽ دل چريءَ جون چوڙيون،
قرب جا ڪنگڻ، اڪيلائي جا آئينا، ملاقاتن جا ڇلڙا،
پنڌ جا پازيب، کٽڪن جا وڇونئڙا، شادمانيءَ جا ٽِڪا.

۽ وري ٻڌ اي معزز حسن بانو!
ڪھڙا ڪھڙا مون وکر آھن وھايا بيمثل،
علم جا مشعل، عمل جون دوربينيون ۽ عقل جون شطرنجون،
سوچ جا سونگا، انھن اندر خيالن جي عطر سا تَر ٻُڙا،
حوصلن جون دٻليون ۽ خود اعتمادي جا ٻٽونئڙا،
عزم جا گلدان ۽ ھمت جا دُنگ،
جن ۾ احساسن جا عنبر، مشڪ جذبن جي ۽ يادن جا گلاب،
پيار جي وکري وکر جي ڄاڻ لئه، جدوجھد جا جام، شربت
زندگيءَ جا فھم وارا،
۽ صُراحيون سُرت واريون،
آھ، مون ڇا ڇا نه سوديو،
۽ وري ڇا ڇا نه ورڇيو!
. . . ھاءِ ڪيڏا ورھيه گذريا ويا ھتي،
وقت جي پيرن جي کُڙڪي جي ڪڏھن ڪل ئي نه پيئي
ڄڻ ته ڪلھه ئي ھن حويليءَ ۾ اچي ترسيو ھئس!

پر معزز حسن بانو! ھو ته ڏس،
منھنجي ھن بادام جي سھڻي سگھاري وڻ کي ڇا ٿيو؟
ڦرَ ته ھي ڪجھه سال ٿيا، اندر ئي اندر پاڻ کايو ڇڏي
مان ڏسان پيو ۽ سھان پيو ھن جا سڀ انگل مذاق،
اڄ ته ھن تي ڪي وڃي ٿورائي پن آھن بچيا
ھي به شايد منھنجي ئي سنبت جو ٿيندو.
منھنجا سڀ ساٿي ايئن ئي مَڪڙو گھوڙو ويو کڻي،
ڏس نه قدرت جو مذاق، ڪيڏو سنجيدو ۽ سخت!

پر معزز حسن بانو!
تو ٻڌو ھوندو ضرور:
”ڪوئلن جو، جو ڪري واپار تنھن جا ھٿ به ڪارا، منھن ڪارو.“
بس ايئن ئي آھي شايد:
سونھن جي سودي ۾ ڪائي سونھن واري،
منھنجي وارن کي وئي چاندي ٿڦي، سھڻو ڪري!
ڪيئن به آھي،
شھر جي ھر حسن بانو وٽ ھئي ڇا ھاڪ ۽ ڇا ساک منھنجي
پيار جي وِکري وَکر جي!
تون به ڏس، منھنجي اھائي ساک سمجھي آئي ھئين!

. . . ۽ مان اڄ موٽي وڃان پيو،
سونھن جي سنسار جا سارائي سرمايا سيھڙي،
زندگيءَ کي پيار جو مفھوم بخشي،
ھڪڙي سُرھي ساک واري،
شاھ سوداگي جي حيثيث کڻي.

پر ھو تڪڙو مَڪڙو گھوڙو؟
ڪيئن چئجي،
ھو به شايد گفتگو پنھنجي ٻڌي ترسيو ھجي،
ھائو، جيڪا ھوءَ گھڙي گذري وئي،
ھائو جيڪا ھيءَ گھڙي گذري پئي،
سي ئي شايد ٿي وڃن قدرت جي قدمن ۾ قبول!

معاف ڪج اي حسن بانو!
منھنجي ڳالھين تي نه آڻج ڪو خوشامد جو گمان،
تو ٻڌو،
پيار جو ھر ڪو وکر مون وٽ ته ڍيرئون ڍير ھو،
۽ نه آءُ رھيس ڪو ويسرو،
سڀ کپائي، اڄ ته پالھو ٿي وڃان پيو:
خالي خرزينن جي اندر،
نالي ماتر،
خاڪ جي رتي به ناھي.

سچ چوان ٿو اي معزز حسن بانو!
سونھن جو سوڳنڌ کڻي سچ ٿو چوان:
سونھن جي سڀني وڙن ۾ تون ته مالامال آھين،
جي ڏٺم تن ۾ نه ھئي ڪا تنھنجي پائي جي امير:
تون ته مٿي جي مٿانھيءَ کان وٺي
پيرن جي ترين تائين آھين ڪو صنم،
تون مجسم سونھن آھين،
تون سڄي ئي سون آھين.
ڪاش، مان پھرئين ئي ڏينھن تو کي ڏسان ھا،
۽ سمورو پيار جو وکرو وکر تنھنجي سر تان اوري گھوري،
تنھنجي قدمن ۾ رکان ھا،
ھڪڙي مفلس جو سو نذرانو حقير!

ڏس ته مون ساري حويليءَ جا سڀئي فانوس ۽ قنديل
۽ مشعل اجھائي ھئا ڇڏيا،
سڀ ملازم حاضريا ۽ خاڪروب ڪلھه ئي فارغ ٿي ويا،
مال ساري سودي جو مون ڪلھه ئي ڇڏيو ھو اماڻي،
نفرتن جا، بغض جا، دوکي دغا ۽ حسد جا،
جيڪي کوٽا وڙ ملاوت ٿي مليا ھئا،
سي سڀئي ھو صحن ۾ اڇلي وڃان پيو،
بس اھا حسرت کڻي ويندس ته مون وٽ تو کي آڇڻ لاءِ ڪو تحفو نه ھو.
. . .اوھ، ڪا شيءِ پئي ھُري منھنجي مٿي ۾!
ھائو، ھائو، ترس مون کي صرف ڪجھه ئي ساعتون مھلت کپي،
جيسين آئون پنھنجي خلوتگاھ ۾ پھچي وڃان.

آھ! دل ڪيڏي ڳري ھئي!
ڪجھه نه ھو پر ڪجھه ته آھي

ڪيترو ئي تڇ سھي،
ھان، اچي، ھي چپٽيءَ احساسن جي عنبر جي وٺي ڇڏ،
ھيءَ ذرڙي مشڪ جذبن جي به کڻ،
۽ ھي وٺ ڳاڙھو گلاب ياد جي خوشبوءَ جو،
ڪيئن الائي طاق تي رھجي ويون ھي چند چيزون،
بس اھي ئي قبول اي معزز حسن بانو!
. . . خوب! خوب!
تون ته ڪا دل جي به ڏسجين ٿي امير!
مون ته پنھنجا آخري احساس ۽ جذبا به تو کي ڏئي ڇڏيا،
ڪيئن ڪريان اظھار تنھنجي قرب جو؟

ڇا ٿي سوچين حسن بانو؟
مون کي وڃڻو ئي ته آھي،
تو کي رھڻو ئي ته آھي:
جيسين نازل ٿئي اچي ھو مَڪڙو گھوڙو،
اچ ملھايون شادمانيءَ جو جشن،
تنھنجي پياريءَ سونھن جي ۽
منھنجي سھڻي پيار جي سنگم جي سھڻي ۽ پياري ياد ۾؛
آءُ روشن ٿو ڪريان ساري حويلي جا سڀئي فانوس، سڀ قنديل
۽ مشعل سڀئي ،
پوءِ گڏجي پاڻ ڏينداسين سلامي،
پنھنجي ساٿي پنھنجي ھن محبت جي شاھد،
ھن اڪيلي پوڙھي وڻ کي.



مان ٻڌان پيو،
ڪو وڏو مَشَاق، فطرت جو مغني،
اڻلکن ملڪوتي سازن جي انوکيءَ ليءَ تي پراسرار آفاقي سرن ۾،
ڳائي پيو ڪو ابدي نغمو،
جنھن سان سارين ڪائناتن جون اکيون،
ھوريان ھوريان،
ننڊ ۾ ٻڏنديون وڃن.
. . . . ھا اھو ئي واپسيءَ جو گيت آھي:
اچ، اندر اچ، ڪيڏي سردي آھي ٻاھر!
منھنجي پياري حسن بانو!
منھنجي احساسن جو عنبر،
مشڪ جذبن جي ۽ ياد جو گلاب،
پيار پنھنجي جون نشانيون،
سانڍي رکجئين،
۽ سدا رکجانءِ روشن ھن حويلي جا اھي قنديل فانوس ۽ مشعل سڀئي،
جيئن اسان جي اڄ جي شاھد،
ھن اڪيلي وڻ کي اونداھيءَ جا پاڇا گم نه ڪن!
ھائو، تنھنجي لال چپڙن جي اھا روشن مدامي مرڪ مون سان ساڻ رھندي . . . .
الوداع!
منھنجي پياري حسن بانو، الوداع!