نھروءَ جو ديھه انت
ڪرڻو ڪرڻو رنگ رليءَ ۾ ڦُوليو نٿو سمائي.
ڪايا ڇايا مست مگن ٿي ڇم ڇم ڦيريون پائي،
نيل گگن جو ھر ڪو ڀاتي خوش ٿي جھومي ڳائي.
ھر پاسي گھنگھور گھٽائون رلمل راند رچائن،
سرھائيءَ جو، واڌائيءَ جو پل پل ناد وڄائن.
پلڪ پلڪ تي بجلي چمڪي ڦھلائي پرڪاش،
جڳمڳ جڳمڳ چھڪي ٻھڪي اجيارو آڪاش.
تارا ڪتيون، چنڊ نکيتر ھر ھر پائن فال،
ڀاڳ ڀلارو ڄاڻي پنھنجو، ڳائن جھولي لال.
سرڳ سڄي جون سندريون گڏ ٿي، سھسين ڪن سينگار،
ھر ڪا سجني سينڌ سجائي، ھر ڪا چاھي پيار.
جھرمر جھرمر تارن جا سڀ ديپ جلائي ڇڏيو،
انت ڏياريءَ جھڙي پڳ پڳ جوت جڳائي ڇڏيو.
انڊلٺ جا سڀ رنگ پکيڙي، دنگ سجائي ڇڏيو،
ھوليءَ جھڙي رنگبرنگي موج مچائي ڇڏيو.
سورج منڊلي ۾ ھڪڙو نئون چنڊ اڀرڻو آھي،
ڌرتيءَ جو ھڪ راج دلارو سانجھيءَ اچڻو آھي.
(”نئين دنيا“ دھلي، ڏياري پرچو.)