شاعري

لاٽ

هي ڪتاب”لاٽ“نامياري ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ سنڌ پرست شمشير الحيدري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ”لاٽ“ پهريون دفعو 1962ع ۾ طارق اشرف ڇپايو جيڪو اڻ لڀ ٿي ويو. 2012ع ۾ لاٽ جو ٻيو ڇاپو نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ان وقت شايع ٿيو جڏهن شمشير الحيدري آغا خان اسپتال ڪراچيءَ جي بيڊ تي زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪاٽي رهيو هو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
Title Cover of book لاٽ

جنگ جو ديوتا

رات چانڊوڪي ھئي،
ٿڌڙي ٿڌڙي، ڇُوٽ، گھِميل ھئي ھوا،
جنھن تي ترنديون آيون ٿي بي روڪ ڇاٽون،
سنڌڙي انبن جي سرھي ٻُور جون،
اڀ تي تارن ڪئي ٿي کيچلين ڪڪرين سان ھر دم،
لڪ لڪوٽيءَ راند ڪيڏيءَ مھل کان،
۽ ھتي ھڪڙي ٻُھاڙيل پڊ تي،
ڳوٺ جا ڪي ٻارڙا،
رات کان ٿڪجي ٽٽي، گھيرو ٻڌي،
ڪن پيا ڪچھري قرب جي.
اوچتو،
ٿڌڙيءَ ٿڌڙي ڇوٽ، گھميل ھوا تي،
ٿوڙي ئي پنڌ تان،
ترندا آيا ڪي وڏا آواز، ڄڻ گوليون ھجن،
ٻارڙا ڇرڪي اٿيا،
۽ وري ويھي رھيا،
”ويھو، ويھو“ ھڪڙي وڏڙي ٻارڙي کلندي چيو،
”جھنگ ۾ ماري شڪار ڦرندا ھوندا.“

اکيون ڦاڙي، ڊپ وچان، ڪنھن ٻئي چيو:
”ايئن نه ھوندو، پڪ سان ڌاڙيل آيا ھوندا پنھنجي ڳوٺ ۾.“
پتڪڙي معصوم ھڪڙي ٻارڙي ڳالھه ڪئي،
ڪلھه ئي بابا چيو ٿي، ”اڄ سڀاڻي جنگ اچڻي آھي
پنھنجي ڳوٺ ۾.“

ڪجھه گھڙين لئه ٻارڙا چپ چاپ سوچڻ ۾ لڳي ويا،
اوچتو ھڪ ٻارڙي واڪو ڪيو: ”جنگ ڇاھي؟.“
”ڇا خبر؟“
”جنگ ڪنھن آھي ڏٺي؟“
”تو ڪڏھن آھي ڏٺي؟“
”ڪنھن ڪڏھن آھي ڏٺي؟“

جڏھن سڀني ٻارڙن مان ڪونه ڪڇيو،
پتڪڙي، منھن تي شرارت آڻي سنھڙي ۽ دٻيل آواز ۾ جھونگاريو:
“مون ڏٺي آھي اھا!“
ھڪڙي ڀيري ھوءَ اسان جي ڪڻڪ ڪي ٻارن مٿان گھمندي وتي،
”ڏاڍي سھڻي ھئي اھا:“
”جھڙي پوپٽ، جھڙي ڀنڀوري ھجي!“
اوچتو ئي اوچتو،
ھر طرف ھڪٻئي پٺيان، سؤ سؤ ٺڪائن جا وڏا ڌمچر متا،
باھ جا ڀنڀٽ اٿيا،
۽ يڪا يڪ ساري ئي ماحول ۾ بارود جي بدبو گھلي وئي،
ٻارڙا سڀ گھائجي، گھوماٽجي، پئجي رھيا.

تنھن گھڙيءَ،
اوچتو پر گھٽ ٿيو ٻارڙن جي وچ ۾،
جنگ جو بيرحم قھري ديوتا:
ٿڌڙي ٿڌڙي، ڇوٽ، گھميل ھوا ٽانڊن جو
گھر بڻجي وئي،
سنڌڙي انبن جي سرھي ٻور جون ڇاٽون
اماڙيون ٿي ويون،
چنڊ ۽ تارا اکين کان ٿي ويا اھڙا الوپ،
ڄڻ ھئا ئي ڪينڪي،
ڪڪريون ساريون وڏي بادل ۾ پيھي،
ٽڙ پکڙ، گم ٿي ويون:
جنگ جو بيرحم قھري ديوتا
ٽھڪ ڏيندو، رنڀندو، نچندو رھيو،
موت جو خونخوار ناچ.

۽ ايئن چوندو رھيو:
جيستائين ڪوبه نسل
جنگ کي سمجھي ٿو ڀنڀوريءَ جيان،
پوپٽ جيان،
مان ايئن نچندو ئي رھندس،
مان ايئن نچندو ئي رھندس!