لاٽ
سندم نگاھ جي سامھون عجيب منظر ھو:
پري، تمام پري، ھئي خيال جي بستي،
قريب و دور فقط منھنجو ئي تصور ھو.
عجيب قسم جي تنھائين جو ھو ماحول،
وڏو وسيع ھو ميدان، رات جو عالم:
فضا ۾ خوف جا آثار سڀ ھئا پيدا،
سڄي جھان جا انڌيرا اتي ھئا باھم.
ھوا جو ھانءُ ٿي ڦاٽو، ڪري وڏا واڪا،
رکي رکي ٿي وري بجلين کي وحشت ٿي:
ڊُڪيا ٿي چئن طرف ڪيئي ديَو طوفان جا،
قضا جي خوف کان ڌرتيءَ کي پڻ دھشت ٿي.
مصيبتن جي انھيءَ رات تي نظر رکندي،
ڀلا ڏيئي کي مجال آھي جو رھي قائم؟
ھلائي ڪير اچي پنھنجو ايترو حيلو،
مٽائي خود کي، ڏيئي کي رکي صحيح سالم؟
مصيبتن جي انھيءَ رات تي نظر رکندي،
يقين جي ته ھتي حد ئي ڪٿي آھي
مگر خيال جي بستيءَ ۾ ڇا نه ھو ممڪن،
ھوا جي ھنج ۾ شعلي جي پروش ڇاھي!
ھتي ته نُور نچوئي پيو ڪو نيڻن مان،
گھڙيءَ گھڙيءَ پيو اوتي اھو ڏيئي اندر:
وري وري پيو وَٽِ کي مٿي مٿي سوري،
جُھڪي جُھڪي پيو دامن بنائي سايه گر.
ڏيئي جي لاٽ وسامي وئي ته ڇا رھندو؟
اڃا ته ڪيئن محبتن جا مرحلا ايندا!
اڄوڪي رات جي مومل جو حال ڇا ٿيندو،
۽ ڪيئن ڏينھن جي راڻن جا قافلا ايندا؟
يقين آھي ته ايندا پٺيان اچڻ وارا،
اچي ھتي ئي ڪندا پنھنجي وقت جي منزل:
انھن جي لاءِ ڀلا ڪا ته روشني گھرجي،
مچائيندا جي وڌي اڳتي عزم جي محفل!
محبتن جا اھي مرد پھلوان ھوندا،
ڪندا ھوا کي مسخر، ۽ رات کي برھم
فلڪ جو اوج انھن جا اچي قدم چمندو،
نرالي نور جا مشعل جلائيندا ھر دم.
ڏيئي جي لاٽ ته ھر حال ۾ رھي قائم،
اھوئي منھنجي مقدر جو فيصلو آھي:
پھاڙ جھڙا ارادا رکان ٿو سيني ۾،
ھوا جي زور کان زيادھ ئي حوصلو آھي.
حقيقتن کي طبيعت جي روشني پھتي،
اڄوڪي دور جو دانا ڪري پيو محنت:
زمانو طئي ڪري آيو خيال جي بستي،
نرالي نور کي روڪي نٿي سگھي طاقت!