شاعري

لاٽ

هي ڪتاب”لاٽ“نامياري ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ سنڌ پرست شمشير الحيدري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ”لاٽ“ پهريون دفعو 1962ع ۾ طارق اشرف ڇپايو جيڪو اڻ لڀ ٿي ويو. 2012ع ۾ لاٽ جو ٻيو ڇاپو نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ان وقت شايع ٿيو جڏهن شمشير الحيدري آغا خان اسپتال ڪراچيءَ جي بيڊ تي زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪاٽي رهيو هو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
Title Cover of book لاٽ

آرزو جو سفر

لامڪانيءَ جي فساني کان وٺي،
لازمانيءَ جي زماني کان وٺي،
جسم جي بي انتھا تاريڪين ۾،
جاودانيءَ جي سفر ۾ سرگرم آھي ازل جي آرزو.

تون به ڪنھن جي ابتدا،
مان به ڪنھن جي انتھا:
تنھنجي منھنجي زندگي
تنھنجي منھنجي ماءُ جي دمدم دعائن جو اثر:
تنھنجي منھنجي زندگي جا صبح شام،
تنھنجي منھنجي پيءُ جي اڻکٽ اميدن جو ثمر
جسم جو ھر ھڪ جنم
ڪئين ڪروڙين آرزومندن جو موجودھ مقام:
بس ازل جي آرزو آھي مدام،
جاودانيءَ جي سفر ۾ تيزگام.

اي سندم دمدم دعائن جا نرالا شاھڪار!
زندگي تابندگي جا رازدار!
اچ ته مان تو کي ڪريان اڄ الوداع،
جسم جي تاريڪ راھن کان جدا:
مان ازل جي انتھا ۽ تون ابد جي ابتدا
اي سندم اميد جا براق ، صد صد مرحبا!

(ماھوار روح رھاڻ حيدرآباد اپريل 1965 ع سال نامو)