قطعا
اِھا ئي ڳالھه جھان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي:
ھي ظلم آھي اسان سان اوھان جي محفل ۾،
اوھان جي ڳالھه اوھان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي!
سدا ظلم جي مات چوندا رھياسين،
سرعام ھر بات چوندا رھياسين:
اوھان ڪيترو ئي دٻايو، ڌُتاريو،
اسين رات کي رات چوندا رھياسين.
27.7.1959
دِل جي پُر شوق دلاسن تي ھليا آياسين،
سُونھن وارن جي سَلامن تي ھليا آياسين،
ڪنھن شھنشاھ جو فرمان اسان تي نه ھَليو،
نينھن وارن جي نياپن تي ھليا آياسين.
درياھ کي قطري جي ضرورت سمجھو،
لڙڪن جي طلاطلم جي حقيقت سمجھو:
دل دوست جي فرقت ۾ ٿي روئي جڏھين،
انسان جي انسان سان الفت سمجھو.
جھانِ عشق جو سردار آخري آھيان،
حضورِ حسن ۾ حاضر وري وري آھيان،
ملنگ، مست، الستي، قلندري آھيان،
عجيب آھيان، ھزارن ۾ ”حيدري“ آھيان.
مشھور سندم نغمه سرائي آھي،
ھر حرف ۾ تدبير سمائي آھي:
مان جنھن کي جيئارڻ ٿو گھران، سو جيئندو،
تقدير جي تشريح اجائي آھي.
درد جي لذت جڏھين بيدار ٿي،
دل سراپا جنت ديدار ٿي:
ڪيتريون ئي الفتون جُھومي اٿيون،
ھر گھڙي گذري نگاهِ يار ٿي.
اڄوڪو ڏينھن به گذري ويو خيالن ۾،
اڄوڪي رات ڏکن جي ڀلا کُٽي ته سمھون:
ڪڏھن خيال، ڪڏھن انتظار ۾ آھيون،
اوھان جي ياد اسان کي سمھڻ ڏئي ته سمھون.
زماني جي تقدير بنجي چڪا،
نئون سج، نئون ڏينھن، نئين روشني:
انڌيرن جو رکوال سوچي پيو،
ته ڪيئن مارجي فڪر جي زندگي.
ڪڏھن ڪڏھن ته اوھين خود به ٿا وڃو وسري،
اسان جي دل کي ڪڏھن ڪو قرار ئي ڪونھي:
اسان کي آھي زماني تي دسترس حاصل،
اوھان جي ياد کان ليڪن فرار ئي ڪونھي.
ٻڌون ٿا ته اڄ چاره گر ٺيڪ ناھي،
مليريا جو گويا مڇر ٺيڪ ناھي،
ٺلھي جام تي سر جُھڪايو ٿا، قبلا،
اوھان جي به شايد نظر ٺيڪ ناھي.
سھسين سھڻيون، سائر ٻوڙيون، سائر ٻوڙيو پاڻ،
انت بحر جي اندر جي ير ڪا نه پئيسين ڄاڻ،
عمر سڄي ”شمشير“ گذاري پاڻ به سھڻن سان،
”سچل“ جي سرڪار ۾ پھچي، حُسن ڏٺوسين ھاڻ.