ويراني بلندرالحيدري/ عراقي شاعر
ساڳيا گھرڙا، ھڪ ٻئي سان لاڳو،
ساڳي ئي خاموشي،
ڪالھه ايئن ئي چوندا ھئاسين،
پاڻ سڀاڻي مرنداسين، ٻيھر جاڳي اٿنداسين:
باک ڦٽڻ سان،
جيئن جيئن رستو روشن ٿيندو،
گھر گھر اندران
ننڍڙن ننڍڙن ٻارن جا آواز انھيءَ تي
گونجي ويندا.
پنھنجي گذريل حالت، پنھنجون ڳالھيون
پنھنجون بيزاريءَ ۾ جيئندڙ زالون،
پنھنجون پٿرن جھڙيون، شيشي جھڙيون اکيون،
تن تي ھو سڀ کلندا، ٽوڪون ھڻندا، يادن کان بي بھروه ھوندا
تن کي جھوني رستي جي ڪا ڄاڻ نه ھوندي
ھو سڀ کلندا، ٽوڪون ھڻندا،
ڇو جو پنھنجي ڪل جو باعث کين نه
ڪنھن کان پڇڻو پوندو.
ڪالھه ايئن ئي چوندا ھئاسين
”پنھنجي موقعي سازيءَ سان،
وقت اسان جو ٺاھ ڪرائي،
ھڪ ٻئي سان گڏي ڇڏيندو
جيڏانھن ھڪڙو دوست اٿيو
ھوڏانھن ٻئي سڀ وير ڇڏيو“
ڪلھه جو ڏينھن به ڪيڏو گھرو
جذباتي ھو،
جو به چيوسين، شايد سمجھي
ڪين سگھياسين،
وقت اسان کي ھڪ ٻئي ساڻ ملايو آھي.
ليڪن ھڪڙو دوست اڃان بي دوست
بنيو،
ٻئي جي لئه واجھائي بيٺو،
ھاڻي سان جذبات جي گھرائي به وئي،
۽ آھن ساڳئي رستي تي،
ساڳي گھٽي، ساڳيا گھرڙا، ھڪ ٻئي سان لاڳو،
ساڳي ئي خاموشي،
۽ ٻئي پاسي، ھوڏانھن،
بند ٿيل درين جي پويان
وڏيون، ڦاٽل، ڏتڙيل اکيون،
پنھنجن ٻارن جي موٽڻ لاءِ
واجھائيندي،
پٿر جھڙيون، شيشي جھڙيون بڻجي ويون آھن،
خوف اھوئي آھي،
ڏينھن ختم ٿي ويندو!
رستو گم ٿي ويندو.!
(بلندالحيدري، اترئين عراق جي ڪُرد علائقي ۾ ڄائو. عراقي صدر صدام حسين جي مخالفت ڪرڻ سبب 1982ع کان لنڊن ۾ جلاوطن ھيو. 6 آگسٽ 1996ع تي 70 ورھين جي ڄمار ۾ لنڊن ۾ گذاري ويو. 1950ع جي ڏھاڪي کان، عربي لٽريچر ۾ آزاد نظم کي جدت ڏيندڙن منجھان آھي.)