شاعري

لاٽ

هي ڪتاب”لاٽ“نامياري ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ سنڌ پرست شمشير الحيدري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ”لاٽ“ پهريون دفعو 1962ع ۾ طارق اشرف ڇپايو جيڪو اڻ لڀ ٿي ويو. 2012ع ۾ لاٽ جو ٻيو ڇاپو نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ان وقت شايع ٿيو جڏهن شمشير الحيدري آغا خان اسپتال ڪراچيءَ جي بيڊ تي زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪاٽي رهيو هو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
Title Cover of book لاٽ

نعت

اڄ ته ڪو منھنجي تصور کي اچي خوشتر ڏسي،
عرش تي پھتو وڃي ڌرتيءَ جو دانشور ڏسي.

خلد ۾ انسان جي تخليق جو منظر ڏسي،
سڀ ملائڪ کي سراسر سجدي جي اندر ڏسي.

لعنتي ابليس کي خالق اڳيان خود سَر ڏسي،
۽ وري آدم حوا کي، بھشت کان ٻاھر ڏسي.

نُور کي مٽيءَ جي بوتي ۾ اچي اظھر ڏسي،
خُلق اعظم، احسن التقويم جو مظھر ڏسي.

ھو جلي ٿو اڳ ۾ ئي جبريل جو شھپر ڏسي،
ھو پُڄي ويو عرش اعلى تائين پيغمبر ڏسي