سونھن جي صدقي
ايڏي سھڻي،
جنھن کي ڏسندي، اکيون يڪٽڪ ڄمي ويون ٿي:
صورت ھن جي صبح سڀاڳو، رنگت شام شفق، جھڙ مان سورج
ليئو پائي، ھن جي ايئنءَ جھلڪ.
ھوءَ پياري ھئي، ڏاڍي پياري،
ايڏي پياري،
جنھن کي ڏسندي، دل سيني مان نڪري وئي ٿي:
ڳالھيون ھن جي کنڊ پتاشا، ماٺ به مصريءَ تڙ، ٽھڪ ايئن، جيئن
گھنگھرو گونجن، مرڪ ته وڄُ وَڪڙُ
ھوءَ نياري ھئي، ڏاڍي نياري،
ايڏي نياري،
جنھن کي ڏسندي، دل ۾ دردن دود دکيا ٿي:
اکڙيون ھن جون انتر منتر، جادو جنتر قد،
مڙي ڏٺو جنھن پنڊ پھڻ ٿيو، رستا راھون رد.
پوءِ ھڪڙي ڏينھن ايئن ٿيو،
ھڪڙي وحشي ظالم شخص ( جنھن جي ھو طلاقيل ھئي)
وجھه وٺي،
اھڙي سھڻيءَ، پياري نياريءَ صورت کي گھوگھا ڏئي ماري ڇڏيو!
ڇا جي لاءِ؟
جيڪا ھن لاءِ ھميشه بڻجي ويئي حرام
سا وري ڪيئن ٻئي جي لاءِ ٿئي حلال!
يعني ”منھنجي چکيل ڀاڄي، ٻيو ڪيئن کائيندو؟“
اي مالڪ، اي خالق، ساري جڳ جا پالڻھار!
قادر قدرت وارا، سائين ”دوست مٺا دلدار“
ھڪڙو عرض اگھائج، مولا
پنھنجي ھن گناھن ڀريل، عاجز گندي بندي جو:
. . . ھن کان پوءِ ھن کان پوءِ . . .
(معاف ڪجئين، اي منھنجا مولا!)
ھن کان پوءِ ھن ڌرتيءَ تي،
سھڻي پياري صورت ڪا تخليق نه ڪج،
۽ جي نرمل نازڪ ماڻھو ڌرتيءَ تي رھن پيا،
سڀ جا سڀ ناپيد ڪري ڇڏ!
ھڪ ئي پل ۾، ھيڪاندا!
ڀل ته اھا بيقدري ۽ بيذوقن واري
بيدردن، بيرحمن واري دنيا،
سونھن کان خالي،
پيار کان خالي،
بدروحن جو دوزخ بڻجي!
جنھن ۾ ڪنھن کي آئيني ۾ شڪل ڏسڻ جي لوڙ نه رھندي:
ڪنھن کي پاڻ وڻائڻ خاطر،
وھنجي سھنجي، ڌوتل ڪپڙا پائي،
عطر لڳائي،
ڪنگي ڏيئي، وار سجائي،
ماڻھو بڻجي،
جڳ سان گڏجي جيئري رھڻ جي آس نه رھندي،
پوءِ اکين مان گھورَ، چپن تان مرڪ اڏامي ويندي،
دلين اندر چاھت واري جوت اجھامي ويندي،
چڙ اندر جي اڌما ڏيندي، ذھنن کي ساڙيندي، جسمن کي ڳاڙيندي،
ھر ڪنھن منظر ۾ نفرت جا ڀوت پيا دانھيندا،
ھر ڪنھن چھري مان وحشت جي ڏائڻ ليئا پائي، ڏند ڪڍي پيئي،
ٽھڪ ڏيئي ڊيڄاريندي:
تڏھين پاڻا ، بيزاريءَ مان ھر ڪو پنھنجو ماس پٽيندو،
تڏھين ھر ڪو ھڪ ٻئي جو پيو رت چٽيندو.
اڀ ۾ ڪتيون، چنڊ۽ تارا پوءِ به ھوندا،
سمنڊ ۾ مڇيون ۽ موتي پوءِ به ھوندا،
ڪڪر ھوا ۾ پوءِ به ترندا، مينھن به پوندا،
پکي پسون ۽ وڻ ٽڻ وليون، باغ بھار پوءِ به ھوندا،
بس ھڪ ماڻھوءَ ذات نه ھوندي،
اڀ کان ڌرتيءَ تائين شاھي دوزخ ۾، بدروحن جو واسو ھوندو!
منھنجا مولا،
تون سونھارو، سونھن سان پيار ڪرين ٿو،
بس، تون پنھنجي سونھن جي صدقي،
سونھن سان پنھنجي پيار جي صدقي،
پنھنجي ھن گناھن ڀريل عاجز، گندي بندي جو ھي عرض اگھائج:
ڀل ھي دنيا بدروحن جو دوزخ بنجي!
بيشڪ مان به انھيءَ دوزخ ۾، بدروحن سان شامل ھوندس،
جيڪو پوءِ سڪندو رھندس پنھنجي وڃايل سھڻيءَ صورت
واري پياري ماڻھو لئه!
بخش ڪجئين، اي بخشڻھار!
پنھنجيءَ سونھن جي صدقي!
01.06.1996