ڪِچن جي اونداھي
ڪشادي روڊ تي ڪارن، بسن ۽ اسڪوٽرن جي اڻکٽ ڄڃ
ڪٿان اچي پئي، ڪيڏانھن وڃِ پئي تڪڙي،
الائي ڪير چڱا يا مٺا ھجن ان ۾،
وزير، سيٺ وڏيرا، يا ڪامورا
مزدور، ڪلرڪ، شاگرد يا پروفيسر،
دلال، ڪاٽڪو، بشني ۽ چور يا ڊاڪو
وٺي وڃن پيا ھڪڙي ئي واٽ سڀ ھيڪر،
الائي دل ۾ ھر ھڪ جي ڪا ھوندي واٽ ٻي ڪھڙي
ڪئين پيادا به ھلندا وڃن ٿا پاسن کان،
جوان، ٻار، عورتون، پوڙھا
۽ ھڪڙو ڳاڙھو ڪتو، روڊ جي پرئين پاسي،
ستو پيو آھي بنا کٽڪي ھيڏي ھل ۽ ھلچل ۾.
پري کان گوڙ ڪندي آئي ھڪڙي ائمبولنس
ھو ڳاڙھو ڪتو ڇرڪ سان پيو جاڳي،
ٻنھي ھٿن کي سپاھيءَ ھوا ۾ لھرايو،
۽ روڪجي ويئي ساري روان دوان ٽريفڪ.
ٻه ماڙ ڇت جي اوچائي تان ھيٺ گھوريندي،
اکيون جي چست ھيون زندگي جي چرپر ۾،
ڪشادي روڊ تي ھر پاسي پئي ڦريون، ڪمال ڦڙتي سان
چڙي ۽ ورچي ۽ مايوس ٿي مڙيون پٺتي.
ڀلا ٻليءَ کي انھيءَ ساري چھچٽي سان ڪھڙو ڪم؟
ھجوم ھيڏي ۾ ڏسجي نٿو ڪو ھڪڙو ئي ڪوئو!
اکين کي ھيءَ به فطرت جي آھي آگاھي
سڄي جھان کان بھتر ڪچن جي اونداھي.