شاعري

لاٽ

هي ڪتاب”لاٽ“نامياري ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ سنڌ پرست شمشير الحيدري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ”لاٽ“ پهريون دفعو 1962ع ۾ طارق اشرف ڇپايو جيڪو اڻ لڀ ٿي ويو. 2012ع ۾ لاٽ جو ٻيو ڇاپو نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ان وقت شايع ٿيو جڏهن شمشير الحيدري آغا خان اسپتال ڪراچيءَ جي بيڊ تي زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪاٽي رهيو هو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
Title Cover of book لاٽ

پنھنجي پاران

منھنجي ڪلام جو مختصر مجموعو، 1962ع ۾ طارق اشرف ڇپايو ھو. اسي صفحن جي انھي ڪتابڙي ۾ مختلف صنفون ڏنل ھيون، انھن گذريل پنجاھ سالن ۾ ٻه نسل مٿي چڙھي آيا آھن، جنھن دوران مختلف صنفن ۾ ڪلام جو وڏو ذخيرو موجود ٿي ويو آھي پر ھن مجموعي ۾ رڳو جديد انداز جا نظم ئي ڪٺا ڪيا ويا آھن. جديد نظم، اسان کي يورپي ٻولين وٽان مليو آھي، جيڪو بند جي شاعري ۽ آزاد نظم جي صورت ۾ لکيو رھيو آھي. انگريزيءَ جي سانيٽ ۾ چوڏھن سٽن جي مقرريءَ کان سواءِ ڪا به اھڙي ڳالھه نه آھي، جيڪا سنڌيءَ ۾ نه ايندي ھجي، البته ترائيل ۾ ڪافي تجربا سنڌي شاعرن ڪيا آھن. آزاد نظم، جيڪو اڳي اختلافن جي وڙ چڙھيل ھو، تنھن کي ھاڻي نطم جي مُستند صورت مڃيو ويو آھي.
ھن مجموعي ۾ بند ۽ آزاد نظم، ٻنھي صنفن جو ڪلام پيش ڪيو ويو آھي. ھي مجموعو ”نئون نياپو اڪيڊمي“ ڪراچيءَ پاران شايع ٿي رھيو آھي، جيڪو اڪيڊمي پاران ڇپجندڙ منھنجو پھريون ڪتاب آھي. جيڪو منھنجي لاءِ خاص اعزاز جي برابر آھي ان لاءِ آئون اڪيڊمي جي سرپرستن ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ انعام عباسي جو حجت منجھان ٿورائتو آھيان. جنھن ھن ڪتاب جي پڌري ڪرڻ توڙي ان جا پروف وڏي ڌيان سان چيڪ ڪرڻ جو ڪم ڪُل ملائي ٻن ھفتن ۾ پورو ڪرڻ لاءِ پنھنجي ذمي کنيو.
1962ع واري ڇپيل ڪتابڙي جو نالو ”لاٽ“ رکيو ويو، جيڪو وري نظمن جي ھن مجموعي تي، مواد جي خصوصيت سبب ساڳيو ئي رکيو ويو اٿم.
آخر ۾ آئون پنھنجي پُٽ سليم حيدريءَ جو ٿورائتو آھيان، جنھن ھن ڪتاب جي مواد گڏ ڪرڻ ۽ ترتيب ڏيڻ لاءِ ڪافي دلچسپي ورتي.

شمشيرالحيدري
2 جولاءِ 2012ع
ڪراچي، سنڌ