شاعري

لاٽ

هي ڪتاب”لاٽ“نامياري ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ سنڌ پرست شمشير الحيدري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ”لاٽ“ پهريون دفعو 1962ع ۾ طارق اشرف ڇپايو جيڪو اڻ لڀ ٿي ويو. 2012ع ۾ لاٽ جو ٻيو ڇاپو نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ان وقت شايع ٿيو جڏهن شمشير الحيدري آغا خان اسپتال ڪراچيءَ جي بيڊ تي زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪاٽي رهيو هو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
Title Cover of book لاٽ

سنڌ جو ضمير

آھي ڪو نظير بي نظير جو؟
اگر ھجي، جتي ھجي، اچي ھتي، ڏسي اچي نشان اوچتو تير جو.

خيال ۾، خطاب ۾، سوال يا جواب ۾،
نظر اچي ٿي ڪنھن کي اھڙي ھستي ڪائي خواب ۾،
اچي ٻُڌائي منصفن اڳيان ضرور، بالضرور فيصلو ضمير جو.

شھيد ٿي، سعيد ٿي، سا موت کان بعيد ٿي،
ڏسي ٿي پنڌ پيچڙا، نظر نظر جي ديد ٿي،
وڌائي ويئي ھمتن جي باب ساڻ قصور داروگير ھو.

سموري جڳ ۾ نامور، پنھنجي تر جي تاجور،
دردمند عوام جي ۽ امن جي پيامبر،
نرالو ھي شاھڪار، صاف آھي ڪرشمو، سنڌ جي خمير جو.