فرصت
سورھن ئي سينگار ڪري،
منھنجي من مندر جي در تي بيٺي آھي،
آس لڳائي:
نيٺ ته ڪڏھين فرصت ٿيندي،
نيٺ ته ڪڏھين وقت بچائي،
ساڻس ملندس ڀاڪر پائي.
ورھين کان ھو بيٺي آھي،
ورھين کان مان سوچيان ويٺو:
نيٺ ته ڪڏھين فرصت ٿيندي:
نيٺ ته ڪڏھين وقت بچائي،
ساڻس ملندس ڀاڪر پائي.