شاعري

لاٽ

هي ڪتاب”لاٽ“نامياري ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ سنڌ پرست شمشير الحيدري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ”لاٽ“ پهريون دفعو 1962ع ۾ طارق اشرف ڇپايو جيڪو اڻ لڀ ٿي ويو. 2012ع ۾ لاٽ جو ٻيو ڇاپو نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ان وقت شايع ٿيو جڏهن شمشير الحيدري آغا خان اسپتال ڪراچيءَ جي بيڊ تي زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪاٽي رهيو هو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
Title Cover of book لاٽ

حسن نظر

تون سڄو ئي وقت ٿي سامھون رھين،
مان سڄو ئي وقت مصروفِ نظر:
زندگي ڄڻ آھي دل جي رھگذر،
۽ زمانو ٻن نگاھن جو سفر.

تون الائي ڪيترو آھين پري،
مان خيالن ۾ رھان ٿو بيخبر:
زندگي ڄڻ آھي خوابن جو شھر،
۽ زمانو خوش خياليءَ جي نظر.

ھر گھڙي تنھنجي تصور ۾ رھي،
خود ئي بنجي ٿو وڃان حسن نظر:
زندگي ڄڻ آھي جَلِوَن جو گذر،
۽ زمانو تنھنجي الفت جو اثر.