انت بحر ۾ ھڪڙي لھر پري کان اڀري، ڊوڙي آئي ڪناري ڏانھن: پٿر سان خود کي ٽڪڙائي ريتيءَ ذرڙن کي جرڪائي، گم ٿي ويئي انت بحر ۾. انت بحر جي انت تري ۾، سھسين سھڻا موتي سپچن، جن سان جل پرين جون ٽوليون، ڀري ڀري سڀ پنھنجيون جھوليون، ويون ڪناري تي ورکائي، سورج داتا کي شرمائي.