تخليق جو اعتڪاف
ساري دنيا ٿي ڄاڻي،
مان وڏو ليکڪ، مان وڏو شاعر ۽ دانشور، وڏو عالم اديب:
منھنجي ھر ھڪ حرف ۾ تدبير جي جادوگري،
منھنجي ھر ھڪ لفظ ۾ تقدير جي صورتگري،
منھنجا نغما، منھنجا گفتا، ڄڻ ته سحرِ سامري:
اھڙي منھنجي شاعري،
جنھن سان جاڳي قوم ساريءَ جو نصيب:
قوم چاھي ٿي مان لکندو رھان،
سنڌ جي سانگيئڙن، جھانگيئڙن، ماروئڙن جون حالتون،
ڏسندو رھان، لڇندو رھان،
سنڌ جي سورن اندر سڙندو رھان، پچندو رھان،
قوم چاھي ٿي ڪي نغما انوکا ڳائجن،
سونھن ۽ سرھاڻ سان ناتا نوان ڪي لائجن،
ھجر جا ۽ وصل جا مفھوم ئي بدلائجن،
عشق جي نظرن کي ڪجھه وسعت ڏئي،
حسن جا معيار ٻيا ڪي ٺاھجن،
۽ سڄي تاريخ تي ليڪا ڏئي،
جنگ جا ۽ امن جا مطلب سڀئي ڦيرائجن،
قوم چاھي ٿي، وري
شاھ ۽ سچل جيان،
سچ جا ڀنڀٽ وڏا ڀڙڪائجن،
مچ تي ميڙا ڪجن،
۽ وري ٽانڊن تي واريل گيت ڳاڙھا ڳائجن،
مون انھيءَ جي لاءِ اڄ تخليق جي ھڪ نئين نراليءَ ڀٽ تي،
فڪر جي ھڪ نئين درازا شھر وٽ،
اعتڪاف آھي ڪيو خود اختيار،
مان ڏسڻ ڌاران ڏسان پيو ھر ڪو منظر، ھر ڪو حال،
مان ٻڌاڻ ڌاران ٻُڌان پيو ھر ڪا ڳالھه،
مان انوکا گيت پيو ڳايان وري،
جن کي ڪي الفاظ ناھن،
جن کي ڪوئي سُر نڪو آواز آھي:
ماٺ جا نغما اھي،
گيت ڳاڙھا، لال، ٽانڊن تي ورايل،
توکي ٻڌجڻ ۾ اچن ٿا؟. . . . .
ڪاش توکي باھ جھڙا لال ڳاڙھا ڪن ھجن!