تھذيب دشمن
ڳالھه پڌري به ھئي:
ڪالھه پوئين پھر
ڪير آيا ويا،
راڄ ساري اڳيان ڏئي ساري کري کي ويا چوچڙيءَ:
باھ ڀنڀٽ ڪيا،
ڪي ته ماڻھو مئا،
ڳوٺ جو ڳوٺ کن ۾ ويو سارو سڙي.
ڳوٺ جي رک مٿان،
دونھن ۽ دز منجھان،
ھڪ جُڳن جي جھريل جھور ٻُڍڙي ٿي دلدوز دانھون ڪيون:
ڇو ڀلا ڳوٺ منھنجو ئي ھر ھر اجاڙيو وڃي ٿو،
اباڻن ڪکن کي ئي ساڙيو وڃي ٿو؟
اڙي ڪوئي آھي جون مون ڏي اچي؟
اڙي راڄ وارا،
اڙي راڄ وارا،
اھا وارتا ڪو ته مون کان پڇي،
ڪير آيا ويا، ڪنھن ڏني چوچڙي،
ڪوئي آھي جو مونکي سڃاڻي سگھي،
ڪو ته مون کان پڇي،
منھنجي ٻانھينءَ جي چُوڙن تي تاريخ جا نقش ڄاڻي سگھي؟
مان ته آھيان مھين جي دڙي جي اھا نِرتڪي،
جنھن سوين بار ھن ”سک نگر“ جي دٻيل کنڊرن جي مٿان
ڳوٺ ٺھندي ڏٺا، ڳوٺ ڊھندي ڏٺا.
ڪير ايندا رھيا،
ڪير ايندا رھيا،
ڪير ڏيندا رھيا ھر دفعي ڳوٺ کي چوچڙي؟
مان جُڳن کان انھن کي، انھن جي اريءَ ۽ پريءَ کي سڃاڻان،
ھو دھشت ۽ وحشت جا باني مباني
ھي شيطان ثاني.
ھي تھذيب دشمن، ھي تھذيب دشمن ھي تھذيب دشمن ئي آھن نڀاڳا،
مھين جي زماني کان سنڌوءَ ڪنارن جي تھذيب تي سَڙن پوسرن ٿا.
اڙي راڄ وارا،
اڙي راڄ وارا،
اچو ۽ ڏسو، منھنجي ھٿ تي ھي تھذيب دشمن
خبيثن کي شھه مات جي چال آھي لکيل:
اوھانجي، شاھڪار تھذيب آھي قديم ۽ عظيم
ڪرشمو فقط آھي سنڌوءَ جي پاڻيءَ سندو:
جي پاڻي نه آھي ته سنڌو ڪٿي؟
جي سنڌو نه آھي ته تھذيب ڇا؟
ته اي راڄ وارا،
وڃي پنھنجي تھذيب جي لاءِ سنڌو بچايو،
۽ سنڌوءَ جي لئه ان جو پاڻي بچايو:
نجات آھي پاڻي،
جيات آھي پاڻي،
ھي پيغام آھي مھين جي دڙي جي ٻڍي نرتڪيءَ جو، اوھان جي امڙ جو.