شاعري

لاٽ

هي ڪتاب”لاٽ“نامياري ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ سنڌ پرست شمشير الحيدري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ”لاٽ“ پهريون دفعو 1962ع ۾ طارق اشرف ڇپايو جيڪو اڻ لڀ ٿي ويو. 2012ع ۾ لاٽ جو ٻيو ڇاپو نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ان وقت شايع ٿيو جڏهن شمشير الحيدري آغا خان اسپتال ڪراچيءَ جي بيڊ تي زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪاٽي رهيو هو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
Title Cover of book لاٽ

مٽيءَ جو ماڳ

جيون ڪوئي، جھوٽو آھي،
پوءِ به حياتي، اڻکٽ ۽ بي انت مسافر،
پنڌ جو ڪوئي ڇيھه نه ڇيڙو،
پوءِ به زماني جي راھن تي،
ڪيئي ڄمارن جي ھيءَ گاڏي،
اڄ به رھي ٿي اڳتي ھلندي،
مٽيءَ جي ھي ماڳ اڃا ڀِي سُر ۽ سازَ جي من موھيندڙ آلاپن سان گونجي پيو.

ڪڏھن ھن جي ”اڄ“ جي ڪائي سُھڻي سُھڻي ”ڪالھه“ به ھئي،
حال جي ھر ھڪ ڳِڙکِي پويان،
ماضيءَ جي ڪا سندر صورت،
سوچ لوچ جا ڳھڻا پائي،
پاڻ لُڀائي، ويٺي ٻھه ٻھه ٻَھڪي چَھڪي.

ڪنھن جي آس ۽ پياس جو تحفو،
ڪنھن جي سوچ جو گوشو گوشو،
پنھنجي سڃاڻپ جي نشاني ھر ڪو ڇڏي ويو.

مٽيءَ جي ھن ماڳ اندر،
ڀاڳ سَڀاڳَ جي اُھڃاڻن جو انت نه آھي
قبن ۾ مدفون محبت، عظمت واريون ڪيئي ڪھاڻيون،
گذريل گھڙين جي راھن تان، گذري ويندڙ پانڌيئڙن جون ڪيئي نشانيون،
جھور پراڻيون:
اڻکٽ ھسوارن جي گھوڙن جا ٽاپولين جا پڳ ۽ پيرا،
فتحمندن جا دڳ ۽ ديرا.

مٽيءِ جو ھي ماڳ اڃا ڀِي سُر ۽ سازَ جي من موھيندڙن آلاپ سان گونجي پيو،
پوءِ به رڳو خاموشيءَ جا بيجوڙ پڙاڏا ٻڌجن ٿا،
ڪڏھين ھن جي ”اڄ“ جي ڪائي سُھڻي سُھڻي ”ڪالھه“ به ھئي.

حال جي ھر ھڪ ڳڙکيءَ پويان،
ماضيءَ جي ڪا سندر صورت،
سوچ ۽ لوچ جا ڳھڻا پائي، پاڻ لڀائي،
ويٺي ٻھه ٻھه ٻھڪي چھڪي.

ھنِ ئي ھنڌن تي ڪڏھن وساريل وقتن پنھنجو اوج ڏٺو ھو،
ھن ئي ھنڌن تي ڪڏھن گلن تي بلبل پنھنجو رقص ڪيو ھو،
ڪنھن جي آس ۽ پياس جو تحفو،
ڪنھن جي سوچ جو گوشو گوشو،
پنھنجي سڃاڻپ جي نيشاني ھر ڪو ڇڏي ويو.

ھن ئي ھنڌن تي ھنرمندن جي ھٿن عجب شھڪار سنواريا،
اھڙا اھڙا وکر وھايا،
پئي پئي جي ڪڏھن نه ھرگز ٿين پراڻا.

اھڙا وينجھرَ،
جيڪي ڏات جا ڏيئا ٻاري، رات کي ڏينھن جو روپ ڏئي ويا،
ھاڻي سڀ ڪجھه مٽيءَ جي سيني ۾ آھي،
پوءِ به ھت ئي،
گذريل ڏينھن جي سا جڳمڳ جوت جلي ٿي،
جِھرمِر جِھرمِر، جَڳمڳ جوت جلي ٿي،
ڪِرڻو ڪِرڻو ذرڙن کي چمڪائي، چوڏس چنڊ ڪري ٿو،
ڪين منجھاران ڪُل ڪري ٿو.
منھنجي سھڻي پيار جي سنگم جي سھڻي ۽ پياريءَ ياد ۾:
ڪنھن مومل جي خوشين جي گھڙين جي ساٿي،
يا ڪنھن ٻانھياريءَ جي ڳورين ٻانھن کان وڇڙيل ڪا ٻانھين،
ڇِڻڪي ڇِمڪي، سُڏڪي سُڏڪي چُپ ٿي ويئي.

ھي مڻيا، ھي ماڻڪ موتي،
سورٺ جو سينگار بڻيا ھئا:
مارئي جي لَڄَ، لِيلا جي لئه مُوھ بڻيا ھئا:
نوريءَ جي لئه نياز بڻيا ۽ سَسُئيءَ جي لئه سورن جي سوغات بڻيا ھئا:
ھي مڻيا، ھي ماڻڪ موتي،
روپ وتيءَ ڪنھن ڪونجل ناريءَ پنھنجي ڳچيءَ ۾ پاتا ھوندا:
جوڀن جذبا جاڳيا ھوندا:
ٻھڪيون ھونديون ڀاڳ سڀاڳ جو روشن راتيون.

ھيءَ ئي آھي،
ھيءَ ئي آھي،
سونھن ڀري سا سھڻيءَ ڌرتي:
مٽيءَ جو ھي، ماڳ اڳي ھو،
اڄ ڀي آھي ماڳ مٽيءَ جو.

ڪنھن جي آس ۽ پياس جو تحفو،
ڪنھن جي سوچ جو گوشو گوشو:
پنھنجي سڃاڻپ جي نيشاندھي ھر ڪو ڇڏي ويو.

ڪلھه جي ڏات جو سورھيه سياڻو،
اڄ جو ڄامُ، سُڀان جو راڻو!
--------------------------------------------------------------------------------
مرڪزي خيال عطا ”شاد“ جي ھڪ مختصر نظم
تان، پي ٽي وي لاءِ تصويري فيچر 16 04 1979