وقت
وقت کي آھي سلام.
وقت ڪنھن جي لاءِ ترسي ڪونه ٿو.
وقت ويندو نيٺ گذري، جو ويو گذري سو موٽي ڪونه ٿو.
وقت ڪيئن گذري ويو، ڪل ئي نه پيئي،
سڀ غلط آھي، غلط آھي ، غلط!
وقت بيحرڪت ، سراسر بيوجود:
لازمانيءَ ۾ مڪانيت جو حسنِ اتفاق،
ڪھڪشاني روشنين، اونداھين جو کيل، گردش
ابتدا کان انتھا تائين فقط ھڪڙي خيالي شاھراھ،
جنھن تي دم دم زندگيءَ جا قافلا گذرن پيا،
وقت گذري ڪونه ٿو،
پاڻ ئي گذرون پيا.