مشورا
ته تون ڪجھه نه ڪر؟
ڀلا ڪير ٿو تو کي روڪي،
ته تون پنھنجي حسن دو روزه تي نازان نه ٿي،
جوانيءَ جي دولت تي شادان نه ٿي؟
چوي ڪير ٿو،
ته تون پنھنجي جوڀن جياريل، بھارن جي بخشيل، سُريلي ۽
شفاف، نرمل ۽ نازڪ، گلابي بدن تي،
سدا صاف، ريشم ۽ ڪمخواب و مخمل جي زرتار پوشاڪ پھرڻ
ڇڏي ڏي:
نه ڪر سينڌ سرمو،
۽ پنھنجن خيالن کي دل جي ئي ويران خانن ۾ جڪڙي،
تبسم جي چپڙن تي شوخيءَ جي سرخي لڳائڻ ڇڏي ڏي؟
چوي ڪير ٿو زماني کي قائل بڻائڻ ڇڏي ڏي؟
مگر ياد رک،
ته جوڀن جياريل، بھارن جو بخشيل، تنھنجو سريلو ۽ شفاف
نرمل ۽ نازڪ گلابي بدن ۽ زرتار پوشاڪ جو روپ رنگ
فقط آب و رنگ –
اھو منھنجو حسنِ نظر ئي ته آھي!
۽ تنھنجو تبسم؟
خيالن جي تاريڪ ويرانين ۾ تمنا جي گمنامين جو پڙاڏو،
فقط شور و شر!
مقدر جي کُھري ۽ ڪاري نرڙ تي،
نھايت ئي مبھم،
فقط چند ليڪا:
۽ صدين کان مان پنھنجي فڪر و عمل سان،
حياتيءَ جي ھڏکي
تحرڪ جو رت روح ڏيندو رھان ٿو:
مصور جي دستِ ھنر جو ڪرشمو؟
اھو منھنجو خون جگر ئي ته آھي!
مگر بنده پرور،
ھي تنھنجو ۽ منھنجو فسانو ته ناھي!
ايئن ئي،
خيالن جي لھرن تي لڏندي،
ستارن تي شايد نظر پئجي ويئي:
ايئن ئي سھي،
ڪڏھن تو به آھي ستارن تي سوچيو؟
محبت جي جذب و ڪشش جو عمل!
محبت جواني، محبت مقدر، محبت ئي تخليق جو روپ رنگ.
محبت خدا!
ته اي مھربان،
ڪڏھن منھنجي ميرن ۽ ڦاٽل ۽ بوسيده ڪپڙن،
۽ دامن جي چتين تي نفرت جون نظرون سڃيندو نه ڪر،
غريبن جي صورت ۽ حالت تي پنھنجي تبسم جا طعنا تڇيندو نه ڪر،
محبت جو مُنھڙو مٽيندو نه ڪر:
چوي ڪير ٿو
ته تون ڪجھه نه ڪر!