ڀت وڏو ڏوھاري آھي (شيخ اياز جي نظم ”سچ وڏو ڏوھاري آھي“ جي پيروڊي)
روز اول کان ڪاڙھيو ويو آ،
ڏاٺن ۾ چيٿاڙيو ويو آ
ٺاري ٺاري ماريو ويو آ،
ڪڏھن گيھه ٽڙڪايو ويو آ،
لوڻ ڪڏھن ڇرڪايو ويو آ،
مرچن سان ڦڙڪايو ويو آ،
ٽانڊن تي ٽھڪايو ويو آ،
دم ڏيئي ڌمڪايو ويو آ،
ھا، پر پوءِ به انھيءَ جي ساڳي
رھندي آئي ريت اڀاڳي:
جنھن جي پيٽ ۾ وٽ وجھي ٿو،
تنھن جو سارو چين کسي ٿو،
اڄ تو وٽ مھمان ٿيو آ،
پوءِ به ڪڏھن تو ھي سوچيو آ،
ڪنھن سان تنھنجي ياري آھي؟
ڀت وڏو ڏوھاري آھي!