شاعري

لاٽ

هي ڪتاب”لاٽ“نامياري ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ سنڌ پرست شمشير الحيدري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ”لاٽ“ پهريون دفعو 1962ع ۾ طارق اشرف ڇپايو جيڪو اڻ لڀ ٿي ويو. 2012ع ۾ لاٽ جو ٻيو ڇاپو نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ان وقت شايع ٿيو جڏهن شمشير الحيدري آغا خان اسپتال ڪراچيءَ جي بيڊ تي زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪاٽي رهيو هو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
Title Cover of book لاٽ

حمد

ھُو ئي ھُو، ھُو ئي ھُو!
ازل حقيقت، ابد حقيقت، حال حقيقت، ھُو ئي ھُو،
وحدت اندر ڪثرت وارو خيال حقيقت، ھُو ئي ھُو،
ھڪ ئي جوت جمال، حقيقت، ھُو ئي ھُو. . .

وڻن ولين ۾، گلن ڦُلن ۾، ڪک پن اندر ھُو ئي ھُو،
مٽيءَ پاڻيءَ، سورج چند ستارن اندر ھُو ئي ھُو،
ھڪ ئي جوت جمال، حقيقت، ھُو ئي ھُو. . .

ماڻھن پکين، حيوانن جي ساھن اندر ھُو ئي ھُو،
ڪاري ڳوري، شاه گدا جي روپن ۾ ھُو ئي ھُو،
ھڪ ئي جوت جمال، حقيقت، ھُو ئي ھُو. . .

مسجد مندر، گرجا اندر، ھو ئي وسي ٿو، ھُو ئي ھُو،
محلن جھوپن منجھه سراسر ھو ئي وسي ٿو، ھُو ئي ھُو،
ھڪ ئي جوت جمال، حقيقت، ھُو ئي ھُو. . .