پراڻا حربا (حسن ناصر جي شھادت)
ڪو نئون وار ڪرين ھا ته مڃان ھا شايد.
ھي ته صدين جا پراڻا اھي حربا آھن ،
جن کي ھر دور ۾ حاصل ٿي فقط ناڪامي،
جن کي ھر دور ۾ دھرائي ڏٺو آھي تو،
جن سان ھر دور ۾ ھارائي وئي سلطاني.
تو وري حُسن کي پھري ۾ لڪايو آھي،
تو وري عشق تي الزام لڳايو آھي،
تو وري ظلم کي مھمان بڻايو آھي،
تو وري زندھ ضميرن کي ستايو آھي.
تون وري زھر کي ماکيءَ سان ملائي ويٺو،
تو وري حق جو آواز دٻائين ويٺو،
تون وري قيد جي ديوار اڏائين ويٺو،
تون وري سچ کي گوليءَ سان اڏائين ويٺو.
منھنجي تخليق جي انسان کي ڦاھيءَ چاڙھي،
تون وري مون سان مقابل به ٿيڻ ٿو چاھين.
توکي معلوم به آھي ته اڳين جو ڇا ٿيو،
تو وري پنھنجو تماشو به ڏسڻ ٿو چاھين!
تون نه ٿو ڄاڻين ته مان وقت جو فرزند آھيان،
منھنجي لئه آد کان ھي راند جو ميدان آھي.
ڪوئي مون کان نه کٽيو آھي سِرن جي بازي،
منھنجي ھر چال ۾ نئين دور جو انسان.