عاشق ھليا اکين سان
لوچي لڌائون لبن سان، دلبر جو در درازي.
چائنٺ جنين به چائي، سُرڪي مِليَن سَوائي،
تيزيءَ ڪين توائي، ملان رھيو نه قاضي.
اکپور ۾ الستي، اھڙي نه ڪائي سستي،
مستيءَ جو مٽ نه ھستي، ھاري ڇڏيئون ھجاري.
جي پاڻ سان مخاطب، ٿيندا نه طُور طالب،
عبرت عجب عجائب، ديدار دم درازي
جانب جي جاءِ جاتي، ٿي روح راءِ تاتي،
ڇرڪيا الائي ڇاتي، محبوب سڀ مجازي.
مُلان مِٺي مِٺائي، قاِضي جي ڪُٺ ڪمائي،
چوکي چِکي ڪڙائي، ڪافر کڻي ويو بازي.
جن من ڪيو مٿيري، آيا اھي اويري،
ويو وقت واڳ ڦيري، ھيءَ ڳالھه آھي تازي.
”شميشير“ يار پنھنجو، ڏس ٿي ويو ڪنھن جو،
ڪونھي قصور تنھن جو، دردن ڪيو درازي.