انقلاب جي سرحد
خدا جي راھ ۾ انصاف کي به مرڻو پيو:
فلڪ کي ظلم جو ھي اھتمام ڪرڻو پيو،
قضا کي دين جي خاطر يزيد ٿيڻو پيو.
سدائين ڪوڙ کٽيو جبر جي سھارن تي،
دٻائي سچ کي تقدير جي حوالن سان:
رکي سياھيءَ جو الزام چنڊ تارن تي،
عجب مذاق انڌيرن، ڪيو اجالن سان.
جو زھر پيتو ھو سقراط ڪنھن زماني ۾،
گلن جي ماڪ، ستارن جو نور بڻجي ويو:
حيات جنھن جي طلب ۾ رھي ٿي سرگردان،
اھو ئي وقت جو دل جو سرور بڻجي ويو.
ڳلي جا طوق بدلجن پيا سدا، ھر سُو،
ڏکي نه آھي صدين جي حساب جي صورت:
صليب مان ٿي اچي اڄ بھار جي خوشبو،
عجيب آھي اھا انقلاب جي صورت.
گھڙيءَ گھڙيءَ کي زماني جي زندگيءَ حاصل،
ھزارين سال به تاريخ ۾ ويا گم ٿي:
جتي جتي به جُھڪيو حق جي اڳيان باطل
شفق ٿي چمڪي اتي انقلاب جي سرخي.
ڏسي ٿو ڪير ڀلا آفتاب تي سرحد،
ٻڌائي ڪير سگھيو آ خواب جي سرحد:
ڪروڙين ذھن فقط ھڪ ڪتاب جي سرحد،
وسيع آھي اڃا انقلاب، جي سرحد.