شاعري

لاٽ

هي ڪتاب”لاٽ“نامياري ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ سنڌ پرست شمشير الحيدري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ”لاٽ“ پهريون دفعو 1962ع ۾ طارق اشرف ڇپايو جيڪو اڻ لڀ ٿي ويو. 2012ع ۾ لاٽ جو ٻيو ڇاپو نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ان وقت شايع ٿيو جڏهن شمشير الحيدري آغا خان اسپتال ڪراچيءَ جي بيڊ تي زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪاٽي رهيو هو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
Title Cover of book لاٽ

لوممبا جي شھادت

عشق جي سُنسان واديءَ جي قريب،
درد جي درياه جون طُغيانيون،
رفتي رفتي بيڪران بنجي ويون:
قطري قطري ۾ محبت جو شعور ،
قطرو قطرو ڄڻ زماني جو ضمير.

فاصلن جون وسعتون ڪنھن جي لئه؟
وقت جون پيمائشون ڪنھن جي لئه؟
فڪر ڪڏھين ٿي سگھيو آھي اسير؟