ڪينجھر جي اڪيلي ڪونج
ھي ڪير آڪاس ڏي اڏاڻو، اداس صدين جي سونجھه آھي.
ھوا ۾ بارود جي ڌماڪن جي تيز بدبو،
گھٽين ۾ بيھوش آھي خوشبو:
سڄي شھر جي دلين دماغن ۽ ساھ سينن ۾ مونجھه آھي.
انڌيري اڌ رات ۾ ٻُريا ٿي جي سڏ پڙاڏا،
اھي يڪا يڪ الوپ ٿي ويا:
وڇڙي پنھنجي ولر کان مڪار مارين بيقصور ماري،
اڪيلي ڪينجھر جي ڪونج آھي.
(بينظير جي شھادت 27.12.2007 تي پي ٽي وي لاءِ)