شاعري

لاٽ

هي ڪتاب”لاٽ“نامياري ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ سنڌ پرست شمشير الحيدري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ”لاٽ“ پهريون دفعو 1962ع ۾ طارق اشرف ڇپايو جيڪو اڻ لڀ ٿي ويو. 2012ع ۾ لاٽ جو ٻيو ڇاپو نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ان وقت شايع ٿيو جڏهن شمشير الحيدري آغا خان اسپتال ڪراچيءَ جي بيڊ تي زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪاٽي رهيو هو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
Title Cover of book لاٽ

ھجرت

اربين سالن کان ھي سورجمندل آھي قائم پنھنجي توازن سان،
ايامن کان ڌرتي پنھنجي محور تي ھردم گردش ۾ آھي،
ايامن کان چنڊ ۽ تارا ڪتيون اڀ ۾ پيا ٿا چِلڪن چمڪن،
سمنڊ ۽ دريا، جھنگ جبل، ھي وڻ ٽڻ ٻوٽا چوڌاري،
پکين، جيتن، حيوانن جون ذاتيون لک ھزارين،
ڌرتيءَ ھيٺان ڌن جون کاڻيون، پاڻيءَ منجھه حياتي،
ڪڪرن مان برسات وسي ۾ مٽي سونھن اپائي،
ھي سڀ ڇا جي لاءِ؟
ٺھيل ٺڪيل مانڊاڻ ھي سارو،
آخر ڪنھن جي لاءِ؟
ڪنھن کي آڇي فطرت پنھنجو ايڏو عظيم الشان ھي تحفو،
جيڪو ھن مانڊاڻ جي مقصد ماڻڻ لئه تخليق اندر تخليق جو نئون مانڊاڻ اڏي،
ڌرتيءَ تي نت نوان نرالا منظر ڪي ايجاد ڪري؟
سو ته فقط انسان ئي ھو،
ساريءَ مخلوقات ۾ اشرف.

فطرت جو شاگرد اھو انسان وڏو ونھواري ھو،
ڌرتيءَ کي سينگارڻ لئه سھڪاري ھو،
پاڻي، مٽيءَ، باھ، ھوا ۾ ھن ھزارين. . . .
گھُپ انڌيرن ، انت اجالن جي طلسم سان،
حُسن ۽ حيرت جي سنگم تي،
سوين ھزارين ڪاڪ محل تخليق ڪيا.
فطرت جي چٽساليءَ اندر،
فنڪاريءَ جي بيحد خوب ڪماليت سان،
تبديلي جا رنگ رچايا.

فطرت جي ھمراز انھيءَ انسان، گھڻيون آسيسون ماڻي،
ڌرتيءَ تي ڏاھپ جي مثالي تھذيبن جا جھنڊا کوڙيا،
پولارن ۾ پيھي ھن زمان مڪان جا ڀيد پروڙبا،
اشرف مخلوقات، انھيءَ اڙٻنگ وَڙولِيا دَنگَ سمورا.

ٽھڪ ڏنا شيطان انھيءَ دانائيءَ جي نادانيءَ تي،
عَقل جي آڪڙخانيءَ تي،
پوءِ امالڪ،
ھڪڙي اڻکٽ مرڪ، شرارت جي چڻنگن سان ڀريل، ھن جي جھنم راز چپن تي ڀڙڪي پيئي
پوءِ يڪايڪ،
صدين تائين بارودن، بم گولن جا ازغيبي ڪئين پڙلاءَ فضا ۾ گونجي ويا.

بارودن، بم گولن جي ازغيبي پڙلائن تي موھت، مست مگن ٿي،
اشرف مخلوقات تڪبر جي گھوڙي تي، سنج رکي نافرمانيءَ جا،
فطرت کان تخليق جي ھر ڪا گوءِ کٽڻ لئه،
ھن جي سڀ مانڊاڻ کي چڪنا چور ڪرڻ لئه،
مٽيءَ، پاڻيءَ، باھ، ھوا ۾ ڀري ڇڏيا انبار سراسر بارودن جا.
ڌرتيءَ کان آڪاس، سڄو ماحول ويو، ٿي زھريلو،
سج، چند، تارن، ڪتين جو سنسار ڏڪي ويو،
سمنڊ ۽ دريا، صحرا ۽ ڪهسار ڪنبي ويا،
پکين، جيتن، حيوانن جا ساھ سڪي ويا،
فطرت جو سارو ئي سھڻو باغ لڳو انسان اجارڻ جي پويان،
تڏھين غيض غضب سان ڀرجي،
فطرت پنھنجي اصولن، قانونن، اختيارن جي طاقت سان،
پنھنجو ردعمل ڏيکاريو، بيحد سختيءَ، بيرحميءَ سان،

سج سوا نيزي تي اچڻ لاءِ پنھنجي تپش کي تيز ڪيو،
سمنڊ مڇرجي پيا ۽ ھوا سان طوفانن جا بند ڀڃڻ جي سٽ سٽي،
جبلن پنھنجا آدجڳادي، اڻکٽ، اڻ ملھه، برف ذخيرا ڳاري دريائڻ ۾ اڇلڻ شروع ڪيا،
دريائن برفاني دنيا جو سڀ پاڻي خالي ڪرڻ لئه، سمنڊ سان ڳٺجوڙ ڪيو،
باھ قيامت بڻجي جبلن جي چوٽين کي ڌماڪن سان ڏاري ڦاڙي،
پٿرن کي پاڻيءَ جيئن پگھاري، ڦوھارن جي صورت ۾،
ڄڀين، الن، ٽانڊن جي برسات وسائي،
ڌرتيءَ پيداوار جي قوت پوڻي ڪئي،
مٽيءَ پاڻيءَ نين نرالين بيمارين کي جنم ڏنو،
ٻوڏن، سوڪھڙن، بيمارين، ڏرت ڏڪارن، طوفانن، ڀونچالن جو ھڪ کيل عجائب جاري ٿي ويو.
ڌرتيءَ تي انسان جو آئيندو ھاڻي ناممڪن ٿي پيو.
ڪڏھين اڳتي، سج جا ڪرڻا چڻنگون بڻجي ،
سڀ جيوت کي ساڙي ڳاري رک ڪندا،
ڪڏھين اڳي ڌرتيءَ جو ھي گولو،
سج سان ايئن ٽڪرجي وِکري ويندو، جيئن ڪو واريءَ ڪوٽ ھوا ۾ ڪڻو ڪڻ ٿي وڃي اڏامي.

اشرف مخلوقات جو اھڙو مرضيءَ جھڙو انت ڏسي،
خوشيءَ وچان شيطان ھنبوڇيون ھڻي، تڪبر سان، اھڙا زھريلا ٽانڊن سان ڀريل ٽھڪ ڏنا،
جن جنت جي ديوارن کي گرمائي ڇڏيو
۽ ڇرڪ ڀري رضوان ڪنن تي ھٿ رکيا.

فطرت، جيڪا پنھنجي پياري ٻالڪ يعني اشرف مخلوقات جي رھبر آھي،
۽ جا اراڏاين تي ھن کي سيکت ڏيندي آئي آھي،
تنھن کي آخر ترس اچي ويو.

ٻي گھڙيءَ ۾، ھن جي مڻيادار چپن تي ھڪ آفاقي مُرڪ کنوڻ جيان تجلا ڏيندي ترندي آئي،
جنھن سان يڪايڪ پولارن جون راھون جڳ مڳ چمڪي ويون،
فطرت جي منشا جي اشاري سان انسان ڏسي ورتو آئيندي جو خواب،
نئين ڪنواري ڌرتيءَ ڏانھن ھجرت جو خواب.

ڌرتيءَ جو فرزند ڪَري پيو نئين نويلي ڌرتيءَ ڏانھن ھجرت جي تياري،
جنھن جي ڪنواريءَ مٽيءَ اندر سانڍيل ھونديون ڪئين ڪروڙين سالن جون سوغاتون،
جنھن جي زرخيزريءَ جي سگھه پراڻي، ڌرتي جي پھرئين ئي ڏينھن برابر ھوندي،
جنھن جي ھوا ۽ پاڻي، کاڌو ميوا، ڊگھو جياپو آڇيندا.

جنت جھڙي ، جنت ھوندي نئين ڪنواري ڌرتيءَ
فطرت جو فرزند ڪَري پيو جنت ڏانھن ھجرت جي تياري.