شاعري

لاٽ

هي ڪتاب”لاٽ“نامياري ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ سنڌ پرست شمشير الحيدري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ”لاٽ“ پهريون دفعو 1962ع ۾ طارق اشرف ڇپايو جيڪو اڻ لڀ ٿي ويو. 2012ع ۾ لاٽ جو ٻيو ڇاپو نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ان وقت شايع ٿيو جڏهن شمشير الحيدري آغا خان اسپتال ڪراچيءَ جي بيڊ تي زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪاٽي رهيو هو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
Title Cover of book لاٽ

اڌ صديءَ جو داستان

عمر جي معصوم، مخلص مرحلن ۾،
زندگيءَ جي راھ تي،
ھمسفر ھڪڙو مليو ھو
اھڙو ئي معصوم، مخلص،
جھڙي ھن جي عمر ھئي.

ڪا خبر ئي ڪانه ھئي ڪھڙو سفر ھو،
ڪا خبر ئي ڪانه ھئي، ساراه ڪيڏانھن ٿي وئي،
ڪا خبر ئي ڪانه ھئي، اڳتي ڪٿي منزل به ھئي
بيخبر اکڙيون ھيون،
بيخبر دلڙيون ھيون.
بس ايئن ئي بيخبر،
وقت جي وڻراھ تي،
ٽھڪ ڏيندا، کيڏندا، کلندا، ڪڏھن پوپٽ ۽ ڀنڀوريون جھليندا،
يا وري،
رنگ برنگي گل پَٽي جھوليون ڀريندا،
چند تارن کي تڪيندا،
ھڪٻئي جو ھٿ جھلي،
جھومندا، ڳائيندا، ھلندا ٿي رھياسين:
ڪيستائين؟ڪنھن طرف؟
ڪا خبر ئي ڪانه ھئي.

پنڌ سارو ھو گلن جي فرش تي،
ھر قدم سرھاڻ جون اوتون ھيون،
ھڪڙي ئي موسم بھاريءَ جي ھئي،
ڇانورا وڻڪار جا، بادل ھئا، بوندون ھيون.

پوءِ ھڪ ڏينھن اوچتو،
ڪيئن الائي،
ھڪٻئي جو ھٿ ھٿ مان ويو ڇڏائجي:
وقت جي وڻراھ تي ڪارا ڪڪر ويا ڇانئجي،
۽ وڏي گجگاه ڪنھن جنگل ۾ ڦاسي،
پنھنجي پنھنجي منھن ٻئي ڀٽڪي وياسين،
سڏ پڙاڏاگونجندا، ھر پل پري ٿيندا رھيا،
دل کي گھائيندا رھيا:
نيٺ ھڪٻئي کان ايئن گم ٿي وياسين،
ڄڻ ھميشه کان ئي اڪيلا ھئاسين:
پنھنجي پنھنجي واٽ ھر ڪنھن کي ملي اڳتي ھلي،
زندگي گذري ايئن روئي کلي، اڳتي ھلي.

اڌ صدي جي ڳالھه آھي،
زندگيءَ جي راھ تي،
حال واري موڙ تي،
اڄ وري سو ھمسفر سامھون اچي بيٺو ھئم!
بت بڻيا حيرت وچان،
ايئن تڪيندا ٿا رھون ھڪٻئي جا چھرا،
ڄڻ ڊٺل ڪنھن چِٽ جون ليڪون خيالن ۾ ملائي،
رنگ تن ۾ يادگيرين جا ڀري،
ڪا تصور جي پرانھينءَ ڪنڊ ۾ دٻجي ويل تصور ٺاھيندا ھجون.
ھوريان ھوريان،
پوپٽن، گلڙن ۽ ڀنڀورين جا ڪيئن منظر اڀرن ذھن ۾،
روح ۾ سرھاڻيون پالوٽ ڪن ٿيون،
۽ يڪايڪ،
ھن جون اکڙيون ٻوٽجي، ڇرڪ سان ٻيھر کلن ٿيون جنھن گھڙيءَ،
ھن جي چپڙن تي سوين رابيل مرڪي ٿا پون:
۽ وري،
ٻيءَ گھڙيءَ،
مرڪ جا رابيل سڀ ڪومائجي، وکري وڃن ٿا،
۽ اکين ۾ ھڪ وڏي گجگاھ جنگل جا نظارا ڇوھ سان پيھي اچن ٿا،
سڏ پڙاڏا، ويجھڙا ٿي، ذھن ۾ گونجڻ لڳن ٿا،
ھو ڪنن تي ھٿ رکي، ٻيھر اکيون ٻوٽي ڇڏي ٿو،
مان ڏسان ٿو،
سو ڪنول چھرو ڪٿي؟
وقت جي وڻراھ تي، جر جھنگ جي بيرحم ڪوسين، تيز طوفاني ھوائن،
ھن جو سارو جسم لوساٽي ڇڏيو ھو:
گل گلابي ڳل ھئا ڪنڊن سان رھڙيل،
۽ لڦون پيرن جون چِڪيون پئي اڃان.

ھڪ ٻئي کان جي پڇي پڇجي ته ڇا؟
ھڪ ٻئي کي جي ڏسي ڏسجي ته ڇا؟
ماجرا ساڳي ھئي، دل جي ڪٿا ساڳي ھئي،
آپ بيتي ھن جي منھنجي، برملا ساڳي ھئي،
ھو اکيون کولي چوي ٿو ايترو:
سمنڊ تان اڏري اچڻ ٿيو ھو ھتي،
سمنڊ تان اڏري وري وڃڻو اٿم.

سوچيان ٿو،
اڌ صدي جو ھڪ ”زمان“ جو فاصلو گذريو ته ڇا،
اڌ صديءَ جو ٻيو ”مڪان“ جو فاصلو بڻجي ويو:
زندگاني ڄڻ ”زمان“ جي ۽ ”مڪان“ جي فاصلن جو جھنگ آھي،
جنھن جي ڪنڊن ساڻ ڦٽجڻ ھر محبت جي مسافر جي اصل تقدير آھي.
مون ٽنگي آھي سندم دل جي پراڻي ڀت تي،
وقت جي ڊٺل اھا تصوير، جنھن تي رنگ ليڪا يادگيرين جا
ڀريندس پيو انھيءَ منظر کي جوڙڻ جي لئه،
جو ھجي منھنجي ۽ منھنجي ھمسفر جي درميان خالي
”زمان“ جي ۽ ”مڪان“ جي فاصلن کان.

ٽه ماھي ”مھراڻ“ 3.1995