نيرين اکڙين وارو چنڊ
بيد جي شاخسارن سان گڏجي وئي،
مان نديءَ جي ڪناري، خيالن جي موجن تي ھسوار ھلندو رھيس.
اوچتو راڳ آلاپ جون تيز لھرون اٿيون،
سارو ماحول پر ڪيف، پر سوز نغمن سان گونجڻ لڳو.
ڇا خبر، وقت جي ڪھڙي رفتار ھئي،
چند گھڙين اندر، ايتري ئي فقط پيئي مونکي خبر،
ھوس حاضر حسنين جي جھرمٽ اندر
جن جي صورت گلابن کي گھايل ڪري،
جن جو جوڀن بھارن کي برھم ڪري،
ھار سينگار ۾ سرس ھر ڪا ڄڻي:
تاج پاڻيءَ جي بيداغ گلڙن جو پھري ۽ گردن ۾ مکڙين جي مالا وجھي،
سا سراپا ھئي پرين جي راڻي بڻي.
ڪيستائين سي ھڪٻئي جي ڳچين ۾ ٻانھون وجھي،
ڳائينديون، مرڪنديون، ٽھڪ ڏينديون رھيون.
مون پڇيو، ”ڪنھن جي خاطر ٿيون ڳايو اوھين؟“
سڀني مرڪي چيو، ”جن جي موٽي اچڻ جون اميدون اٿئون.“
ھڪ ڄڻي پيءُ جي لاءِ ھئي منتظر،
ٻئي ڄاڻي ڀاءَ لاءِ حيران ھئي،
جنھن کي ليڪن ھئي آس محبوب جي واپسيءَ جي
سڀن کان زيادھ پريشان ھئي.
مان نديءَ جي ڪناري، اداس ۽ اڪيلو، خيالن جي موجن تي،
ھسورا، اڳتي وڌيس:
جنھن گھڙيءَ پنھنجي پويان يڪايڪ نگاھون ورائي ڏٺم،
چنڊ نيرين اکين سان ڪئي پئي سدم رھنمائي!
”سھڻي“ حيدرآباد : ٻيو پرچو.
(سورھينءَ صدي جو يوناني شاعره بلز سھڻين تشبيھن ڪري مشھور آھي، فرانس جي جڳ مشھور اديب پيري لوئي 1926ع ۾ سندس نظمن کي نظماڻي نثر ۾ ترجمو ڪري ”سانگ آف بلز“ نالي سان شايع ڪيو. بلز جي ھڪ نظم جو ھي منظوم سنڌي ترجمو پيري لوئيءَ جي ترجمي تان ڪيل آھي.)