شاعري

لاٽ

هي ڪتاب”لاٽ“نامياري ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ سنڌ پرست شمشير الحيدري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ”لاٽ“ پهريون دفعو 1962ع ۾ طارق اشرف ڇپايو جيڪو اڻ لڀ ٿي ويو. 2012ع ۾ لاٽ جو ٻيو ڇاپو نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ان وقت شايع ٿيو جڏهن شمشير الحيدري آغا خان اسپتال ڪراچيءَ جي بيڊ تي زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪاٽي رهيو هو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
Title Cover of book لاٽ

مزدورن جو عالمي ترانو

(مزدورن جي عالمي تراني ”انٽرنيشنل“ جو ترجمو)

اٿو اٿو، بکن جا ماريل اٿو!
اٿو اٿو، ڏکن جا ڏاريل اٿو!
اي ڳڻتين جا ڳاڙيل، مصيبتن جا ماريل،
صدين جي سازباز سان، صليب تي سمھاريل،
اٿو اي وقت جا وساريل اٿو!

اٿو جو ھاڻي فيصلي جو سج پيو ڪَني ڪڍي،
اٿو جو ھاڻ ھڪ نئون جھان پيو جنم وٺي،
اٿو نصيب جا ڌڪاريل اٿو!

ڏسو ته ھو روايتن جا ڪاڪ محل پيا ڪرن،
ڏسو ته ھو غلامين جا ڪوٽ ڍير پيا ٿين،
اٿو مصيبتن جا ماريل اٿو!

اٿو جو ھاڻ پنھنجي ھيءَ جنگ آھي آخري،
سنڀاليو پنھنجا مورچا، محاذ تي وري وري،
اٿو اي ڳڻتين جا ڳاڙيل اٿو!

اٿو نئين نظام کي سلام سڀ ڪريون ملي،
نئون نياپو ”انٽرنيشنل“ جو عام ٿئي ڀلي،
اٿو اي وقت جا وساريل اٿو!
-----------------------------------------------------------------------

ڪورس
مک فنڪار: دين محمد شيخ
ڌُن: ڪريم شھاب الدين
”نئين زندگي“ ڪراچي: اپريل مئي 1975ع
23 اپريل 1974
پي ٽي وي تان پھرين مئي تي پيش ٿيو.