شاعري

لاٽ

هي ڪتاب”لاٽ“نامياري ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ سنڌ پرست شمشير الحيدري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ”لاٽ“ پهريون دفعو 1962ع ۾ طارق اشرف ڇپايو جيڪو اڻ لڀ ٿي ويو. 2012ع ۾ لاٽ جو ٻيو ڇاپو نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ان وقت شايع ٿيو جڏهن شمشير الحيدري آغا خان اسپتال ڪراچيءَ جي بيڊ تي زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪاٽي رهيو هو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
Title Cover of book لاٽ

مسرت جي منزل

زمانو نه بيٺو،
ڪڏھن قافلا زندگيءَ جا نه بيٺا!
ھي منزل جا دوکا، ھي دوکن جي منزل،
ھي خوش فھميون ۽ غلط فھميون،
ھي منزل جي رخ تي ھزارين ئي وڻڪار جا ڪاڪ محلات،
پنھنجي ڪمالات جي دلڪشيءَ سان،
ھر ھڪ راھرو قافلي کي، ايئن ئي، پيا عيش آرام
جون دعوتون التجائون سڃيندا!
نھايت ئي مسرور آھن نگاھون،
نھايت ئي مشڪوڪ آھن نظارا
تصور جي تخليق جا ڪارناما،
ھي بيجان پٿر، ٿر جي مورن ۽ شيرن جي بيروح،
بي پھچ بتن جو سؤ سؤ قطارون،
ھي گمراھين جون ھزارين مزارون،
مڙئي ڪوڙ آھن. (مگر چند آثار الزام جي دائرن ۾ نه آھن)
اھي سڀ نظارا،
اسان کان اڳي ئي، زماني جي راھن تي پنھنجي
قدم آزمائي ڪندڙ پيشروئن جي جولان جي ڌوڙ آھن.
مسرت جي منزل جي تاريخ بيحد پراڻي پراڻي،
ازل کان ابد جي مسلسل ڪھاڻي!
ھي منزل نما سائبانن جا کنڊر،
ھر ھڪ راھرو قافلي جي نشاني،
شڪسته ۽ ويران:
انھن تي تعجب ڪريو يا نه ڪريو،
اھي سڀ ايئن ئي، اتي ئي، زماني جي پرزور،
پيرن ۾ پامال ٿيندا!
گھڻي دير ٿي ويئي انھن کي تڪيندي،
وري رات ٿي ويئي انھن کي تڪيندي،
وري رات آئي، وري صبح ٿيندو،
ايئن ئي، انھن رات ۽ ڏينھن جي سلسلن ۾،
زماني جي رفتار جو علم عرفان دٻجي وڃي ٿو!
زماني جي تاريخ تي ھڪ نظر،
ٿي بخشي ازل ۽ ابد جو شعور،
مسرت جي منزل طرف ھڪ قدم،
ڏئي ٿو نئين زندگي کي جنم:
سدا لازوال آھي انسان جي عظمتن جو ظھور!
اھا آھي بس زندگيءَ جي حڪايت،
اٽل آھي بس وقت جي رھگذر تي نظارن جي
تبديلين جي روايت،
ته اي ھمسفر ساٿيو، مھربانو،
مسرت جي منزل جا راھي جوانو!
پُڪاري پئي وقت جي عام نوبت:
نرالن نظرن جي تخليقن جا ڪارناما، اوھان جي
جھان ساز نظرن ۾ مستور آھن،
خوشيءَ جا خزانا، مسرت جا ھي لمحا تازا ترانا،
اوھان جي سخن ساز شيرين زبانن جا دستور آھن،
اوھان جي صدا صاف فڪر و عمل ۾،
حياتيءَ جي فنڪارين جا ھزارين ئي شھڪار معيار موجود آھن
مسرت جي منزل پڪاري پئي:
عبث آھي ماحول جي مٽجندڙ منظرن تي قناعت،
اٿو، ڪُوچ ڪريو!
قدم باقدم، وقت جي رھگذر تي،
خوشيءَ جي ترانن جي جھونگار ڪريو،
نرالن نظارن جو اظھار ڪريو!
۽ جيڪي طلسمات جي ڪاڪ محلات ۾ کوئجي ويا،
انھن کي ڇڏي ڏيو، ايئن ئي، سندن حالتن جي حوالي:
ڀلي وائڙن جيان نگاھون ڄمائي،
بنا سرت، چپ چاپ، بيٺا رھن سائبانن جا بيڪار کنڊر تڪيندا!
انھن تي تعجب ڪريو يا نه ڪريو،
اھي سڀ، ايئن ئي، اتي ئي زماني جي پر زور پيرن ۾ پامال ٿيندا!
زمانو نه بيٺو،
ڪڏھن قافلا زندگيءَ جا نه بيٺا!